امن جا وٿاڻ ــ ڪُتُب خانا ۽ قبرستان
هرڪو ماڻهو هٿيارن سان
آهي بڻيو شهزور.
انسانيت جي اک ۾ آهن
ٽُنبيل ڳاڙهيون تتل سيخون
هر هيڻو ويڳاڻو آهي
جو ڪجھه آهي ناڻو آهي
دولت جي دروازي تي
عزت عظمت ٻانهي آهي.
ٻارُ علامت آهي امن جي
معصومن جي مُرڪ سُتل آ
ڌرتيءَ جا ڌاڙيل ٿا جاڳن
ٻيلي ۾ گوليءَ جي ٻولي.
ڪيئي ڏيهي اغوا ٿي ويا
گولين آڏو پرزا ٿي ويا
ڀنل اکين جا سپنا ٿي ويا
ڊنل دل جا دهڪا ٿي ويا.
بازارون ڀڙڀانگ سمُوريون
اونداهيءَ جي چادر اوڙهي
رات جي ناتر ناچ نچي ٿي
چٻرن جا آواز اچن ٿا
ڏورانهين شمشان ۾ ڪنهن
امن جون اوڇنگارون آهن.
طاقت جي طُوفان جي آڏو
امن ته آهي
ڪکن پنن جو آکيرو
امن علامت آهي ڳيرو
ماري آهي موت جو پاڇو
هر ڏَسَ ۾ مارين جا مارا
وشال نيري اُڀَ تي
ولر ڳِجھُن جا لامارا،
ماڻهو ماڻهو موت جي مورت
آشائون انگاس ٽنگيل
جذبا ڪُٺل رتوڇاڻ
سُک جا سارا ڀينگا ڀاڻَ.
ڪُتُب خانا ۽ قبرستان
امن جا آهن هاڻ وٿاڻ
ماٺ جي اهڙي منڊَ ۾
اخبارون ڳالهائن ٿيون
ديوارون ڳالهائن ٿيون
امن پکيءَ جي کنڀَ اڃان ڀي کوهيل هن
ائٽم جي اولاد اڳي کان اڳري آ.