مايوسين کي موت به ايندو
ڪيڏا کُهرا ٿي ويا آهن
تُنهنجي هٿن جون هَڙَ ريکائون
پٿر بڻجي ويئيون آهن.
چهري منجھه لڪيرون ايئن
ڄَڻُ ڪنهن ڳُتيل شهر جا رستا
اگھه پورهئي جا ڪيڏا سستا!
تُنهنجون ساريون سُندر سوچون
ذهن نگر ۾ ڊوڙي ڊوڙي
هاڻِ ٿڪجي پيئيون آهن.
وڏ ـ گھراڻي محبوبا جان
ننڊ به توکان دُور وئي آ
خوابن لئه ترسن ٿيون اکيون.
ماڙين ڀرسان پنهنجي جھوپي جان
تُنهنجو ڪنڌُ جھڪي ويو آهي
سوچَ جو سَرُ سُڪي ويو آهي
پورهئي جي پئسي مان ڪڏهن
پڪيون جايون جڙنديون ناهن.
بابل! هتي ائين ڇو آهي؟
پنهنجون ڀينر مائُر ساريون
ويم گھرن کان ڪوهين ڏُور
هيڊا ٻار ڄڻڻ کان اڳ ۾
پاڻ مري ڇو وينديون آهن..!
ائين ڇو آهي؟
راڄ پنهنجي جا سارا روڳي
شفاخانن جي دروازن تي
ڪوسو ڪوسو رَتُ اوڳاڇي
ڪُٺل پکيءَ جيان ڦتڪي ڦتڪي
نيٺ برف ٿي ويندا آهن.
ويڄَن وٽ آ وقتُ مهانگو
پنهنجو رَتُ سهانگو آهي
بابل! هتڙي ايئن ٿيندو آ
مسڪينن جي مڙهه لئه ڪوئي
ڪانڌي بڻجڻ ڪونه ايندو آ
دنيا جا دستُور سگھارا
پنهنجُون سوچُون سکڻيون هيڻيون.
پر او بابل!!
ائين سدائين ناهي رهڻو
خنجر بڻجي پنهنجا خُواب
ساڀيائن جا سينا چيري
نيٺ ته جَڳَ ۾ جرڪي پوندا
مايوسين کي موت به ايندو
آخر اهڙو ڏينهن به ٿيندو.