تيز هوا ۽ آکيرو
منهنجا مُنجھيل موڳا مَنَ!
”تيز هَوا ۽ طوفانن سان،
ڪکن پنن جي آکيري جي،
آخر ڪهڙي حُجت هلندي!“
شِشي ـ گھر جي دروازي تي،
تنهنجو آڌر ڀاءُ نه ٿيو،
تنهن پل تن جي سامهون توکي،
پيارا ڪو پڇتاءُ نه ٿيو ــ
هاڻي ويٺو مينهن وسائين،
ور ور مونکي پيو ٻڌائين:
”وشال گھر ۾ رهندڙ ماڻهو
دل جا ڪيڏا سوڙها آهن“
۽ مان تنهنجا لُڙڪ ڏسي
اُڀ ڏي کَڻي نهاريان ٿو.
رات جا سارا تارا زخمي،
چنڊُ اُداس ۽ اڻپورو،
ڄڻُ تنهنجو چهرو ــ
ڪيڏو مون سمجھايو توکي،
مُنهنجا مُنجھيل موڳا مَنَ!
جي تون منهنجي ڳالهه مڃين ها،
بادل بڻجي ڪين وسين ها!