هُٻڪارن جو هنڌُ هُٻڪارن جو هنڌُ پيار جتي ٿو پوکجي. ٻيرڻ جنهن جي ٻانهن ۾، ساهن منجھه سُڳنڌُ پيار جتي ٿو پوکجي. پير گُلابي پنکڙيون، پهڻن مٿان پنڌُ پيار جتي ٿو پوکجي. آڏو سچيءَ سُونهن جي سڀُ نوايون ڪنڌُ پيارُ جتي ٿو پوکجي، هُٻڪارن جو هنڌُ.