ڌُٻڻِ ۾ ڦاٿل زندگيءَ جي صَدا
منهنجي پيءُ جو نانءُ نه ڪوئي.
پر، هُئي منهنجي جيجل مٺڙي
هن شهر جي پينَڻِ هڪڙي.
هڪ ڏينهن ماءُ مٺيءَ کان مون،
پنهنجي پيءُ جو نانءُ پڇيو هو
جيجل اکيون آليون ڪندي
منهنجي ڳَلَ کي چُميندي چيو هو:
”تنهنجي سُڃاڻپ مونسان پُٽڙا!
تنهنجي پيءُ جو نانءُ نه ڪوئيــ“
تنهن پَل هوس آءٌ ته ابهم
ماءُ مٺيءَ جي ڳالهه نه سمجھيم.
هاڻِ جڏهن آ ساڃهه آئي،
ڳالهه اچي وئي سمجھه ۾ سا، ئي ــ
هن ئي ساڳي روشن شهر ۾
جيجل ڦوههَ جوانيءَ ۾
پنهنجو ميرو جوڀن سارو
لوڪان جڏهن لُٽايو هو
مونکي تڏهن نپايو هوـــ
ياد اچي ٿو،
هڪ ڏينهن ڏاڍو سيءُ لٿو هو
تيز اُتر جو واءُ لڳو هو
جيجل پنهنجي ڪپڙن سان ڀي
منهنجو انگ ڍڪيو هو.
ڏاڍي سيءَ لڳڻ سان منهنجي
انگ اُگھاڙي ماءُ مُئي هُئي ــ
روڊَ ـ ڪناري ٽي ڏينهن تَنهن جو
لاش پيو هو ــ
لاش جڏهن هُئي ڌَپَ ڪئي
شهر واسين جي گوڙ ڪرڻ تي
هڪڙي لاري لاشُ کَڻي وئي ــ
هيڏي ساري شهر ۾ پوءِ
آءٌ اڪيلو رهجي ويس.
روڊ ـ ڪِناري پنندي پنندي
اڄُ ڏينهن تائين
آءٌ اڪيلو آهيان ــ
ناهي مُنهنجو ڪوبه سَهارو
منهنجو پيءُ زمانو سارو
مُنهنجو نالو نَبُو آ سائين!