ڏيئا پائن ليئا اکِ، اوندهه، ۾ اٽڪائي، لاٽ نه وِسڻي آهي! وات پَٽي، طوفان ويا، ڪکَ پنَ کي ڳڙڪائي لاٽ نه وِسڻي آهي! ڪاري رات جي ڪامڻي، ڇيرين کي ڇمڪائي لاٽ نه وِسڻي آهي! مايوسِين جي ويرانين ۾ روح نه ڪو ڀٽڪائي لاٽ نه وِسڻي آهي! ڏيئا پائن ليئا، اکِ، اوندهه ۾ اٽڪائي!