زندگي ڏاڍي ڪَڙي زندگي ڏاڍي ڪَڙي زهر ڄڻُ هر ڪا گھَڙِي وِلهه ۾ پئجي رهيا، ٻارڙا سارا رڙي نينگري دَرَ تان بُکي، تو تَونگر ڇو تَڙِي؟ مُفلسيءَ جي موت تي ڪين آيو ڪو لَڙي بُک جو دوزخ تَتو سرڳُ ويو سارو سَڙي.