ادل سومرو، هڪ ڀلو شاعر ۽ پيارو ماڻهو : نصير مرزا
اڇا ادل وائيءَ جو شاعر آهي يا گيت جو، غزل جو يا نظم جو.... هيءَ ظمي کولي سڀُ صنفون پڙهندو پيو وڃان ۽ زمانن ۽ زمينن کي ويٺو ذهن ۾ دهرايان ته ادل کان هيءَ وائي ڪهڙي گھٽيءَ مان گُذرندي ٻڌي اٿم. هي غزل فيڪلٽيءَ جي ڏاڪڻين تان لهندي ڪهڙي موڊ ۾ ڪنايم، هي نظم ڪهڙي هاسٽل جي ٽيبل تان ڊائري کڻي سندس غير موجودگيءَ ۾ پڙهيو هيم. سچي ڳالهه ته هيءَ به آهي ته، هن پياري شاعر، جا صنف لکي آهي، سا نهايت پُختگيءَ سان، نهايت سچيتا سان. هر صف ۾ هن پنهنجي ڏات جي چڻگائي تيلي روشن ڪئي آهي. انڪري مان ادل کي ڪنهن به هڪ صنف جو شاعر سمجھڻ بدران مُڪمل شاعر سمجھندو آهيان. ۽
سچُ ته ادل جي شاعري پڙهي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ الڳ شاعر جو انڀو ٿئي ٿو. اسلوب جي سطح تي به، ۽ لهجي ۽ ٻوليءَ جي سطح تي به. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾، شوقين شاعر جا گودام ڀريا پيا آهن. پر ڏٺو وڃي ته منفرد اسلوب ۽ انفرادي لهجي وارا شاعر گھڻا آهن؟ ڳڻپ ڪرڻ لاءِ آڱرين تي آڱوٺو رکندا سين ته پنج ڇَههَ آڱريون خالي رکڻيون پونديون. مان ادل کي نهايت اعتما سان سنڌي ٻوليءَ جي ۽ خاص ڪري نئين ٽهيءَ جي انهن ٽن چئن شاعرن مان هڪ ٿو سمجھان جن وٽ نه فقط لهجي جي انفراديت موجود آهي، پر ان سان گڏو گڏ اظهار لاءِ هن وٽ بلڪل پنهنجو هڪ انوکو ميڊيم به آهي. تڏهن ته مان اڪثر يارن کي چوندو آهيان ته، ادب ۾ ڪيترائي سومرا پاڻ پتوڙن پيا. پر سائين! غلام نبي سومرو ۽ ادل سومرو ڪير سڏائي؟ ادل گزيٽيڊ شاعر آهي. ان جي باوجود مون هن کي ڪڏهن به ڪمپليٽ سوٽ ۽ نيڪ ٽاءِ جي ڪاسٽيوم ۾ ناهي ڏٺو. نه ڪڏهن وار وڌائي جينز پائي، اشتهاري عشق ڪندي، نه ئي خلائن ۾ خواب ڏسندي، خيالي محبوبائن کي لَو ليٽرس لکندي ڏٺو آهي.
ادل جي تن اندر جيڪو من آهي، ان جو ڪو هڪ رُخُ ڪونهي. اجھو بنهه ڏاهن ٻارن وانگي سيرئس ويٺو آهي، ۽ اجھو ويٺو هاڻي پاڻ به کلي ۽ خلق کي به کلائي. لفظن مان پُتلين جو تماشو ڏيکارڻُ، ميجڪ شو منعقد ڪرڻ جي جيتري سَگھهَ ادل ۾ آهي، شايد ئي سندس ڪنهن همعصر وٽ هوندي. ادل، سُٺن ۽ وٽي جملن جي ڪمپيوٽر مشين آهي. سندس طبيعت روان ٿي وئي ته، جهڙو آٽوميٽڪ مشين: انهن جملن جو هوند ڪيٽلاگ ٺاهجي ته انهن جو تعداد ادل جي ڪُل شاعريءَ کان به وڌيڪ ٿيندو. اڇا! ادل جي شاعريءَ مان نظرين جي ڌپَ ٿي اچي يا مٽيءَ جي خوشبو؟ ظاهر آهي مٽيءَ جي خوشبوءِ.... ها! نظرياتي سطح تي، شاعري ادل وٽ سَگھهَ سو ضرور آهي، پر سلوگن نه قطعي نه ۽ ريڊي ميڊ ڳوڙها، نه، پمفلٽ بازي ..... بس رُڳو هڪ شدت ۽ پيڙ منجھه اوس آهي. جيڪا ذهن کي جھنجھوڙي
دل کي تڙڦائي ٿي وجھي. وليون وڻ ڦلاريا ۾، سڀ گُل سُرها سڀُ وليون سُرهيون ۽ سڀُ وڻ سدا بهار آهن، جن کي اکين ۾ رَکي ڇَپر ڀيڙبا ته، لُڙڪن جي صورت ۾ ڪُجھه رَتُ ڦُڙا اوس ڳڙي پوندا، ۽ اهو ئي ادل جي شعرن جي ملهائيو حصو به ته آهي. ۽ هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو آدرش آهي، اُهو ماڳ جو سَمورو پنڌُ کڻي نه، پر ٻه ٽي وکون روشن ڪرڻ جي سَگھهَ ضرور رکي ٿو. ادل ۾ هڪ خرابي به ته آهي اها هيءَ ته، ڏينهن به ڏينهن اسين وڃون پيا جھُونا ٿيندا ۽ هو آهي جو اڃان تائين اهڙي جو اهڙو، اوڏي جو اوڏو. اڇا! ادل کي ’بودليئر‘ جي لفظن ۾ سدا جوان رهڻ جو حق به ته آهي! ڇو؟ ڇوته، هن ڪڏهن به اسان سان ڪُوڙ نه ڳالهايو ــ
شال ادل جو قلم سدا سلامت رهي ۽ سندس آڱريون ان جي بوجھه کان ڪڏهن به نه ٿڪجن، ڪڏهن به نه....!
نصير مرزا
20.05.1984