ڪاڳر تي تقديرون آهن ڪاڳر تي تقديرون آهن، طاقت تي تدبيرُون آهن. هرڪو گيت بغاوت آ ڄڻُ، سوچن تي شمشيرُون آهن. پيار سچي جي پيڙهه مٿاران، نفرت جُون تعميرون آهن. گوليءَ جي ٻوليءَ ۾ لکيل، خوابن جون تعبيرُون آهن. منهنجا نظم، غزل ۽ وايون، چاهت جون تصويرون آهن.