اُجڙيل بستي دُونهن جا ديرا گولين گُونجون، بَمَ ـ ڌماڪا، لوٺيا! تنهنجي لاءِ تماشا. لالَ لهوءَ ۾ لويل ناري، هاءِ، اُجھاڻي ڪنهن جي آشا! اُجڙيل بستي دُونهن جا ديرا، چچريل چٿيل، ننگا لاشا. هر هنڌ نفرت ناچ نچي ٿي، ڪوبه نه ڄاڻي پيارَ جي ڀاشا! بيروت ۾ انساني ڪوس جي پسمنظر ۾ لکيل