جوڀَن سَدا جھُڙالو رهندو جوڀَن سَدا جھُڙالو رهندو پنهنجو نينهن نرالو رهندو. ڀَلي پکيڙي مايا اُوندهه اُلفت جو ته اُجالو رهندو. نفرت جي جلاد جو ڪيسين قُربَ جي ڪُکِ ۾ ڀالو رهندو. جذبن جو اظهار به ٿيندو ڪيسين چپن تي تالو رهندو. نيهن ـ نگر جي ديوارن تي پيار وارن جو نالو رهندو.