ڪارن ڪڪرن جي ڏوليءَ ۾ آد جُڳاد کان، تنهنجو رُوحُ، منهنجو رُوحُ، ٻيئي پيار جي پنڇي ها ــــ ڪارن ڪڪرن جي ڏوليءَ ۾، ٻيئي اڇا اُجرا، پيار پکيئڙا، چُهنب سان چُهنب ملائي، ڳائيندا ها، پيار جو گيتُ، عبادت جو گيتُ.