هڪڙي پلَ جو ميلو آهي هڪڙي پلَ جو ميلو آهي هرڪو هتِ اڪيلو آهي ڇولين جي ڇڙواڳيءَ سامهون مُنهنجو جھُورُ بتيلو آهي پيار کان وڌ کا پُوڄا ناهين، هر پل پيار جو ويلو آهي مُرڪ جا موتي ويٺو ونڊي، ماڻهو ڪو اربيلو آهي سڀڪنهن کي ٿو پنهنجو سمجھي يارو! ادلُ ڳهيلو آهي