ماڻهو سُتل جاڳيل ڀاڳَ ماڻهو سُتل جاڳيل ڀاڳَ، باک نه باتيون، راتيون راڳَ. منڊَل سارا مٽجي ويا پر، اڃان چرين جا ساڳيا چاڳَ. جبل جهڙا جذبا گھُرجن، پرين پسڻَ جا پنڌَ اُجھاڳَ. نيٺ ته جاڳڻَ جاڳي پوندا، وقت جي واري ايندا واڳَ. سُک جا سُرندا ٻيهرَ ٻُرندا، مُرڪي پوندا مارُن ماڳَ.