جيون توڙي دردَ هزارَ جيون توڙي دردَ هزارَ، پوءِ به نه مڃبي مٺڙا هارَ! مُرڪ مهانگي ملندي جي، ته به، نه ٿيندي لُڙڪن لار! واندو ويهي واٽ نه ڏسُ، ڪوبه نه لهندءِ سکڻي سارَ! ڪَرڻو پوندو پنهنجي ٻَلَ تي، مڙئي گُذارو منهنجا يارَ! ساھُ کَڻِي ڪيڏو ڀي سوگھو، دل کان ڌرتي ناهي ڌار.