تقديرن جو ليڪو ڪارو تقديرن جو ليڪو ڪارو تدبيرُن جو روشن چارو. بند ڪَيَئي ڇو اکڙيون پيارا! اڃان ته آهيان آءٌ اُڃارو. ٻُڏندڙ سِجَ جو منظر آهي آءٌ اڪيلو سَمُنڊَ ڪنارو. جاڙَ جياپي کان آ بهتر مُرڪي مُرڪي موتُ او يارو! مُونجھارن جي مارڳ منجھه مليو اسان کي سُونهن سَهارو.