تاريخي ماڳن کي ٻيهر دفن ڪري ڇڏيون !
شاهه لطيف جي ڪردارن ليلا چنيسر ۽ ڪونئرو جي قديم ماڳ تان ٺيڪيدار پاران روڊ ٺاهڻ لاءِ ڪرين وسيلي مٽي کڻڻ جي خبرن ۽ تصويرن ڏسڻ سان دل کي ڌڪ لڳو ۽ خيال آيو ته جيڪڏهن انهيءَ تاريخي ماڳ مٿان وڌيڪ مٽي وجهي ان کي دفن ڪيو وڃي ها ته بهتر ٿئي ها، جو دفن ٿيڻ سان اهو ماڳ محفوظ ته رهي ها! انهيءَ کان هڪ ڏينهن اڳ اسان اهي خبرون به پڙهي چڪاسين ته حيدرآباد ۾ به هڪ ٺيڪيدار ئي ڪنهن تاريخي عمارت مان نڪتل پٿرن کي پنهنجي گهر اڳيان روڊ تي سجائي رکيو آهي! اهي خبرون به ڪي گهڻيون پراڻيون ناهن ته هڪ واپاريءَ لاکين جي دڙي تي پنهنجي مال جا گدام ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اروڙ جي تاريخي آثارن تي هڪ ڌر پاران ٻيهر تعميراتي ڪم جي شروعات به ڪئي وئي، جيڪو ڪم في الحال رڪيل آهي. مڪليءَ ۽ ٻين تاريخي ماڳن تان وقت بوقت قبرن جا ڪتبا ۽ اڪريل پٿر پڻ چوري ٿيندا رهيا آهن!
سنڌ جي قديم آثارن ۽ تاريخي ماڳن جي لتاڙ، ڀڃ ڊاهه، قبضا ۽ اتان قيمتي تاريخي نوادرات جون چوريون ڪا نئين ڳالهه ناهن. سڄي دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ جي بيحد اهم حوالي موهن جي دڙي جو مثال به اسان جي سامهون آهي. جڏهن 1922ع ۾ سر جان مارشل پهريون ڀيرو انهن آثارن جي کوٽائي ڪرائي ته اتان ڊانسنگ گرل ۽ پروهت جي مجسمن کان سواءِ مهرون، زيور، ٺڪر جا ٿانوَ، رانديڪا ۽ ٻيون ڪيتريون شيون مليون هيون. سنڌ جي تاريخي ورثي جي انهن ناياب نشانين مان ڪي شيون برطانيا موڪليون ويون ته ڪي هندستان. ڪجهه لاهور ۽ ڪراچيءَ جي ميوزيمز جون زينت بڻايون ويون ۽ باقي بچيل موهن جي دڙي تي قائم ٿيل ميوزيم ۾ رکيون ويون، پر موهن جي دڙي واري ميوزيم ۾ رکيل نوادرات لاءِ حفاظت جو مناسب انتظام نه هئڻ سبب انهن تي راتاهو لڳو. 10 مئي 2002ع تي چور ميوزيم کي کاٽ هڻي مهرن سميت 40 تاريخي نوادرات چوري ڪري ويا. ويجهي ٿاڻي جو ايس ايڇ او، موهن جي دڙي تي ئي قائم ٿيل آرڪيالاجي کاتي جي ڪوارٽر ۾ ننڊ پيل رهيو ۽ موقعي تي، توڙي ڪجهه فاصلي تي موجود ٿاڻي جا اهلڪار به غافل ئي رهيا. اهڙي واردات تي غافل ته حڪومت، اسان جا سياسي ليڊر، قومپرست اڳواڻ ۽ مجموعي طور تي عوام به رهيو، جن سڀني سنڌ جي هنن تاريخي نشانين کي ٺڪر پتر سمجهي ڪا اهميت نه ڏني. مقامي سطح تي ڪجهه ننڍڙا احتجاج ضرور ٿيا، پر وقت سان گڏ اسان انهيءَ هاڃي کي وساري به ڇڏيو آهي! هن هيڏي ساري تاريخي راتاهي تي سرڪاري غفلت جي انتها اها هئي ته ڇهه سال گذري وڃڻ کانپوءِ، 2008ع ۾، وفاقي حڪومت جي آرڪيالاجي کاتي جي سيڪريٽري شاهد رفيع جڏهن موهن جي دڙي تي پنهنجي پهرين دور تي پهتو هو ته صحافين پاران چوري ٿيل نوادرات بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾، هن آرڪيالاجي کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڏانهن ڏسي، حيرت ۽ بي خبريءَ مان پڇيو هو، ”يهان سي نوادرات ڪي ڪوئي چوري ڀي هوئي هي ڪيا!؟“ سرڪاري ادارن جي اها تاريخي بي خبري ته اڄ تائين موجود آهي، جو اڄ ڏينهن تائين اهي تاريخي نوادرات هٿ اچي ناهن سگهيا! پوليس پنهنجي روايتي انداز واري ٻڌ ڇوڙ به ڪئي، پر پوليس وٽ ڏنو پٽ ڇُٽي جو هوندو آهي، ان ڪري ڪيس چالان ٿي ڪورٽ ۾ ته پهتو، پر ڪيس مضبوط نه هئڻ سبب گرفتار ٿيل ملزم ضمانت تي آزاد ٿي ويا. چيو وڃي ٿو ته آرڪيالاجي کاتي وارن ته هن ڪيس لاءِ وڪيل ڪرڻ جي زحمت به گوارا نه ڪئي هئي!
سنڌ جي قديم تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن کي هن دور ۾ ڪو ارغونن ۽ ترخانن ڪو نه لٽيو ۽ لتاڙيو آهي، پر اهو ڪم اسان پاڻ ئي ڪندا رهيا آهيون. ٻنهي وڏين عيدن سميت ۽ ڪجهه ٻين موقعن تي موهن جي دڙي تي ميلا لڳائي به تاريخي آثارن کي چيڀاٽيو ۽ ناس ڪيو ويو آهي. موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ موٽر سائيڪلون ڊوڙائڻ جا مقابلا به ٿيندا رهيا آهن ته انهن ئي گهڙين ۾ نوجوان موٽرسائيڪلن تي ون ويلنگ به ڪندا رهيا آهن. شڪارين پاران شينهن کي ماري، بندوق هٿ ۾ جهلي، شينهن جي لاش مٿان لت رکي فوٽو ڪڍرائڻ جيان، ڪاوش جي رڪارڊ تي ئي اهڙيون تصويرون موجود آهن، جن ۾ نوجوان موٽر سائيڪل کي اسٽوپا تي مٿي چاڙهي، اسٽوپا جي مٿاهين ديوار تي لت رکي بيٺل نظر آيا هئا. اسان پاڻ ئي پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي لتاڙي ۽ چيڀاٽي خاتمي ڏانهن ڌڪي رهيا آهيون. اهڙن موقعن تي آرڪيالاجي کاتي سان گڏ، انتظاميا توڙي پوليس جو ڪردار به عام طور تي فقط تماشائيءَ وارو ئي رهيو آهي ۽ موقعي تي موجود اهلڪار به عام طور تي نوجوانن جا اهڙا ڪرتب ڏسي تاڙيون وڄائيندا رهيا آهن!
حيدرآباد توڙي شهدادپور مان رپورٽ ٿيل سنڌ جي قديم آثارن جي ڀڃ ڊاهه ۽ لتاڙ تي، تازو وفاق کان سنڌ حوالي ٿيل آرڪيالاجي کاتي، توڙي سياسي پارٽين، قومپرست ڌرين، علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن سميت سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار به هن معاملي تي فقط تماشائيءَ جهڙو ئي لڳي ٿو. ان ڪري حيدرآباد توڙي شهدادپور جي، تاريخي آثارن جي ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ٺيڪيدارن کي به ڪا ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي، جو اسان وٽ هونءَ به ”ڏني“ جي پٽ جو نالو ”ڇٽو“ ئي هوندو آهي ۽ ڪڏهن به سندس وار ونگو نه ٿيندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ته دنيا جي سڀ کان اهم تاريخي ماڳ موهن جي دڙي ۾ لڳل ڌاڙي جي ڪيس لاءِ ئي وڪيل نه ڪيو ويو هو ته انهن ٺيڪيدارن ڪو ان کان وڏو ڏوهه ته ناهي ڪيو!
موهن جي دڙي ڀرسان ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سڄاڻ ليکڪ مرحوم انور پيرزادي، موهن جي دڙي جي لتاڙ ڏسي چيو هو ته، ”اسان جيڪڏهن موهن جي دڙي کي بچائڻ جي لائق ناهيون ته انهن آثارن جي ٿيل کوٽائيءَ کي ٻيهر دفنائي ڏنو وڃي!“.
موهن جي دڙي جو فقط چوٿون حصو کوٽيل ۽ ظاهر ڪيل آهي، جڏهن ته ٽي حصا اڃا دفن ٿيل آهن، جنهن ڪري گهٽ ۾ گهٽ اڃا تائين اهي محفوظ ته آهن. ان ڪري ليلا چنيسر ۽ ڪونئرو جي ماڳ تان روڊ ٺاهڻ لاءِ ڪرين سان مٽي کڄندي ڏسي دل ۾ خيال آيو ته جيڪر ان تاريخي ماڳ تان مٽي کڻڻ بجاءِ، وڌيڪ مٽي وجهي دفن ڪري ڇڏين ها ته چڱو ٿئي ها، جو اهو ماڳ دفن ٿيڻ سان محفوظ ته رهي ها!
اڱارو 11 جنوري 2011ع