ويا مور مري ...
کير ٿر جي پهاڙن جي هنج ۾، مون کي اها رات بيحد پراسرار محسوس ٿي هئي، جنهن جي اونداهيءَ ۾ فاصلن تي جانورن جون اکيون چمڪندي نظر اچي رهيون هيون. هوا جي زوڪٽن سان گڏ انهن اکين جي چرپر سبب جسم ۾ خوف جي لهر ڊوڙي ٿي وئي ۽ پراسراريت جي احساس ڪري لونءَ لونءَ ڪانڊارجي پئي وئي، پر اديبن ۽ صحافين جي مهمانيءَ خاطر، جهنگلي جيوت کاتي ان پراسرار رات کي ”جهنگل ۾ منگل“ بڻائي ڇڏيو هو. اهو 17 مئي 1999ع جو هڪ گرم ڏينهن هو، جڏهن منجهند جي وقت اديبن ۽ صحافين کي ايئر ڪنڊيشنڊ فور ويل گاڏين ۾ کير ٿر نيشنل پارڪ جو مطالعاتي دورو ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد کان ڪرچات طرف نيو ويو هو. حيدرآباد-ڪراچي سپر هائي وي تي ته مون سوين دفعا سفر ڪيو هو ۽ سپر هائي وي کان ٿاڻي بولا خان طرفان ويندڙ روڊ طرف به ڪيترائي دفعا نظر وئي هئي، پر ان ڏينهن مان پهريون دفعو ان طرف ويو هوس. ميداني علائقو لتاڙي جڏهن اسان سپر هائي وي کان نظر ايندڙ پهاڙي سلسلي جي ٻئي طرف پهتا هياسين ته مون کي ڄڻ اها دنيا ئي ٻي لڳي هئي. گاڏيون روڪرائي جڏهن ڪجهه دير لاءِ هيٺ لٿا هئاسين ته اتي هر طرف پنڊ پهڻ ٿيل سپون نظر آيون هيون، جو ڪنهن زماني ۾ اهو سڄو علائقو سمنڊ جو حصو رهيو آهي. ٻه ٻيا پهاڙي سلسلا اورانگهڻ کان پوءِ اسان سج لٿي مهل ڪرچات پهتا هئاسين. ڪرچات ۾ بجلي ته ڪونه هئي، پر اسان جي پهچڻ شرط اتي موجود وڏا جنريٽر هلائي، رات جي اونداهي ڦهلجڻ کان اڳ ئي ”جهنگل ۾ منگل“ جي ابتدا ڪئي وئي هئي. ڪرچات سينٽر ۾ رات جي مانيءَ لاءِ ٻين طعامن سان گڏ گوشت جا وڏا وڏا ڀڳل ٽڪرا به پيا هئا، پر انهن جي وڏي ڳوڙهي جهڙي سائيز ۽ رنگ سبب مون ان طرف هٿ ئي نه پئي وڌايو. تڏهن منهنجي ڀرسان ويٺل منهنجي دوست نياز پنهور انهن مان گوشت جو هڪ ٽڪرو منهنجي پليٽ ۾ وجهي چيو هو، ”کائي ته ڏس!“ ۽ جڏهن مون ان گوشت جو ننڍڙو ٽڪر پٽي وات ۾ وڌو هو ته زبان کي اهو ذائقو محسوس ٿيو هو، جيڪو ان کان اڳ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به محسوس نه ٿيو هو. مون اتي موجود جهنگلي جيوت کاتي جي هڪ آفيسر کان پڇيو هو ته ”اهو ڇا جو گوشت آهي؟“ تڏهن ان آفيسر مرڪي چيو هو ته ”فڪر نه ڪيو سائين، ٻڪري جو گوشت آهي.“ پر گوشت جي ذائقي توڙي آفيسر جي ذومعنيٰ مرڪ سبب مون کي يقين نه آيو هو ته اهو ٻڪري جو گوشت هو. مان سمجهان ٿو ته جهنگلي جيوت کاتي بنا اعلان جي، ڪنهن ناياب نسل جي جانور سرهه يا گڊ کي ماري اديبن جي مهمان نوازي ڪئي هئي! چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ کير ٿر جي علائقي ۾ مور به هوندا هئا، پر پوءِ مارين ۽ وبائن سبب کير ٿر مان مور جو نسل ختم ٿي ويو. خاتمي وارو اهو خطرو هاڻي ته ٿر جي مورن مٿان به لامارا ڏئي رهيو آهي ۽ اخبارن ۾ اڪثر مورن جي مرڻ جون خبرون ۽ تصويرون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. مور جو ته حلال پکي هئڻ به سندس ڏوهه بڻجي پيو آهي، جو خوراڪ خاطر کيس ماريو ۽ ڪُٺو وڃي ٿو!
سنڌ ۾ خوراڪ خاطر ناياب نسل جي جانور جي نسل ڪشي توڙي شوق خاطر شڪار به ڪا نئين ڳالهه ناهي. وري جيڪڏهن ناياب نسل جي جانورن يا پکين ۾ڪا وبا ڦهلجي ٿي ته جهنگلي جيوت کاتي جا وڏا آفيسر ڪراچي مان پنهنجي ايئر ڪنڊيشنڊ آفيسن کان ٻاهر نٿا نڪرن ۽ فيلڊ ۾ موجود اهلڪار علاج بجاءِ فقط ڪاغذي ڪارروايون ڪرڻ ۾ پورا رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته گذريل ٻن مهينن کان ٿر ۾ مور مرندا رهن ٿا، پر بي شمار مورن جي مرڻ کان پوءِ به، مورن جي مرڻ واري وبا تي ڪنٽرول جا ڪي مناسب اپاءُ ناهن ورتا ويا ۽ جهنگلي جيوت کاتو مورن لاءِ ڄڻ”جهنگلي موت کاتو“ بڻجي پيو آهي!
ننڍپڻ ۾ جڏهن مون اڃا مور نه ڏٺو هو، تڏهن مور جو کنڀ شايد پهريون دفعو پاڪ ڪتاب اندر رکيل ڏٺو هئم، لاڙڪاڻي ۾ پاڙي جي مسجد اندر، سبق وٺڻ لاءِ پاڪ ڪتاب کوليو هئم ته ان اندر مور جو کنڀ رکيل هو. ڪيترا ماڻهو اڄ به پاڪ ڪتاب اندر مور جا کنڀ رکن ٿا ۽ مون کي خبر ناهي ته ائين ڇو ٿو ڪيو وڃي! شايد ان جو سبب مور جي کنڀ جي سونهن هجي، جنهن ۾ انڊلٺ جهڙا سڀئي سهڻا رنگ نظر اچن ٿا. انڊلٺ جي رنگن جهڙو مور جو کنڀ مون کي به ننڍپڻ کان ئي موهيندڙ لڳو هو. اهو ئي سبب آهي جو ڏهاڪو سال اڳ ريڊيو پروگرام لاءِ آيل خط کوليندي، جڏهن هڪ لفافي مان خط سان گڏ مور جو هڪ کنڀ نڪتو هو، ته مون ان ريڊيو ٻڌندڙ جي ريڊيو جي مائيڪ تان مهرباني مڃي هئي. مور جي هڪڙي کنڀ جي موٽ ۾ منهنجي پاران مڃيل ٿورن جي جواب ۾، ٿر سان تعلق رکندڙ ان ريڊيو لسنر مور جي کنڀن سان ڀريل هڪ وڏو لفافو مون کي موڪلي ڏنو هو. ان وقت مون کي احساس ٿيو هو ته، ٿر ۾ ان ته ارزان ناهي، پر شايد جهنگلي جيوت، خاص طور تي مور ڏاڍو بي ملهه ٿي پيو آهي. هاڻي ته ٿر جو اهو سهڻو مور بي واهو به ٿي پيو آهي. جهڏي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر محب ڀيل جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ڇپيل خط مطابق، هڪ طرف مور جي موت جو سبب بڻيل خطرناڪ وبا لاڳاپيل ادارن پاران مناسب اپاءُ نه وٺڻ ڪري وڌي رهي آهي، ته ٻي طرف مور جي وجود لاءِ اهي شوقين شڪاري به خطرو بڻيل آهن، جيڪي اعليٰ اختيارين ۽ لاڳاپيل کاتي جي ملي ڀڳت سان، فقط هڪ سئو رپين ۾ پکين جي موت جو اجازت نامو (لائسنس) حاصل ڪري وٺن ٿا، جنهن کان پوءِ دنيا جو ڪو به قانون ٿر جي معصوم پکين کي قتل ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي!
هندستان جي ٿر واري علائقي راجستان ۾ ته بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان کي ڪارو هرڻ شڪار ڪرڻ تي جيل ۾ واڙيو وڃي ٿو، پر اسان وٽ ٿر ۾ هرڻ ماريندڙ ڪنهن شڪاريءَ کي عدالت جي ڪٽهڙي تائين به نٿو آندو وڃي. جيڪڏهن ٿر ۾ جهنگلي جيوت جو اهو قتل عام نه ٿيندو هجي ها، ته شايد ٻه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ مون کي اهو پٺاڻ نظر نه اچي ها، جيڪو رستي تي بيهي مور جا کنڀ وڪڻي رهيو هو، پر کائنس اهو پڇڻ وارو ڪير به نه هو ته هن مور جا اهي کنڀ ڪٿان آندا !؟ جيڪڏهن اسان وٽ جهنگلي جيوت لاءِ اها ئي بيحسي برقرار رهي، جهنگلي جيوت کاتو ستل ئي رهيو ۽ مورن جي مرڻ جي موجوده وبا تي ضابطو نه آندو ويو، ته شايد شاهه سائينءَ جي اها علامتي سِٽَ حقيقت بڻجي پوندي ته، ”ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو!“
اڱارو 26 اپريل 2011ع