نوجوان ڇوڪريون ۽ موبائل فون سان جڙندڙ رابطن جي دنيا!
”تون....تون منهنجو انتظار ڪجانءِ سيتا، مان ضرور ايندس.“
ٽيليفون رسيور مان ايندڙ سلمان جو آواز، سنگ مرمر جي بت جهڙي حسين سيتا جي ڪنن جون پاپڙيون گرم ڪندو، سندس دل ۾ موجود انديشن سان وڃي ٽڪرايو. سيتا هڪ لمحي لاءِ سوچ ۾ پئجي وئي ۽ پوءِ سندس دل ۾ موجود انديشن سندس چپن تي اچڻ جي ڪوشش ڪئي.
”سلمان! ڏس.....ائين نه ٿئي ته.....“
”ڪجهه ڪو نه ٿيندو!“ سلمان، سيتا جي ڳالهه ڪٽي ورتي،
”تون همت کان ڪم وٺ سيتا!“
”مون ۾ ته ايتري همت آهي سلمان، تڏهن ته مون ايترو وڏو فيصلو ڪيو آهي.“ سيتا وراڻيو، ”پر تون.....وري به سوچي وٺ!“
”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين سيتا؟ مون کي ڪجهه سوچڻ جي ضرورت ناهي!“ سلمان هڪدم وراڻيو.
سيتا ٿڌو ساهه کنيو، ”ته پوءِ ٺيڪ آهي. ضرور اينديس مان!“
اوچتو سيتا جي ڪمري جو در کُليو ته سيتا ڇرڪي در طرف ڏٺو. دروزاي ۾ سيتا جي باوقار ۽ بارعب ماءُ جانڪي ٻائي بيٺي هئي. سيتا ماءُ طرف ڏسندي ٽيليفون بند ڪري ڇڏي. ”ڪنهن سان پئي ڳالهائين؟“ جانڪي ٻائيءَ سخت لهجي ۾ پڇيو.
”امي...مان....مان شيلا سان ڳالهائي رهي هيس!“ سيتا ڦڪي مرڪ جو گل ماءُ کي ڏيڻ چاهيو.
اڄوڪي ڪالم جو اهو مٿيون حصو اصل ۾ منهنجي اڻ پوري ناول ”سيتا زينب“ جو پهريون صفحو آهي. هتي ان ڪهاڻيءَ جو ورجاءُ ان ڪري ڪيو اٿم ته ٿورڙي فرق سان (ٻن مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ جوڙي ۽ ڪن حالتن ۾ ان فرق کان سواءِ به) اهڙي ئي صورتحال جڙڻ کان پوءِ ڇوڪريون پنهنجي گهرن مان نڪرن ٿيون ۽ پوءِ اڪثر ڪري سندن زندگي ”درد ڪهاڻي“ بڻجي وڃي ٿي. اها درد ڪهاڻي اسان جي سماج ۾ روز ورجائجندي رهي ٿي. اسان جي دين اسلام ۽ دنيا جي ٻين مذهبن ۾ بيشڪ انسان کي پنهنجي پسند مطابق زندگيءَ جو ساٿي چونڊڻ جي اجازت مليل آهي، پر مذهبي اجازت جي باوجود اسان جي سماج ۾ عورت کي اهو حق نه ملڻ ۽ ساڳئي وقت مناسب تعليم ۽ تربيت نه هئڻ ڪري ڪيتريون ئي ڇوڪريون پيار جا ڪوڙا سچا ٻه ٻول ٻڌڻ کان پوءِ Trap ٿي (ڦاسي) وڃن ٿيون ۽ کين اها خبر ناهي هوندي ته ايندڙ وقت ۾ ساڻن ڇا ٿيڻ وارو آهي. ڪٿي انهن ڇوڪرين جا مائٽ سندن رت جا پياسا بڻجي پيڇو ڪن ٿا ته ڪڏهن سندن پريمي ساڻن دوکو ڪري کين ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن کين وڪرو به ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ اهي ڇوڪريون ”روز وڪرو“ ٿينديون رهن ٿيون، مارجي وڃن ٿيون يا انهن مٿان مسلسل ظلم جا پهاڙ ڪرندا رهن ٿا. انهن مان جيڪڏهن ڪي ٿوريون ڇوڪريون دارالامان جهڙن ادارن تائين به پهچن ٿيون ته انهن سڀني کي ته اتي جي ديوارن ۾ به ”امانَ“ نصيب نٿي ٿئي. ڪڏهن ڪجهه ”غيرت مند“ مائٽن دارالامان جي ديوارن اندر پهچي به انهن ڇوڪرين کان جيئڻ جو حق کسيو آهي، ته ڪڏهن وري دارالامان جون ”ٻيون“ درد ڪهاڻيون به اخبارن ۾ رپورٽ ٿيون آهن.
اڄڪلهه اخبارن ۾ ”پريمي جوڙا“ جا ٻه لفظ هڪ محاورو بڻجي پيا آهن. اهو محاورو اسان کي روز اخبارن ۾ ڪنهن گهران ڀڄي نڪتل ڇوڪريءَ ۽ سندس پريميءَ جي خبر يا تصوير سان گڏ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. گذريل ڪجهه سالن کان گهر ڇڏيندڙ ڇوڪرين جو تعداد، اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ نظر اچي ٿو، جنهن جو هڪ وڏو سبب ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان، موبائل فون وسيلي جڙندڙ رابطن جو هڪ نئون جهان به آهي. اها خبر ته ڪالهوڪي ڪاوش ۾ به موجود آهي ته ملڪ ۾ مهانگائيءَ، ٻوڏ ۽ مشڪل معاشي صورتحال باوجود، پرڏيهه مان موبائل فون جي آمدني واپار ۾ 80 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي ۽ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽماهي، يعني جولاءِ کان سيپٽمبر دوران پرڏيهه مان 9 ارب رپين جا موبائل فون سيٽ گهرايا ويا آهن!
پنجويهه سال کن اڳ جڏهن موبائل فون اسان جي ملڪ ۾ آئي هئي ته ڪنهن جي هٿ ۾ ٺونٺ جيڏو وڏو سيٽ ڏسي، عام خلق ڪنڌ ورائي ان شخص طرف ڏسندي هئي ته اهو ڪو نهايت اهم شخص (VIP) هوندو. ان وقت سترهين گريڊ جي سرڪاري آفيسر جي پگهار اڍائي ٽي هزار هوندي هئي، جڏهن ته ٺونٺ جيڏي ان سيٽ جي قيمت ٽيهارو هزار ۽ هڪڙي منٽ جي ڪال ڪرڻ جا ويهه رپيا ۽ ٻڌڻ جا ڏهه رپيا لڳندا هئا. ان وقت جي ڀيٽ ۾، پئسي جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ ڏهوڻ تي گهٽجڻ باوجود هاڻي ٻن اڍائي هزارن ۾ به کيسي ۾ رکڻ جهڙو ننڍڙو ۽ سهڻو سيل فون سيٽ ملي وڃي ٿو. جيڪڏهن اهڙا ٻه اڍائي هزار ٻيا به شامل ڪجن ته ڪئمرا وارو اهڙو سيٽ ملي وڃي ٿو، جنهن سان نه فقط تصويرون ڪڍي سگهجن ٿيون، پر وڊيو به رڪارڊ ڪري سگهجي ٿي. ساڳئي موبائل سيٽ تان اها ويڊيو يا تصويرون ملٽي ميڊيا ميسيج وسيلي ڪنهن کي موڪلي به سگهجن ٿيون ته انٽرنيٽ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. ٻن روپين ۾ هڪڙي ميسج (SMS) جي جاءِ تي هاڻي ٻن روپين ۾ ٻه سئو ميسيج ڪري ٿا سگهجن ۽ ڪجهه ڪال پيڪيجز وسيلي چئن پنجن رپين ۾ سڄو ڪلاڪ، ته ڪنهن پيڪيج تحت سڄي رات مفت ۾ ڳالهائي سگهجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جون آڱريون سڄو ڏينهن بي چينيءَ سان ۽ تڪڙيون تڪڙيون موبائل فون جي ڪي پيڊ تي هلن ٿيون ته سندن راتيون اوجاڳن ۾ ڳالهائيندي گذرن ٿيون. سياري جي راتين ۾ ته ڀرسان ستل ماءُ کي نوجوان ڌيءَ جي به خبر نٿي پوي ته اها خاموشيءَ سان سَوڙ پايو ننڊ پئي آهي يا سَوڙ ويڙهيو موبائل ميسيج وسيلي ڪنهن سان ڪچهري پئي ڪري!
ان سڄي صورتحال ۾ چوويهه ڪلاڪ لڳاتار رابطا رهن ٿا، پوءِ اهي رابطا ڏٺل وائٺل ماڻهن سان هجن يا ”مسڊ ڪال محبوبن“ سان! ان کان پوءِ ڪجهه نوجوان ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا غلط فيصلا ڪن ٿا، جنهن جو وڏو نقصان ڇوڪرين کي ئي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. پوءِ اها ڇوڪري منهنجي ناول ”سيتا زينب“ جو افسانوي ڪردار سيتا هجي، جيڪا پوءِ مسلمان ٿي زينب بڻجي وڃي ٿي، يا ڪو زندگيءَ جو حقيقي ڪردار. جيئن زينب منهنجي اڻ پوري ناول ۾ اڃا تائين ڀٽڪندي رهي ٿي ۽ اڃان ان ناول جي ليکڪ (مون کي) به خبر ناهي ته سندس ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪٿي ٿيندي، تيئن حقيقي زندگيءَ ۾ به اهڙين ڇوڪرين کي خبر ناهي هوندي ته سندن ”درد ڪهاڻي“ جي پڄاڻي ڪهڙي ٿيندي!
اڱارو 26 آڪٽوبر2010ع
* نوٽ :هن ڪالم ۾ ذڪر ڪيل ناول ”سيتا زينب“ روشني پبليڪيشن طرفان ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. (ادارو)