طوفان ۾ پيل ڏات جا ڏيئا!
”مان گذريل سڄي رات ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ هئس. ڊاڪٽر چون ٿا ته ڪراچيءَ جي ڪنهن وڏي اسپتال مان وڃي علاج ڪراءِ، پر منهنجي مالي حالت اهڙي ڪونهي. جيڪڏهن مان مري وڃان ته منهنجو سمورو مواد سنڌ الاجيءَ ۾ جمع ڪرائجو.“ موبائل فون تي مون کي اهو ميسيج، لاڙڪاڻي کان نامياري شاعر محمد علي پٺاڻ 23 مارچ تي شام جو ڪيو هو. ميسيج جي جواب ۾ مون کيس فون ڪئي هئي ته هن سرڪاري امداد يا سرڪاري خرچ تي علاج جهڙي ڪنهن خواهش جو اظهار نه ڪيو هو، پر کيس ڳڻتي هئي ته پنهنجي بيمار گهر ڀاتين ۽ پنهنجين لکڻين جي. سندس چواڻيءَ کائنس پوءِ سندس گهر ۾ اهڙو ڪوبه ناهي، جيڪو سندس لکڻين کي سنڀالي سگهي.
محمد علي پٺاڻ ڪجهه ڏينهن ته لاڙڪاڻي ۾ بستري داخل رهيو، پر پوءِ ڪنهن مهربان دوست جي سهاري علاج خاطر ڪراچيءَ پهتو. سندس بيماريءَ جي خبرن کان پوءِ مختلف حلقن طرفان سندس سرڪاري خرچ تي علاج جا مطالبا ٿيا ته سنڌ جي ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل کيس پنجاهه هزارن جو چيڪ ڏئي ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جو بيان اخبارن ۾ ڇپيو ته، ”ليکڪ محمد علي پٺاڻ ڪو غريب ماڻهو ناهي، پر هو 19 گريڊ جو سرڪاري ملازم آهي، تنهن هوندي به ثقافت کاتو وس آهر سندس علاج ڪرائي پيو.“ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي بيان مان ائين لڳو هو، ڄڻ غريب محمد علي پٺاڻ نه پر ثقافت کاتو غريب هجي، جيڪو پنهنجي غريبي ”وس آهر“ محمد علي پٺاڻ جو علاج ڪرائي رهيو هجي!
مان ذاتي طور تي 35 سالن کان محمد علي پٺاڻ کي سڃاڻان ٿو. هو ڪيترو امير آهي ۽ سندس معاشي حالت ڇا رهي آهي، اها حقيقت مان ثقافت کاتي جي قابل احترام وزير سسئي پليجو صاحبا جي ڌيان تي آڻڻ چاهيان ٿو، جنهن مان مون سدائين ڪنهن چڱائيءَ جي اميد ئي رکي آهي.
محمد علي پٺان جو والد هڪ مسڪين پورهيت هو، جنهن جو لاڙڪاڻي جي ايمپائر روڊ تي لوهارڪو دڪان هو. اهو غريب پورهيت پنهنجي اڪيلي پٽ محمد عليءَ کي فقط ميٽرڪ تائين تعليم ڏياري سگهيو ۽ پوءِ کيس لوهارڪي دڪان تي پورهيئي لاءِ ويهاريائين. انهيءَ ننڍڙي عمر ۾ ئي محمد علي پٺاڻ لکڻ جي ابتدا به ڪئي هئي. جڏهن ننڍڙي قلمڪار جا هٿ لوهارڪي دڪان تي مترڪن جا ڌڪ هڻي نه سگهيا ته سندس والد لنڊا بازار مان پراڻن سئٽرن جو ڍير آڻي، پنهنجي دڪان اڳيان فٽ پاٿ تي رکي کيس اهي وڪرو ڪرڻ لاءِ ويهاري ڇڏيو. هو سڄو ڏينهن لنڊي جا سئٽر کپائڻ لاءِ فُٽ پاٿ تي هوڪا ڏيندو رهيو. سندس هوڪن جو اهو سلسلو ڪيترن ئي مهينن تائين هليو، پر هو ڪي چار پئسا نه ڪمائي سگهيو. تڏهن هن پيءُ سان انگل ڪيو هو ته کيس ڪاليج ۾ داخلا ڏياري ته جيئن هو وڌيڪ پڙهي سگهي، پر سندس مسڪين پيءُ لاچاري ظاهر ڪري کيس چيو هو ته، هو ٻيهر هٿوڙو کڻي لوهارڪي دڪان تي پورهيو ڪري يا ٻي ڪا مزدوري وڃي ڪري. لوهارڪي دڪان تي پورهيو نه ڪري سگهڻ کان پوءِ هن شهر ۾ وڃي ڏهاڙيءَ تي مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ننڍي عمر ۽ جسماني هيڻائيءَ سبب جڏهن هو گهڻو بار نه ڍوئي سگهيو ته انهيءَ مزدوريءَ کان به کيس جواب ملي ويو. ان کان پوءِ هن ڪجهه عرصو لاڙڪاڻي شهر ۾ ئي رڪشا هلائي. جڏهن رڪشا مالڪ به کيس جواب ڏئي ڇڏيو ته هن لاڙڪاڻي مان شايع ٿيندڙ دوستن جا ڪتاب ۽ رسالا کڻي وڃي آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ کپائڻ شروع ڪيا. انهن ئي ڏينهن ۾، هڪ ڏينهن هو هڪ رسالي جون ڪجهه ڪاپيون کڻي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي ان وقت جي پرنسپال شير محمد بلوچ وٽ ويو. پرنسپال رسالي جا صفحا اٿلائيندو رهيو ۽ محمد علي پٺاڻ با ادب سندس سامهون بيٺو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ پرنسپال، رسالي مان نظرون ڪڍي سامهون بيٺل نوجوان محمد علي پٺاڻ ڏانهن ڏسندي چيو، ”هن رسالي جي پنج رپيا قيمت آهي، توکي انهيءَ مان ڇا ملندو؟“ محمد عليءَ نماڻائيءَ سان وراڻيو هو، ”سائين، جيڪڏهن مهرباني ڪري توهان هن رسالي جون ٽي ڪاپيون ڪاليج لائبريريءَ لاءِ خريد ڪندا ته مون کي پنج رپيا ڪميشن ملي ويندي.“ پرنسپال کائنس پڇيو هو، ”هن رسالي جي بچت مان تنهنجو گذارو ٿي ويندو؟“ محمد عليءَ وراڻيو، ”مجبوري آهي سائين، روزگار جو ٻيو ڪو وسيلو ڪونهي.“ پرنسپال کائنس پڇيو هو، ”پڙهيل ڇا آهين؟“ محمد عليءَ وراڻيو هو، ”ميٽرڪ پاس آهيان سائين.“ پرنسپال کي مٿس رحم اچي ويو هو، ”نوڪري ڪندين؟“ محمد علي ڇرڪي پيو هو، سڄو ڏڪڻ لڳو هو، خوشيءَ سبب سندس وات مان ڪو لفظ نٿي نڪتو. هن ڏاڍو مشڪل سان چيو هو، ”ها.... ها سائين...!“ ۽ 1981ع جي ان ڏينهن، ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي سان تعلق رکندڙ، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال، پروفيسر شير محمد بلوچ ليب اسسٽنٽ جي نوڪريءَ جو آرڊر ڏئي محمد علي پٺاڻ کي روزگار سان لڳائي ڇڏيو هو.
محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج ۾ ليب اسسٽنٽ ٿيو ته اديب دوستن جي همٿائڻ تي هن نوڪريءَ سان گڏ ساڳئي ڪاليج ۾ئي پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان فارم ڀرائي، پڙهڻ به شروع ڪيو ۽ سنڌيءَ ۾ ايم-اي پاس ڪري ورتي. قسمت سندس ساٿ ڏنو ته هو 1990ع ۾ ايڊهاڪ تي ليڪچرر به مقرر ٿي ويو. چئن سالن کان پوءِ 1994ع ۾ ٻين ڪيترن ليڪچرارن سان گڏ کيس به ريگيولر ڪيو ويو، پر تڏهن کان اڄ تائين سندس پروموشن ناهي ٿيو ۽ اڄ تائين هوساڳئي 17 گريڊ ۾ ئي آهي. محمد علي پٺاڻ جي گهرو حالتن کان واقف سندس سڀني دوستن کي خبر آهي سندس پوڙهو پيءَ هاڻي پورهيو ڪرڻ کان لاچار آهي. محمد علي پٺاڻ کي اولاد ۾ فقط هڪڙي نياڻي آهي، جنهن کي بيماريءَ سبب دورا پوندا رهندا آهن. سندس زال ڪيترن سالن کان مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل آهي.. 2009ع ۾ محمد علي پٺاڻ کي دل جو دورو پيو، تڏهن کان هو گهر ڀاتين جي علاج سان گڏ پنهنجو علاج به پنهنجي خرچ تي ئي ڪرائيندو رهيو آهي. اهي ڏکيا ڏينهن هن ڪيئن گذاريا آهن، اهو ته هو پاڻ ئي ڄاڻي ٿو، پر انهن مشڪل حالتن ۾ به هن ڪنهن سرڪاري امداد جي طلب نه ڪئي هئي. سرڪاري امداد جي اپيل ته هاڻي به هن پنهنجي بيماريءَ ۾ ناهي ڪئي، پر ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي بيان کان پوءِ، هن ثقافت کاتي طرفان مليل پنجاهه هزار رپين جو چيڪ به واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڏک ته انهيءَ ڳالهه جو آهي ته ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل واري اِها، اُها ساڳيءَ ڪرسي آهي، جنهن تي ڪنهن زماني ۾ ممتاز مرزا جهڙو درد وندي دل رکندڙ ڊائريڪٽر جنرل به ويهندو هو، پر لڳي ٿو ته هاڻي اڇو پاڻي لڙ ٿي چڪو آهي، جنهن کي ڪانگن ڪالوري ڇڏيوآهي! ان ڪري هيءَ دل، ثقافت کاتي جي حوالي سان فقط سسئي پليجو صاحبا مان ئي ڪنهن چڱائيءَ جي اميد رکي ٿي، ته هوءَ محمد علي پٺاڻ، طارق عالم توڙي ٻين بيمار ليکڪن ۽ فنڪارن کي، هاڻي ڪنهن حسين ساريو جيان بي وسيءَ ۾ مرڻ لاءِ ڇڏي نه ڏيندي. نيڪيءَ جي هن ڪم ۾ دير جي ڪابه گنجائش ناهي، ڇو ته طارق عالم۽ محمد علي پٺاڻ جي زندگين جا ڏيئا بيمارين جي طوفانن ۾ پيل آهن.
اڱارو 12 اپريل 2011ع