سنڌي ادبي بورڊ طرف کڄندڙ آڱريون !
”سنڌي ادبي بورڊ جن به ليکڪن جا ڪتاب ٻيهر ڇپرايا آهن، انهن کي اهي ڪتاب ڏسي سخت تڪليف ٿيندي ۽ گذاري ويل اديبن جو روح تڙپندو هوندو!“ اهي لفظ گذريل مهيني جي چوٿين تاريخ تي ڊاڪٽر غلام علي الانا حيدرآباد جي هڪ مشهور هوٽل ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي پراڻن ڪتابن جي نون ڇاپن جي پڌرائيءَ واري تقريب ۾ چيا هئا. اسٽيج تي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان جي ڀرسان ويٺل الانا صاحب جڏهن تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو هو ته، هن بورڊ طرفان پڌرا ڪيل ڪتاب کڻي وڃي ڊائيس تي رکيا هئا ۽ هڪ هڪ ڪتاب کڻي، ويٺلن کي ڏيکاريندي چيو هو، ”بورڊ جي سيڪريٽريءَ کان پڇيو وڃي ته اهي ڪتاب، انهيءَ غير معياري سائيز ۾ ڇپائڻ لاءِ کيس ڪنهن صلاح ڏني هئي ۽ سچل سرمست جي حوالي سان ڇپيل ڪتاب جي ٽائيٽل تي ماڊل گرل جي تصوير ڏسي سخت افسوس ٿئي ٿو.“
مون کي ذاتي طور تي ڄاڻ آهي ته ڪتاب معياري (Standard) سائيز جي ڪاغذ تي ڇپبو آهي، پر جڏهن ڪتابن جي پيشڪش (Book production )۽ فني ڄاڻ نه رکندڙ ماڻهن جي نگرانيءَ ۾ ڪتاب ڇپجندو آهي ته پوءِ اهڙا ئي نتيجا سامهون ايندا آهن. بڪ بائينڊر ڪتابن جي بائيڊنگ کانپوءِ ڪنهن به ڪتاب جي ڪٽنگ واري ڪاغذ جا اهي ٽڪرا وڪرو ڪندا آهن. ڪتاب جي هڪ هزار ڪاپين جي انهن ڪٽيل ٽڪرن جا منهنجي خيال ۾ بائينڊر کي هڪ سئو رپيا ملي ويندا هوندا، پر جڏهن ڪتاب ڇپائيندڙ، بائينڊر کي اڻ ڄاڻ نظر ايندو آهي، ته بائينڊر ڪتاب جي وڌيڪ ڪٽنگ ڪري، هڪ سئو رپيا وڌيڪ ڪمائڻ خاطر، هڪ لک رپيا خرچ ڪري ڇپايل ڪتاب جي معياري سائيز کي غير معياري بڻائي ڇڏيندو آهي. ادبي بورڊ جي ڪتابن جي پڌرائيءَ واري انهيءَ تقريب جي پڄاڻيءَ تي، چانهه پيئندي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان سان ڪجهه دير منهنجي ڪچهري ٿي هئي ته مون کين بائينڊرن جي اهڙي هيرا ڦيريءَ جي ڄاڻ به ڏني هئي.
سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب وقت بوقت منهنجي نظر مان به گذرندا رهيا آهن. تازو ولي رام ولڀ سندس ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب مون کي ڏنو هو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپرايو ويو آهي. ان ڪتاب جو حشر ته اهو ٿيل آهي جو ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي هر صفحي تي، ڊيمي سائيز جي مقرر معيار کان اڌو اڌ گهٽ مواد ڏنو ويو آهي ۽ صفحن جي هيٺان توڙي مٿان وڏا خالي حصا ڇڏيل آهن. ماضيءَ ۾ مان پاڻ سنڌ جي هڪ اشاعتي اداري جو مالڪ رهيو آهيان ۽ مان پنهنجي تجربي جي آڌار تي ڪنهن به فورم تي ثابت ڪري سگهان ٿو ته اهو ڪتاب جيڪڏهن ڪتابن جي فني ڄاڻ رکندڙ ڪو به ماڻهو ڇپرائي ها ۽ هر صفحي تي مقرر معيار مطابق مواد ڏنو وڃي ها ته ڪتاب جا اڌ صفحا گهٽ ٿي وڃن ها ۽ ڪتاب جي لاڳت به اڌ گهٽ ٿي وڃي ها ته پڙهندڙن کي به اهو ڪتاب اوترو ئي سستو ملي سگهي ها.
ادبي بورڊ، جنهن جو بنيادي ڪم ئي فقط علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪتاب ڇپائڻ آهي، پر ان اداري جي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپايل ڪتابن سبب اداري کي سخت تنقيد جو نشانو ٿيڻو پيو آهي. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ثقافت کاتو، جنهن جو بنيادي ڪم ڪتاب ڇپرائڻ نه آهي، پر ثقافت کاتي جا ڪتاب پنهنجي معيار سبب پاڻ ئي ڌيان ڇڪائين ٿا. ثقافت کاتي جي ٻين ڪيترن ڪتابن کانسواءِ شيخ اياز جي شاعريءَ توڙي نثر جا ڇپايل جلد ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته انهن ڪتابن کي خاص ڌيان ۽ دلچسپيءَ سان ڇپرايو ويو آهي.
گذريل مهيني ٿيل ادبي بورڊ جي ڪتابن واري پڌرائيءَ جي تقريب ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان، جيڪو بين الصوبائي رابطن جو وزير پڻ آهي، تنهن ان تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته، ”آئون بورڊ بابت سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن کان تجويزون وٺڻ لاءِ هڪ تفصيلي ميٽنگ ڪندس، جنهن ۾ بورڊ جي بهتريءَ لاءِ پڻ غور ڪيو ويندو.“ پر مهيني کان وڌيڪ وقت گذرڻ جي باوجود، اڄ تائين مخدوم صاحب اديبن ۽ دانشورن سان اها ميٽنگ نه ڪئي آهي! تازو ئي بورڊ جي موجوده چيئرمين مخدوم صاحب، اڳوڻي چيئرمين پير مظهر الحق پاران جوڙيل ڪار وهنوار هلائڻ واريون ڪاميٽيون ختم ڪري ڇڏيون آهن، پر نين ڪاميٽين جي جوڙجڪ نه ڪئي وئي آهي. منهنجي خيال ۾ فقط انهن ڪاميٽين کي ختم ڪرڻ ڪافي نه آهي، پر بورڊ آف گورنرس جي مقرري به نئين سر ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ فقط سينيئر ئي نه، پر ڪوشش ڪري متحرڪ نوجوان ۽ اشاعتي معاملن جي فني ڄاڻ رکندڙ ليکڪن کي به شامل ڪيو وڃي. ادبي بورڊ کي صحيح راهه تي هلائڻ لاءِ فقط انهن ڪاميٽين کي ختم ڪرڻ سان ڪم نه هلندو، پر بورڊ جي جوڙجڪ ۾ هاڻي بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ سنڌ جو هي اهم علمي ادبي ادارو، جنهن ڏانهن سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جون آڱريون کڄڻ لڳيون آهن، اهو غير اهم بڻجي ويندو.
دنيا ۾ هاڻي ڪتاب فقط ڪاغذ تي ڇپيل صورت ۾ نه ٿا پڙهيا وڃن، پر هاڻي ڪتابن کي انٽرنيٽ تي به پڙهيو وڃي ٿو. دنيا ۾ اهم اشاعتي ادارن ۽ لائبريرين جون ويب سائيٽس موجود آهن، جن تي لکين ڪتاب گهر ويٺي پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. اسان جي هن اهم اشاعتي اداري جي ويب سائيٽ ته موجود آهي، پر ان ويب سائيٽ تي ان اداري جا ڇپايل ڪجهه ڪتاب ئي نظر اچن ٿا ۽ لائبريريءَ جي نالي ۾ ٻين ادارن جا ڇپايل ڪتاب پڻ ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيل آهن، جڏهن ته ادبي بورڊ جي ترجيح ۾ سندس ئي ڇپايل ڪتاب هجڻ گهرجن. ادبي بورڊ جو اهم ترين رسالو ”ٽماهي مهراڻ“ ويب سائيٽ تي ته موجود آهي، پر 2006ع کانپوءِ جو ڪو به شمارو ادبي بورڊ جي سائيٽ تي نظر نٿو اچي. نه فقط اهو، پر بورڊ جي ويب سائيٽ تي نه ئي بورڊ بابت ڪا معلومات موجود آهي ۽ نه ئي بورڊ آف گورنرس جا نالا. حد ته اها آهي جو ان تي بورڊ جي چيئرمين جو نالو به موجود نه آهي! پوءِ آخر اهڙي ويب سائيٽ جي ضرورت ڪهڙي آهي!! مخدوم صاحب کي جاچ ڪرڻ گهرجي ته کائنس اڳ جوڙايل انهيءَ اڻ لاڀائتي ۽ اڻ پوري ويب سائيٽ جوڙائڻ جي نالي ۾ ڪيترا لک خرچ ٿيا!
سنڌي ادبي بورڊ، جنهن جي بنياد ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي حقيقي عالمن ۽ اڪابرن جون محنتون ۽ محبتون شامل آهن ۽ جنهن کي مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ صاحب جي وقت ۾ عروج حاصل هو، سو اڄ اهڙين حالتن جو شڪار آهي، جو ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، پر اڄ جڏهن مخدوم طالب الموليٰ جو ئي پوٽو مخدوم جميل الزمان صاحب بورڊ جو چيئرمين آهي ۽ هو پنهنجي ڏاڏا سائينءَ جي ڪرسيءَ تي ويٺل آهي ته کيس بورڊ ڏانهن ڀرپور ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيئن ته مخدوم خاندان بنيادي طور تي علمي، ادبي گهراڻو پهرين آهي ۽ سياسي پوءِ، ان ڪري هيءَ دل مخدوم صاحب مان ڪنهن چڱائيءَ جي ئي اميد رکي ٿي. اداري ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، پر شرط فقط اهو آهي ته بورڊ جو چيئرمين مخدوم صاحب بورڊ جي نگرانيءَ ۽ ڪمن لاءِ وڌيڪ وقت ڏي. مخدوم صاحب جهڙي علمي، ادبي شخصيت لاءِ وزارت کان وڌيڪ ادبي بورڊ جي سربراهي اهم هجڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته منهنجي عزيز دوست مخدوم جميل الزمان، پنهنجي ڏاڏا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي انهيءَ فڪر کي نه وساريو هوندو ته:
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو!
اڱارو 9 نومبر 2010ع