ڪالم / مضمون

سنڌ جي ڳالھ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم/ مضمون روزانه ”ڪاوش“ ۾ 2010ع کان 2014ع جي وچ ۾ لکيا ويا، سواءِ ٻن جي، جيڪي روزانه ”عوامي آواز“ ۾ ڇپيا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 3251
  • 683
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي ڳالھ

ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو سنڌي شاعريءَ ۾ عڪس

ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو سنڌي شاعريءَ ۾ عڪس

دهشتگرديءَ جي ڏائڻ ڪيتري عرصي کان ڪراچيءَ جي رستن تي رقص ڪندي رهي آهي. هڪ رپورٽ موجب فقط گذريل هڪ مهيني اندر ڪراچيءَ ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي مختلف واقعن ۾ 343 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪالهوڪي هڪڙي ڏينهن ۾ به 16 ماڻهو ماريا ويا آهن. گذريل ڪجهه سالن جي واقعن تي نظر ڦيرائڻ سان خبر پئي ٿي ته مختلف وقتن تي لساني توڙي گروهي حوالي سان به ڪراچيءَ جا رستا رت سان ريٽا ٿيا آهن، ته ڪڏهن وري مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ بم ڌماڪا ٿيا آهن. ڪڏهن ٻورين مان ٻڪرين جيان ڪٺل انسانن جا لاش مليا آهن، ته ڪڏهن وري ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي ۾ لاش ڪيرايا ويا آهن. دنيا جي وڏن شهرن مان هڪ، هن شهر جي شاهراهن تي دهشتگرديءَ جو راڪاس بڙم باڪاس بي ڌڙڪ ٿي هلندو رهيو آهي. سنڌ جي گاديءَ واري، سمنڊ ڪناري اڏيل هن شهر جا رستا به ڄڻ سمنڊ جا چارا بڻجي ويا آهن، جتي ڌرتيءَ جا مانگر مڇ معصوم انسانن کي پنهنجو شڪار بڻائيندا رهيا آهن. ڪراچيءَ جي اهڙين حالتن جو عڪس ۽ اولڙو اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ به نظر اچي ٿو:
فٽ پاٿ ڪراچيءَ جا مون لئه
سڀ چارا ڄڻ ته سمندر جا،
ننڍيون ۽ وڏيون ڪيڏيون مڇيون،
جن منجهه هزارين مانگر ها!
(شيخ اياز)
سنڌ جي سامونڊي ڪناري وارو هي حَسين شهر لڳاتار دهشتگرديءَ جي باهه ۾ سڙندو رهيو آهي. هڪ دهشتگرديءَ جي لهر کان ٻي لهر تائين سالن جو فاصلو ته شايد ڪڏهن به ناهي رهيو. ڪڏهن ڪجهه مهينن جي وٿيءَ سان ته ڪڏهن وري ڪجهه هفتن يا ڏينهن جي وقفي سان ڪراچي دهشتگردن جي ور چڙهي وڃي ٿي ۽ دهشتگرديءَ جي هر نئين لهر سان هن شهر جون گهٽيون ۽ رستا معصوم ماڻهن جي رت سان ريٽا ٿي وڃن ٿا ۽ رستن تي رهجي وڃي ٿي انساني رت ۽ بارود جي گڏيل بوءِ! ڄڻ ڪراچي ڪو شهر نه هجي، پر بارود جي ڀري هجي، جنهن کي رکي رکي باهه لڳي وڃي ٿي.
ڏس ڪراچي ته ڪيئن ٻَري ويو آ،
ٿي ڪا بارود جي ڀَري ويو آ !
(مظهر ابڙو-2011ع)
بارود جي بوءِ واري هن شهر طرف گذريل سال سنڌ جي ڳوٺاڻن جي هڪ وڏي لڏ پلاڻ ٿي هئي. گذريل سال آيل ٻوڏ کان پوءِ، جڏهن سڄي سنڌ لڙهي رهي هئي ۽ سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن جو وجود ئي ڌرتيءَ تان ميسارجي ختم ٿي ويو هو، تڏهن ٻين شهرن سان گڏ بيشمار سنڌي ڪراچيءَ جي ڪيمپن ۾ به اچي رهيا هئا. اهي ٻوڏ سٽيل گهڻا تڻا سنڌي ته وري به واپس پنهنجن پکن ڏانهن موٽي ويا، پر ٿوري تعداد ۾ ٻوڏ سٽيل سنڌي اڃا به ڪراچيءَ جي ڪجهه هنڌن تي موجود آهن ۽ شهر جي مختلف ماڳن مڪانن تي رهي، پورهئي وسيلي ڳڀي جي ڳولا ڪندا رهن ٿا. انهن پورهيت ڳوٺاڻن پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ ته درياهه جي دهشت ڏٺي هئي ۽ سر بچائي ڪراچيءَ پهتا هئا، پر ڪراچيءَ جي دهشتگردي ته سندن ساهه ٿي سڪائي ڇڏي:
مون ته دهشت هئي ٻڌي درياهه جي،
پر ڪراچيءَ ۾ لڳي آ ساهه جي!
(در محمد پٺاڻ-2011ع)
ڪراچيءَ ۾ ساهه سڪائيندڙ دهشتگردي فقط لساني، گروهي يا مذهبي بنياد تي ناهي ٿي، پر ڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وردي پوش اهلڪارن هٿان به زندگيءَ جا ڏيئا اجهايا ويا آهن. اهو واقعو ته ويجهڙائيءَ جو آهي، جو ڪلفٽن جي علائقي ۾ رينجرس اهلڪارن هٿان هڪ معصوم نوجوان زندگيءَ جي خيرات گهرندي مارجي ويو هو ۽ انهي سڄي بربريتي وارتا کي هڪ ٽي وي چينل جي سنڌي ڪئمرا مين رڪارڊ ڪري پڌرو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ واسي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موڀي پٽ ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ڳڀرو ڀاءُ شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ئي شهادت کي ته ڪڏهن به وساري نه سگهندا، جيڪي واٽ ويندي ماريا ويا هئا. مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي شهادت واري انهيءَ واقعي جو عڪس به اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو؛
اي ڪراچيءَ جا نگر، اي راڄڌاني سنڌ جي!
لاک رَتڻي، باک بکڻي، سونَ ورڻي، سَوَ ڳُڻي،
ڪيئن نه مٽيءَ ۾ ملي وئي، نوجواني سنڌ جي!
(امداد حسيني-2000ع)
سنڌ جي راڄڌانيءَ واري هن شهر ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي آجيانئي جلوس کي به ان وقت بم ڌماڪي جو نشانو بڻايو ويو هو، جڏهن 18- آڪٽوبر 2007ع تي سنڌ جي هيءَ راڻي دبئيءَ کان ڪراچيءَ پهتي هئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو معصوم ماڻهو مارجي ويا هئا، جن ۾ لياريءَ جا ڪيترا جيالا به شامل هئا. انهن مان ڪيترائي جيالا شهيدن جي ماڳ ڳڙهي خدا بخش جي بي نام قبرن ۾ دفن ٿيل آهن ۽ لياري (ڪراچي) جو عوام اڄ به شهيد راڻيءَ ججي نالي تي سِرُ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ملي ٿو:
لياري ۾ اڄ ڀي لڪل لعل آهن،
جهڳين جهوپڙين ۾ ڪو ڳولا ڪري!
(عبدالحڪيم ارشد-2011ع)
ڌرتيءَ جو درجو به ماءُ جهڙو ئي هجي ٿو ۽ ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ انسانن کي ماءُ جيان پاليندڙ ڪراچيءَ ۾ بارود جي بوءِ ۽ دهشت جي دونهي جي درد کي سنڌ جي حساس ۽ باشعور شاعرن نه فقط پاڻ محسوس ڪيو آهي، پر ڪراچيءَ جي هن درد ڀرئي حالت کان ڪن لاٽار ڪندڙن کي ميار به ڏني آهي:
ڪراچيءَ جي سينڌ ۾، دهشت جو دونهون،
اڃا اَسونهون، ڪيسين رهندين ديس جو !؟
(ادل سومرو:2011ع)
هڪ طرف ڪراچيءَ ۾ رکي رکي دهشت جو دونهون اٿندو رهي ٿو، ته ٻئي طرف وري رکي رکي ڪي واڳون صفت ڌريون، سهڻيءَ جيان سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ لاءِ وات ڦاڙينديون رهيون آهن ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون زهر ڀريل ڳالهيون ڪنديون رهيون آهن. سنڌ جي ورهاست جي اهڙي خيال کي سنڌ جي سمورن سياسي، علمي، ادبي، ثقافتي توڙي مذهبي حلقن ڀرپور انداز سان رد ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ جي هڪڙي انچ تان به هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن:
ڪابه ورهاست ڪين کپي
سنڌ جو نقشو پورو گهرجي!
(محمد علي پٺاڻ-2001ع)
ڪراچيءَ جون حالتون سڄي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي دل ڏکائينديون رهيون آهن، پر سمورين خوفناڪين ۽ دهشتگردين جي باوجود سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ڪراچيءَ تي سنڌين جو پهريون، فطري ۽ ازلي حق آهي، جنهن کان انڪار ممڪن ئي ناهي. نه فقط جاگرافي، پر تاريخ جي حوالي سان به ڪراچي سنڌ لاءِ بيحد اهم آهي:
تون سڄي تاريخ آهين
ڌرتتيءَ جي چيخ آهين
دل ڏکائيندڙ ڪراچي
جهلملائيندڙ ڪراچي
اڄ به مان
تنهنجي رستن کي مُنڊيءَ جئن
ڄڻ ته پورو ٿو اچان !
(شيخ اياز-1986ع)
دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل ڪراچيءَ جو سنڌي شاعريءَ ۾ موجود هي ته هڪ ننڍڙو عڪس آهي، جنهن ۾ شاعرن جي نالن سان ڄاڻايل سال انهن ڪتابن يا رسالن جا آهن، جڏهن اهي شعر ڇپيا آهن، پر ڪتابن، رسالن توڙي اخبارن ۾ هيل تائين اهڙي بي شمار شاعري ڇپي آهي. جيڪڏهن اها سڄي شاعري سهيڙي وڃي ته ڪيترا ئي ڪتابي جُلد جڙي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو محقق ويهي تحقيق ڪري ته ڪراچيءَ جي اهڙين حالتن تي سوين صفحن جو تحقيقي ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر ڪنهن ڪتاب سيهڙڻ يا لکڻ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته، ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪري انساني زندگيءَ کي محفوظ بڻايو وڃي، جيئن ڪراچي شهر جي ڪابه ماءُ پنهنجي ٻار کي ڪتاب هٿ ۾ ڏئي اسڪول يا ڪاليج موڪليندي ڪنهن به خوف جو شڪار نه ٿئي.

اڱارو 2 آگسٽ 2011ع