اديبن جي مرڻ جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي !
شيخ اياز جي نثري نظمن جو مجموعو ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ پبلشر جي حيثيت ۾ سهڻي انداز سان ڇپرائي کيس پهچايو هوم، ته ان کان پوءِ شيخ صاحب مون کي پنهنجن ٻن اڻ ڇپيل ڪتابن ”جڳ مڙيو ئي سپنو“ ۽ ”واٽون ڦلن ڇانئيون“ جا مسودا هڪ ئي ڏينهن ڏنا هئا. چانهه پيئندي چيو هئائين، ”ڪجهه پئسا ڏيانءِ ڇا؟“
حيرت مان وراڻيو هوم، ”ڇا جي لاءِ!؟“
شيخ اياز مرڪي چيو هو، ”منهنجي ڪتابن تي متان تون منهنجي محبت ۾ پئسا لڳائيندو هجين ۽ پنهنجو نقصان ڪندو هجين!“
شيخ صاحب سان منهنجي ڪافي حجت هئي. کلي چيو هوم، ”بيشڪ سائين توهان سان بي انتها محبت آهي، پر توهان جي ڪنهن ڪتاب تي لڳايل پئسا ٻيڻا ٿي نه ملندا ته مان توهان جو ٻيو ڪتاب نه ڇپرائيندس؟“.
ان ڏينهن جڏهن مون شيخ اياز کي ٻڌايو هو ته سنڌي ڪتاب ڪيترو تيزيءَ سان وڪامن ٿا ۽ خاص طور تي سندس ڪتاب، تڏهن هن کي حيرت لڳي هئي ۽ هن حيدرآباد جي هڪ شيخ پبلشر جو نالو مون کي ٻڌايو هو، جيڪو اهو چئي شيخ اياز کان سندس ڪتاب ڇپائڻ لاءِ پئسا وٺي ويو هو، ته سنڌي ڪتاب نٿا وڪامن!
سنڌي ليکڪن سان اهڙيون ويساهه گهاتيون ڪا نئين ڳالهه ناهن. هڪ پبلشر جيڪڏهن شيخ اياز جهڙي عظيم شاعر کي ٺڳي ويو هو، ته ٻين ليکڪن سان ڇا نه ٿيو هوندو! سڀني پبلشرن تي ته الزام نٿو هڻي سگهجي، پر اڄ به ڪي اهڙا پبلشر موجود آهن، جيڪي ليکڪن سان اهڙيون ويساهه گهاتيون ڪندا رهن ٿا. عام طور تي انهن جو شڪار اهڙا ليکڪ ٿين ٿا، جن جا ڪتاب گهٽ وڪامن ٿا ۽ اهي ليکڪ ”پنهنجي پذيرائيءَ“ خاطر پبلشرن کي پئسا ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن ٿا. جن ليکڪن جا ڪتاب وڌيڪ وڪامن ٿا، انهن جي ته پبلشر پٺيان لڳا رهن ٿا، پر انهن مان وري ڪي ليکڪ پبلشرن جي ڇپايل ڪتابن جي معيار مان مطمئن نه هئڻ ڪري، پنهنجي خرچ تي وڌيڪ معياري انداز سان ڪتاب ڇپائن ٿا. اهڙن ليکڪن سان وري ڪتابن جي وڪري جو مسئلو ٿئي ٿو. اڄ کان پنجويهه سال اڳ تائين ته سنڌي ڪتابن جي ورهاست جو نظام موجود هو ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه اهڙا واپاري هئا، جيڪي ٻين پبلشرن توڙي ليکڪن طرفان ڇپرايل ڪتابن جي سڄي سنڌ ۾ ورهاست ڪري، ٻن چئن مهينن کان پوءِ، وڪرو ٿيل ڪتابن جا پئسا سندن حوالي ڪري ڇڏيندا هئا، پر هاڻي سنڌي ڪتابن جي ورهاست جو اهڙو ڪو به گڏيل نيٽ ورڪ موجود ناهي. ڪجهه وڏن پبلشرن جا نيٽ ورڪ موجود آهن ته اهي فقط پنهنجي اداري جا ڪتاب ئي ڊسٽريبيوٽ ڪن ٿا. سنڌي ڪتابن جي ڊسٽريبيوشن جو ڪو مناسب نظام نه هئڻ ڪري، جيڪي ليکڪ پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپائين ٿا، انهن مان ڪيترائي ليکڪ ”نظام“ نالي ان شخص جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جيڪو ڪتاب وڪرو ڪري سندن پئسا ڦٻائي وڃي ٿو!
ائين ناهي ته ڪو هاڻي سنڌي ڪتاب نٿا وڪامن. سنڌي ڪتاب جيئن ستر ۽ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ وڪامندا هئا، اڄ به تيئن ئي وڪامن ٿا. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته پوءِ روز نوان ڪتاب بازار ۾ نه اچن ها. اها به حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ادب پڙهندڙ سنڌي ماڻهو ئي آهن، جيڪي نه فقط سنڌي پر اردو ڪتاب به وڏي تعداد ۾ خريد ڪن ٿا ۽ پڙهن ٿا. انهيءَ ڳالهه جو اعتراف خود لاهور جا پبلشر به ڪن ٿا. سنڌ ۾ اردو ڪتابن جي وڏي وڪري سبب، لاهور جي هڪ پبلشر ته حيدرآباد اچي گاڏي کاتي ۾ ڪتابن جو هڪ وڏو دڪان به کوليو آهي. نه فقط حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي، پر سنڌ جي ڪيترن ننڍن شهرن ۾ به اردوءَ جا خالص ادبي ڪتاب وڪامن ٿا، جيتوڻيڪ عام طور تي اردو ڪتابن جون قيمتون سنڌي ڪتابن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ به هجن ٿيون، مهانگائيءَ جي هن دور ۾ سنڌي ڪتابن جون قيمتون به ڪافي وڌيل آهن، پر ان جو اهم سبب ڪتابن جي لاڳت ۽ ان جي وڪري واري قيمت ۾ وڏو فرق هئڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جي هڪ ڪاپيءَ تي 50 رپيا خرچ اچي ٿو، ته پبلشر انهيءَ جي قيمت 200 رپيا يا گهٽ ۾ گهٽ 150 رپيا رکي ٿو. ڪتاب جي قيمت جو 40 سيڪڙو ته فقط ريزڪي دڪاندار کي ملي ٿو، يعني ٻه سئو رپين جي ڪتابن تي 80 رپيا کيس ملن ٿا! جن عام پڙهندڙن کي انهيءَ صورتحال جي خبر آهي، اهي دڪاندار کان ڪتاب جي قيمت جو 20 کان 25 سيڪڙو رعايت وٺي وڃن ٿا ۽ حيرآباد توڙي ڪڏهن ڪڏهن ٻين شهرن ۾ ڪتابن جي لڳندڙ نمائشن ۾ پڻ ايتري رعايت عام طور تي ڏني وڃي ٿي، پر لاڙڪاڻي جو هڪ دڪاندار ته ڪيترن ڪتابن تي 50 سيڪڙو به رعايت ڏئي ڇڏي ٿو، جنهن لاءِ اتان جا ٻيا دڪاندار وري اهو چون ٿا ته هو ”نوَلي تي دَهلي“ وارو ڪم ٿو ڪري، يعني اهو وري پبلشرن جا پئسا کائي ٿو وڃي!
سنڌ جي ڪجهه وڏن نجي اشاعتي ادارن ته ڪتابن جي ورهاست جا پنهنجا نيٽ ورڪس ٺاهي ورتا آهن، پر سرڪاري ادارن جو حال هن شعبي ۾ به پورو سارو آهي. سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جا ڪتاب ته سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ ڪن مخصوص دڪانن تي پهچن ٿا، يا حيدرآباد ۾ قائم ڪيل سندن دڪان تان خريد ڪري سگهجن ٿا، پر سنڌالاجي، ثقافت کاتي توڙي ٻين سرڪاري ادارن جا ڇپايل ڪتاب ته ڳولهيا به نٿا لڀن. سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڇپرايل ڪو ڪتاب ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان خريد ڪرڻ لاءِ به ڪشالا ٿا ڪاٽڻا پون. سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرزا قليچ بيگ چيئر طرفان ڇپرايل، مان پنهنجي هڪ ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون روڪ پئسن تي خريد ڪرڻ ويو هئس ته ان وقت اداري جو چيئرمين ڪلاس ۾ ليڪچر ڏيڻ ويو هو ۽ ڪتابن جي انچارج مون کي اهو چئي انتظار ڪرايو هو، ته اسان چيئرمين صاحب جي اجازت کان سواءِ ڪتاب وڪرو نه ٿا ڪري سگهون!
سنڌ ۾ موجود نجي اشاعتي ادارن جي اڪثر مالڪن کي هي بندو ذاتي حيثيت ۾ سڃاڻي ٿو، جن ڏهن ٻارهن هزارن جي معمولي رقم سان اشاعت جو ڪم شروع ڪيو هو، پر اڄ اهي ”ڪک پتيءَ“ مان ”ڪروڙ پتي“ ٿي ويا آهن، (اهي فقط ڪو هڪڙي هڪڙي ڪروڙ جا مالڪ ناهن.) ۽ ڪتابن مان ڪمايل پئسن سان اڄ اهي ٻيا ڪاروبار به ڪري رهيا آهن. انهيءَ سڄي صورتحال ۾ ڀوڳي فقط ليکڪ ٿو. پوءِ ڪجهه ليکڪ ته پاڻ لکو، پاڻ ڇپايو، پاڻ کپايو ۽ جيڪڏهن ڪتاب نه وڪامي ته مفت ۾ ورهائي ڇڏيو واري اصول تي ڪاربند رهي، پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپائين ٿا. ان اصول تي نه هلندڙ ڪيترن ليکڪن جا ڪتاب اڻ ڇپيل ئي رهجي وڃن ٿا!
شيخ اياز جهڙي وڏي شاعر کي پنهنجي زندگيءَ ۾ حسرت رهي، ته سندس شاعريءَ جو ڪو ڪتاب فيض احمد فيض جي ڪتاب ”نسخه هائَي وفا“ جيان ڇو نٿو ڇپجي! (اياز اها ڳالهه هن بندي سان اوري هئي.) اڄ جڏهن شيخ اياز زنده ناهي، تڏهن فيض صاحب جي انهيءَ هڪڙي ڪتاب کان وڌيڪ سهڻا سندس پندرهن کان مٿي ڪتاب سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن ۽ شيخ اياز جي انهيءَ سيريز جا ڪجهه وڌيڪ ڪتاب اشاعت هيٺ آهن، جيڪا ساراهڻ جهڙي ڳالهه آهي، پر سنڌ ثقافت کاتي، سنڌي ادبي بورڊ توڙي سرڪاري خرچ تي ڪتاب ڇپائيندڙ ٻين ادارن کي، سنڌ جي ٻين اهم زنده ليکڪن جي ڪتابن جي اشاعت جو بندوبست، سندن موت جو انتظار ڪرڻ کان اڳ ئي ڪرڻ گهرجي.
اڱارو 22 فيبروري 2011ع