ريڊيو پاڪستان سنڌ ۾ اڻ ٻڌو ٿيندڙ سرڪار جو آواز !
”جڏهن تون ريڊيو پاڪستان جي مائيڪ تان ڳالهائين ٿو، تڏهن تنهنجو آواز تنهنجو نٿو رهي، اهو سرڪار جو آواز بڻجي ٿو وڃي. اها ڳالهه ڪڏهن به نه وسارجانءِ!“ اهي لفظ ملڪ جي نامياري براڊ ڪاسٽر مرحوم ضمير صديقيءَ 1988ع ۾ منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ چيا هئا. تڏهن مان پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد ۾ ريڊيو پروڊيوسر جي ٽريننگ حاصل ڪري رهيو هوس. پاڪستان جي سرڪاري نشرياتي اداري، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن، جنهن کي عام طور تي ريڊيو پاڪستان چيو وڃي ٿو. تنهن جي ملازمن کي انهن ئي بنيادن تي تربيت ڏني وڃي ٿي ته توهان سرڪار جو آواز آهيو. تعليم، تفريح ۽ معلومات عوام تائين پهچائڻ ريڊيو پاڪستان جي بنيادي مقصدن ۾ شامل آهن. معلومات جي حوالي سان ريڊيو پاڪستان جي پهرين ترجيح سرڪاري خبرن کي عوام تائين پهچائڻ آهي، پر اڄ اهو ريڊيو پاڪستان پاڻ خبرن جي زد ۾ اچي ويو آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن اندر، قومي اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ پاران منسٽري آف انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي سيڪريٽريءَ ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل کان انتظامي مامرن بابت پڇاڻي کان وٺي، ريڊيو جي فنڪارن کي وقت سر معاوضا نه ملڻ جهڙيون خبرون به اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن ته ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ريڊيو ٻڌندڙن جا خط به ڇپجندا رهيا آهن، جن ۾ اهي شڪايتون آهن ته ريڊيو پاڪستان جي نشريات صحيح نه هجڻ ڪري هو پروگرام ٻڌي نٿا سگهن! منهنجي نظر ۾ سڀني مامرن ۽ خبرن کان وڌيڪ اهم ته اها ڳالهه ئي آهي ته سنڌ اندر، ريڊيو پاڪستان جو آواز يا ته ٻڌندڙن تائين پهچي ئي نٿو، پر جن هنڌن تائين پهچي ٿو اتي به ڏاڍو جهيڻو ۽ ڪمزور ٿي پهچي ٿو، جيڪو عوام لاءِ ته ٺهيو، پر سرڪار لاءِ به لاڀائتو ناهي، ڇو ته ريڊيو پاڪستان کي سرڪار جو آواز چيو وڃي ٿو!
ريڊيو، اليڪٽرانڪ ميڊيا جو هڪ اوائلي ذريعو آهي. ڊش ۽ ڪيبل ٽي وي سسٽم ذريعي سوين ٽي وي چينلز تائين آسان رسائيءَ توڙي انٽرنيٽ جهڙي جديد سهولتن جي جهان کان پوءِ به ريڊيو جي اهميت ختم ناهي ٿي، پر ڏينهون ڏينهن دنيا ۾ ريڊيو نيٽ ورڪ وڌندو ئي رهي ٿو. جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته ريڊيو اليڪٽرانڪ ميڊيا جو سڀ کان سستو ذريعو آهي، ته ٻيو سبب ان جو موبائل هئڻ به آهي. ڪنهن زماني ۾ ته اڄ جي ٽي وي سيٽن جيترا وڏا ۽ وزني ريڊيو سيٽ هوندا هئا، جيڪي هلندا به بجليءَ تي هئا. ٽرانزسٽر جي ايجاد کانپوءِ نه فقط ريڊيو سيٽ جي سائيز ۽ وزن گهٽجي ويو، پر بيٽري سيلن تي هلڻ ڪري ان کي گهمندي ڦرندي ٻڌڻ به ممڪن بڻجي ويو. وقت سان گڏ ريڊيو سيٽ جو وزن ۽ سائيز وڌيڪ گهٽجندي وئي ۽ اهو پاڪيٽ سائيز بڻجي ويو. هاڻي ته ريڊيو ٻڌڻ لاءِ ريڊيو سيٽ خريد ڪرڻ جي ضرورت به نٿي پوي، پر موبائل فون تي به ايف ايم ريڊيو تي ٻڌي سگهجي ٿو. انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ ريڊيو ٻڌندڙن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيو آهي، گهٽتائي ڪابه ناهي ٿي، پر اسان وٽ عام تاثر اهو ئي ڏنو وڃي ٿو ته ”ريڊيو ٻڌي ڪير ٿو!؟“ اڄ کان ويهه سال اڳ به، دنيا جي ترقي يافته ملڪ آمريڪا جي هڪڙي ئي شهر نيويارڪ اندر هڪ سئو کان وڌيڪ ريڊيو اسٽيشنس هيون. هاڻي ته دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن جا ڪيترائي اهڙا شهر آهن، جن ۾ سئو کان وڌيڪ ريڊيو اسٽيشنس آهن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ترقي وٺرائيندڙ انهن ملڪن ۾ به اڄ تائين ريڊيو ٻڌڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. هن ملڪ ۾ سنڌ جي ته حالت ئي ٻي آهي، جتي بجليءَ جهڙي بنيادي سهولت به سمورن ڳوٺن کي مليل ناهي، اتي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ فقط ريڊيو ئي اڄ به تفريح ۽ معلومات جو ذريعو آهي، جنهن کي ”سرڪار جو آواز“ به چيو وڃي ٿو، پر سنڌ اندر، سرڪار پاڻ ئي پنهنجي آواز کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ سرڪار جو ڪوبه پيغام عوام تائين آسانيءَ سان نٿو پهچي!
سنڌ ۾ ريڊيو پاڪستان جون اسٽيشنس ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻي، مٺي ۽ ڀٽ شاهه ۾ آهن. جن مان مٺي ۽ ڀٽ شاهه کي ته ابتدائي طور تي ئي ايف ايم ٽرانسميٽر ڏنو ويو، پر سنڌ جي باقي چئن ئي اهم اسٽيشنس جي شروعات اي ايم ٽرانسميشن سان ڪئي وئي هئي. ايف ايم ۽ اي ايم ٽرانسميشن ۾ فرق اِهو آهي ته ايف ايم جي پهچ محدود علائقي تائين هوندي آهي، جڏهن ته اي ايم ٽرانسميشن پري تائين پهچي ٿي ۽ جيڪڏهن اي ايم ٽرانسميٽر جي حالت بهتر هجي ته ان جي نشريات ٻين ملڪن تائين به پهچي وڃي ٿي. اخباري خبرن ۽ اطلاعن سان ته اها ڄاڻ ملي ٿي ته سنڌ جي سمورين ڇهن ئي ريڊيو اسٽيشنس جي حالت لڳ ڀڳ هڪ جهڙي ئي آهي، پر هتي ڪجهه ذڪر مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي حالت جو ڪندس، ڪنهن زماني ۾ ته حيدرآباد ريڊيو جي نشريات نه فقط سڄي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻڌي ويندي هئي، پر اها اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان جي به هڪ وڏي حصي تائين پهچي ويندي هئي. 1989ع ۾ انڊيا جي شهر جيسلمير جي ڪجهه سنڌي ٻڌندڙن جا خط ته مون تائين به پهتا هئا. ان کان اڳ ته حيدرآباد ريڊيو جو اوج ئي ٻيو هيو، جنهن جو ذڪر ٽماهي ”مهراڻ“ جي 1967/4 واري شماري ۾ غلام محمد گرامي صاحب هن طرح ڪيو آهي، ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو آواز هڪ طرف ڪڇ، گجرات، بمبئي، احمد آباد، بڙودا ۽ پوني پهچي رهيو آهي ته ٻئي طرف جوڌپور ۽ جيسلمير جي ڏورانهن هنڌن تائين ٻڌو وڃي ٿو ۽ ٽئين طرف بلوچستان ۽ مڪران تائين وڃي ٿو. يعني پاڪستان کان ٻاهر به ڪروڙين سنڌي ڄاڻندڙ گجراتي، مرهٽا، جوڌپوري ۽ مارواڙي آباديءَ تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو آواز وڃي رهيو آهي“ پر هاڻي ته گرامي صاحب جي لکيل اها حقيقت ڪنهن وسري ويل خواب جهڙي ئي لڳي ٿي!
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اوج وارو اهو دور ۽ اها شاندار ڪارڪردگي به لنڊا بازار جهڙي پراڻي مال (مشنريءَ) تي هئي، جيڪو ٻين اسٽيشنس تي استعمال ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد ريڊيو تي آندو ويو هو! پر هاڻي ته انهن سڀني سيڪنڊ هينڊ مشينن ۽ ٽرانسميٽر جي حالت ويتر خراب ٿي ويئي آهي.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن 1955ع ۾ هوم اسٽيڊ هال ۾ قائم ڪئي وئي هئي ۽ انهيءَ کي 1962ع ۾ موجوده بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو هو. 1959ع ۾ 10 ڪلو واٽ جو ٽرانسميٽر لڳايو ويو هو، جنهن کي هن وقت چينل ٽو چيو وڃي ٿو ۽ اهو ٽرانسميٽر پنهنجي زندگي پوري ڪري چڪو آهي، پر پوءِ به ان کي ڌڪي گاڏيءَ جيان اڃا هلايو پيو وڃي!1971ع ۾ هڪ سئو ڪلو واٽ جو ٽرانسميٽر لڳايو ويو هو، جنهن کي چينل ون چيو وڃي ٿو. هن مرڪزي چينل جي ٽرانسميٽر جي حالت اها آهي ته اهو اڪثر ٽرپ ٿيندو رهي ٿو ۽ ٽرانسميشن رڪجندي رهي ٿي، ڇو ته هن پراڻي ٽرانسميٽر جا اسپيئر پارٽس به نٿا ملن. هالينڊ جي جنهن ڪمپنيءَ جو اهو ٽرانسميٽر ٺاهيل آهي، اها به بند ٿي چڪي آهي ۽ هن جديد دور ۾ والز وارو اهو ٽرانسميٽر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي! هن ٽرانسميٽر ۾ چار وال لڳل آهن، جيڪي 35 لک روپيا في وال جي حساب سان هڪ ڪروڙ چاليهه لک رپين جا آهن، جيڪي سڀ ڪمزور ٿي چڪا آهن. ريڊيو انجنيئرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به وقت ڪوبه وال سڙي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنهن به وقت نشريات مڪمل طور تي بند ٿي سگهي ٿي! پنج سال اڳ اهو طئي ٿيو هو ته لاهور، حيدرآباد ۽ ڪوئيٽا ۾ هڪ سئو ڪلو واٽ جا نوان ڊجيٽل ٽرانسميٽر لڳايا ويندا، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جي هن ريڊيو اسٽيشن جو منظور ٿيل اهو ٽرانسميٽر پشاور ريڊيو جي حوالي ڪيو ويو! ڊجيٽل ۽ وال ٽرانسميٽر جي نه فقط ڪارڪردگيءَ ۾ تمام وڏو فرق آهي، پر بجليءَ جي خرچ ۾ به ساڳيو فرق ٿئي ٿو. حيدرآباد ريڊيو جي والن واري پراڻي ٽرانسميٽر جو مهيني جو بل اٺ لک رپيا اچي ٿو، جڏهن ته ريڊيو تي پنجٽيهن سالن کان مٿي عرصو نوڪري ڪندڙ هڪ انجنيئر جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل ٽرانسميٽر سان اهو خرچ ماهوار اٺ لک رپين مان گهٽجي ٻه لک رپيا ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف اهي خبرون به گردش ۾ آهن ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اڌ ۾ رليل، نيئن تعمير ٿيندڙ بلاڪ جي منظور ٿيل مشنري ملتان ريڊيو جي حوالي ٿي چڪي آهي! هڪ طرف اهي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ فني مامرا رولڙي جو شڪار آهن ته ٻئي طرف حيدرآباد ريڊيو تي عملي جي کوٽ پڻ آهي. جيڪو عملو موجود آهي، ان کي سرڪار پاران پنجاهه سيڪڙو وڌايل پگهار نٿي ملي ته ڪي ملازم ڪانٽريڪٽ جي مشڪل پٽڙيءَ تي غير يقينيءَ جي تلوار هيٺان هلايا وڃن ٿا! اهي سڀ ڳالهيون، سنڌ ۾ سرڪار جي آواز (ريڊيو پاڪستان) کي محدود ڪري بند گهٽيءَ ۾ اچي بيهارين ٿيون. جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي آوازکي اثرائتي انداز سان سنڌ جي عوام تائين پهچائڻ چاهي ٿي ته، کيس ريڊيو حيدرآباد سميت، سنڌ جي سمورين ريڊيو اسٽيشنس طرف ڀرپور ڌيان ڏيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سرڪار جو اهو آواز، اڻ ٻڌو ئي رهجي ويندو.
اڱارو 14 ڊسمبر 2010ع