برسات ۽ لاوارث ٻار
بارش ۾ پسندڙ اهو ڏهاڪو سالن جو ٻارڙو روڊ جي پاسي کان بيٺل هو، جنهن لفٽ وٺڻ لاءِ هٿ سان اشارو ڪيو هو. تيز برسات سبب سندس ڪپڙن مان پاڻي ٽمي رهيو هو ۽ کيس لفٽ ڏيڻ سان گاڏيءَ جي سيٽ ۽ ڪارپيٽ جي ڪجهه خراب ٿيڻ جو پورو يقين هئڻ جي باوجود، معصوم چهري واري ان ٻار جي حالت سبب کيس نظرانداز ڪري گذري وڃڻ ممڪن نه هيو. جڏهن هو جسم ۽ ڪپڙن مان ٽمندڙ پاڻي سميت ڪار ۾ ويهي رهيو ته مون سندس نالو پڇيو. سانوري رنگ واري انهيءَ ٻار پنهنجو نالو ڀورو ٻڌايو. کائنس پڇيم، ”هيڏي بارش ۾ گهر کان ٻاهر ڇو نڪتو آهين؟“
ڀوري ڪو به جواب نه ڏنو. هٿ سان پنهنجي چهري تان بارش جو پاڻي اگهندو رهيو. مون ڪجهه ٽشو پيپر ڪڍي کيس ڏيندي چيو، ”تون جواب ڇو نٿو ڏئين؟“
سانورو ڀورو وري به چپ رهيو. ٽشو پيپرن سان پنهنجو چهرو صاف ڪندو رهيو. مون رستي تان نظر هٽائي ڀوري جي معصوم چهري ڏانهن ڏٺو، ”ڀلا وڃين ڪيڏانهن پيو؟“
منهنجي توقع جي ابتڙ ڀوري هڪدم وراڻيو، ”مائٽن جي گهر پيو وڃان.“
ونڊ اسڪرين مان شديد بارش ڏانهن ڏسندي کائنس پڇيم،
”توکي مائٽن ڏانهن ڪو ايڏو ضروري ڪم آهي، جو ايتري تيز بارش ۾ گهران نڪتو آهين!“
ڀوري معصوميت سان چيو، ”نه...ڪم ته ڪوئي ڪونهي!“
مون کي سانوري رنگ واري معصوم ڀوري تي رحم اچي ويو. کيس چيم، ”تون پنهنجي گهر واپس هليو وڃ، مان توکي تنهنجي گهر تائين ڇڏي ٿو اچان.“
ڀوري ڪو به جواب نه ڏنو. سوچ ۾ پئجي ويو. مون ڪار کي بريڪ لڳائي روڊ جي پاسي تي بيهاري ڇڏيو، ”ٻڌاءِ ڪٿي آهي تنهنجو گهر؟“
ڀوري جي اکين ۾ اداسي لهي آئي. ڳيت ڏئي چيائين، ”منهنجو ته ڪو گهر ئي ناهي سائين!“
مون کي حيرت به لڳي، ته ڏک به ٿيو. پيار سان پڇيم، ”ڇو تنهنجو گهر ناهي؟“
ڀورو چپ ڪيو ويٺو رهي. پيار سان سندس مٿي تي هٿ ڦيري چيم، ”ٻڌاءِ پٽ!“
پيار جا ٻه لفظ اثر ڏيکاري ويا ۽ ننڍڙي ڀوري پنهنجي ننڍڙي آتم ڪٿا ٻن منٽن ۾ ٻڌائي ڇڏي، جنهن مطابق ڀوري جو پيءُ گذريل سال واري ٻوڏ ۾ مري ويو ته ڪجهه مهينا پهرين سندس ماءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي. ويڳو پيءُ ڀوري کي پالڻ لاءِ تيار نه هو، ان ڪري سندس ماءُ ڀوري کي حيدرآباد ۾ مائٽن جي حوالي ڪري ڇڏيو. مائٽن جي خراب رويي ۽ پورو کاڌو نه ملڻ ڪري معصوم ڀورو بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿيو ۽ پوءِ مائٽن جي گهران نڪري هليو ويو. هاڻي هو حيدرآباد شهر جي فوٽ پاٿن ۽ ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي واري علائقي جي رستن تي زندگي گذاري ٿو ۽ ڪنهن هوٽل تان ملندڙ خيراتي مانيءَ تي گذارو ڪري ٿو. ان ڏينهن شديد بارش سبب جڏهن اها فوٽ پاٿ به ٻڏي وئي، جنهن جي ڪنڊ تي وڃي هو ويهندو هو ۽ رات جو اتي ئي سمهي پوندو هو، تڏهن هو مجبور ٿي رات گذارڻ لاءِ وري مائٽن جي گهر طرف وڃي رهيو هو.
ننڍڙي ڀوري جي ننڍڙي آتم ڪٿا ٻڌي هن دل کي جهٻو اچي ويو. ڪجهه سوچي کيس چيم، ”تون مون سان گڏ هل، مان ڪنهن نموني تنهنجي رهڻ ۽ پڙهڻ جو بندوبست ڪرائي وٺندس.“ منهنجي ڳالهه ٻڌي، ڀورو بيٺل ڪار مان هڪدم لهي پري هليو ويو. کيس سڏ ڪيم ته هن پري کان بيهي ڪنڌ ورائي ڏٺو. هٿ جي اشاري سان کيس سڏيم ته هن انڪار سان ڪنڌ لوڏي ڇڏيو. کيس سمجهائڻ لاءِ ڪار مان هيٺ لٿس ته هو خوف مان ڊوڙندو ڀرسان واري هڪ گهٽيءَ ۾ ڀڄي ويو. مان سمجهان ٿو ته فوٽ پاٿن تي سمهندي ۽ رستن تي رلندي معصوم ڀورو يقيناً ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ غلط ماڻهن جي هٿ به چڙهيو هوندو، جنهن ڪري هن کي منهنجي ڳالهه تي به يقين نه آيو ۽ هن بارش جي پاڻيءَ ۾ ڀَڄي پنهنجي جان بچائڻ ۾ ئي عافيت سمجهي.
ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ڪجهه ٻين وڏن شهرن ۾ به ڪيترائي لاوارث ۽ وارث هوندي به لاوارث بڻيل ٻار، انهن شهرن جي رستن، فوٽ پاٿن، پارڪن ۽ ميدانن تي زندگي گذارين ٿا. انهن مان اڪثر ٻار نه فقط جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا، پر اهڙيون رپورٽون به موجود آهن ته ڪجهه لاوارث ٻارن کي دهشتگرد تنظيمن به پنهنجي مقصدن خاطر استعمال ڪيو آهي. هڪ رپورٽ موجب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊن رستن، فوٽ پاٿن، پارڪن ۽ کليل ميدانن ۾ زندگي گذاريندڙ لاوارث ٻارن جو تعداد 55 کان 60 هزار آهي، جن مان 32 هزار لاوارث ٻار فقط هڪڙي شهر ڪراچيءَ ۾ موجود آهن ۽ انهن 32 هزار ٻارن مان 17 هزار ٻار ٻين شهرن کان آيل آهن. ڪيترن ٻارن کي ته اها به خبر ناهي ته هو آيا ڪٿان آهن ۽ سندن ماءُ پيءُ ڪير آهي!
لاوارث ٻارن بابت هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست به ٻڌڻيءَ هيٺ آهي ۽ تازو هاءِ ڪورٽ پاران ان سلسلي ۾ حڪومت کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. مون کي خبر ناهي ته انهيءَ درخواست تي هاءِ ڪورٽ ڪهڙو فيصلو ڏيندي ۽ ان تي ڪيترو عمل ڪيو ويندو. جڏهن ته پاڪستان جي آئين مطابق لاوارث ٻارن جي پالنا توڙي تعليم ۽ تربيت حڪومت جي ذميداري آهي، پر انهيءَ حوالي سان سرڪار جي سماجي ڀلائيءَ واري کاتي سميت سڀني ذميدار ادارن جي غير ذميداري ڪنهن کان به لڪل ناهي. سماجي ڀلائي واري کاتي ۾ ”ڀلائي“ ته ڄڻ ڪو واڌو لفظ ٿو لڳي. ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جو ڪردار به ذڪر جوڳو ناهي ته ساڳئي وقت اهڙن ٻارن لاءِ اسان جا انفرادي رويا به عام طور تي گهڻو بهتر ناهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سماج ۾ لاوارث ٻار، سماجي لاوارثي جو شڪار به آهن. هڪ طرف اسان جي سماج ۾ انسان جا ٻچا لاوارثيءَ جو شڪار آهن، ته ٻئي طرف دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ جانورن جي ٻچن کي به ائين لاوارث نٿو ڇڏيو وڃي. روس جي هڪ ڳوٺ جا رهواسي ته جهنگ ۾ مري ويل جانورن جي لاوارث ٻچن کي به پنهنجي گهرن ۾ کڻي اچي انهن جي پنهنجي ٻچن جيان پيار سان پالنا ڪن ٿا. خبر ناهي ته اسان وٽ آدم جي اولاد لاءِ بي حسيءَ جي بادلن مان اميد جو اهڙو سج ڪڏهن اڀرندو، جو معصوم ڀوري جيان، لاوارث ٻارڙا گرمي، سرديءَ ۽ بارشن ۾ فوٽ پاٿن، رستن ۽ کليل ميدانن تي بي وسيءَ واري رحم جوڳي زندگي گذارڻ تي مجبور نه ٿيندا!
اڱارو 20 سيپٽمبر 2011ع