سنڌي ٻوليءَ لاءِ ننڍڙا مظاهرا ۽ وسري ويل آسان سنڌي!
سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ گذريل ٻن هفتن کان سنڌي ادبي سنگت پاران مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. ادبي سنگت جي پڌري ڪيل پروگرام مطابق مظاهرن جو اهو سلسلو اڃا ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو، پر اهم ترين سوال اهو آهي ته، ڇا هڪ تمام وڏي مسئلي تي اهي ننڍڙا مظاهرا ڪو نتيجو ڏئي سگهندا؟ بيشڪ سنڌ جي هن اهم مسئلي جي حوالي سان سنڌي ميڊيا ننڍڙن مظاهرن کي وڏي ڪوَريج ڏئي رهي آهي ۽ اڄوڪي دنيا ۾ ميڊيا جو ڪردار بيحد اهم به سمجهيو وڃي ٿو، پر اسان جي ملڪ ۾ ٻولين توڙي قومن کي انهن جا حق ايترو آسانيءَ سان ملڻ جو نڪو مثال موجود آهي ۽ نه ئي ڪو اهڙو امڪان نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ ته هن اهم مسئلي کان بيحد ننڍن مسئلن تي، هن تحريڪ کان وڌيڪ منظم ۽ نسبتاً وڏين تحريڪن به گهربل نتيجا ناهن ڏنا. خود سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجي ويجهي ماضيءَ واري ان تحريڪ تي به نظر وجهڻ گهرجي، جيڪا يارهن ڪلاس ۾ سنڌي نصاب لاڳو ڪرائڻ لاءِ هلائي وئي هئي ۽ جنهن جو ٻين ڪيترين علمي ادبي تنظيمن کان سواءِ ڪاليجي استادن جي تنظيم سپلا به ڀرپور ساٿ ڏنو هو.
1972ع ۾ پ-پ جي پهرين حڪومت واري وقت ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ جي منظور ٿيل بل جي فقري 4/15 مطابق ”اهڙن سڀني ادارن ۾، جن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم ڏني پئي وڃي، سنڌي ۽ اردو لازمي مضمون جي حيثيت ۾ هوندا.“ انهيءَ بل تحت يارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن کي اردو ته پڙهائي وڃي ٿي، پر ان جي ابتڙ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي سنڌي نٿي پڙهائي وڃي! سنڌي شاگرد يارهين ڪلاس ۾ لازمي مضمون طور اردو پڙهن ٿا ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ کين سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، پر اردو ڳالهائيندڙ شاگرد ٻنهي سالن ۾ فقط اردو ئي پڙهن ٿا. 1972ع جو ٻوليءَ وارو بل سنڌي ٻوليءَ کي لاڳو ڪرڻ خاطر هو، پر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ شاگردن کي ڪنڌ ۾ پئجي وئي اردو! مان يارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن جي اردو پڙهڻ جي مخالفت قطعي نٿو ڪريان، جو ٻوليون محبتن کي وڌائڻ جو وسيلو هونديون آهن، پر هي ته ڄڻ سنڌي ڳالهائيندڙن کي هڪ طرفي محبت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿو وڃي! 1972ع واري سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ قانون مطابق لازمي سنڌي سبجيڪٽ جي شروعات هيٺين سطح کان ٿيڻي هئي، جنهن مطابق اردو ڳالهائيندڙ ٻار پرائمري سطح تي چوٿين ۽ هاءِ اسڪول جي سطح تي ڏهين ڪلاس ۾ سنڌي پڙهن ٿا، ته پوءِ انهيءَ بل آڌار 1984ع کان لاڳو ٿيندڙ سنڌي سبجيڪٽ کي ڪاليج سطح تي شامل نه ڪرڻ جو، نيت جي سچائي نه هئڻ کان سواءِ ڪو ٻيو سبب ته سمجهه ۾ نٿو اچي!
سنڌي ادبي سنگت پاران 5-2004ع ۾ سنڌي نصاب کي يارهين ڪلاس ۾ لاڳو ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي وئي هئي ۽ ادبي سنگت جي انهيءَ مطالبي کي هٿي ڏيندي، 2005ع ۾ سپلا پاران پهرين جولاءِ کان 18 جولاءِ تائين حيدرآباد ۾ بک هڙتال ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اردو ڳالهائيندڙ حقيقت پسند ڪاليجي استادن پڻ حصو ورتو هو. انهيءَ جي نتيجي ۾ 29 جولاءِ 2005ع تي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي، تعليم جي وفاقي وزارت کان يارهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ سنڌي ۽ اردوءَ جي اسڪيم آف اسٽڊيز جي گُهر ڪئي هئي، جنهن تي وفاقي وزارت جي ڪريڪيوليم ونگ 22 آگسٽ 2005ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ يارهين ڪلاس ۾ هڪ سئو مارڪن جي ”آسان اردو“، جيڪا سنڌي شاگرد اڳ ۾ ئي پڙهي رهيا هئا ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ 100 مارڪن جي ”آسان سنڌي“ جي اسڪيم آف اسٽڊيز جاري ڪئي وئي هئي. ان مطابق سنڌ جي سيڪريٽري تعليم 27 سيپٽمبر 2005ع تي يارهين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ پڙهائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ”آسان سنڌي“ جو ڪتاب پڻ ڇپائي تيار ڪيو ويو هو، پر 14 آڪٽوبر 2005ع تي گورنر سيڪريٽريٽ مان مداخلت سبب اهو نوٽيفڪيشن رد ڪيو ويو هو! جنهن تي ڪاليجي استادن جي تنظيم سپلا پاران فيڪس وسيلي لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سان رابطو ڪري کيس چيو هو ته، هو هن اهم مسئلي تي مداخلت ڪري، جيئن سنڌ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري وارو ماحول قائم ڪري سگهجي. الطاف حسين واعدو ڪيو هو ته يارهين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ کي شامل ڪيو ويندو، پر سندس اهو واعدو ڪڏهن به پورو نه ٿيندڙ ”سياسي واعدو“ ئي ثابت ٿيو هو ۽ يارهين ڪلاس جي نصاب ۾ اڄ تائين ”آسان سنڌي“ جو مضمون شامل ٿي نه سگهيو آهي. جڏهن ته 2005ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران 30 هزارن جي تعداد ۾ ڇپايل ”آسان سنڌي“ وارو ڪتاب مارڪيٽ ۾ موڪلڻ بجاءِ گودام ۾ بند ڪري اڏوهيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو. گودام ۾ بند ڪري وساري ڇڏيل هن ڪتاب جيان، اسان سنڌي نصاب جي انهيءَ مسئلي کي به وساري ڇڏيو آهي!
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته جيڪڏهن 1972ع جي ٻوليءَ واري منظور ٿيل بل جي باوجود ادبي سنگت، سپلا ۽ ٻين تنظيمن جي چڱي ڀلي تحريڪ به فقط يارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي جو نصاب لاڳو ڪرڻ جا نتيجا نه ڏئي سگهي، ته ڇا ان کان هزار دفعا وڏو، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ وارو مطالبو سنڌي ادبي سنگت جي ننڍڙن مظاهرن سان مڃجي ويندو!؟ بيشڪ ادبي سنگت سنڌيءَ سان گڏ پنجابي، پشتو ۽ بلوچيءَ کي به قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي. پر روڊن رستن تي ننڍڙن مظاهرن جي صورت ۾ به هي تحريڪ فقط سنڌ ۾ نظر اچي رهي آهي، باقي ٽنهي صوبن مان ته ڪنهن هڪڙي صوبي ۾ به، ڪنهن هڪڙي ننڍڙي مظاهري جي به ڪا خبر رپورٽ ناهي ٿي!
ڪنهن به قوم کي سندس جائز حق ڏيڻ ڪو مسئلو نه هئڻ گهرجي، پر اسان جي ملڪ ۾ پهرين ڏينهن کان اهو ئي سڀ کان وڏو مسئلو رهيو آهي، جنهن ڪري سرحد صوبي جو نالو تبديل ڪري خيبر پختونخوا رکڻ به آسان ڳالهه نه هئي، پر اهو سياسي دٻاءَ جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو. ڪالاباغ ڊيم وارو اشو به اسان جي سامهون آهي. ڪالاباغ ڊيم خلاف ٿيل جدوجهد ۾ جيتوڻيڪ خيبر پختون خواه به شامل رهيو، پر ان تحريڪ جي حقيقي اڳواڻي سنڌ ڪئي هئي ۽ سنڌي عوام، سموريون سياسي پارٽيون توڙي اسيمبلي ميمبر هڪ آواز ٿي بيٺا هئا ته ماضيءَ جي حڪومتن کي اهو اعلان واپس وٺڻو پيو هو. (تڏهن به ڪالا باغ ڊيم جو راڳ اڃا بند ناهي ٿيو، پر ان جو رينگٽ ڪڏهن ڪڏهن اڃا تائين به ٻڌجي ٿو!) ان ڪري ٻوليءَ جي معاملي تي به ننڍڙن مظاهرن ۽ اخباري بيانن بجاءِ ڪنهن منظم ۽ وڏي تحريڪ جي ضرورت آهي، جنهن جو دائرو روڊن رستن ۽ جلسي گاهن کان وٺي اسيمبلين جي ايوانن تائين ڦهليل هجڻ گهرجي. سنڌي توڙي ٻين ٻولين لاءِ قومي ٻولين جي درجي جو آخري معرڪو اسيمبلين جا ايوان ئي آهن. تنهن ڪري فقط روڊن تي بيهي رڙيون ڪرڻ سان گهربل نتيجا نه ملي سگهندا، پر انهن نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، چئني صوبائي اسيمبلين سان گڏ، خاص طور تي ملڪ جي قومي اسيمبليءَ جي وڌ کان وڌ ميمبرن کي قومي ٻولين واري هن تحريڪ جو حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي.
اڱارو 15 فيبروري 2011ع