سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر
ڪٿي پڙهيو هئم ته، ”فڪري لحاظ کان وڏا ماڻهو ارتقا جي تاريخ ۾ رڪاوٽ هوندا آهن.“ ساڳئي آرٽيڪل ۾ ساڪريٽس، پليٽو ۽ ارسٽاٽل جو حوالو ڏيندي چيو ويو هو ته، ”انهن ٽن ماڻهن انسان ذات کي هزارين سالن تائين حيرت ۾ وجهي، فڪري ارتقا جو رستو به هزارين ورهين تائين بند ڪري ڇڏيو هو!“
اسان سنڌ واسي به زندگيءَ جي هر شعبي ۾، وڏن نالن جي سحر ۾ ڦاٿل رهيا آهيون. ٻين شعبن سان گڏ اسان جو ادب پڻ انهيءَ سحر کان آجو ناهي. نسيم کرل جي موت جي حوالي سان عبدالقادر جوڻيجي چيو هو، ”سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي آهي!“ عبدالقادر جوڻيجي جي اها راءِ اسان وٽ ڪيترن سالن کان ورجائبي رهي آهي ۽ گذريل ٽيهارو سالن جي عرصي ۾ لکيل سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڄ تائين سنجيدگيءَ سان جائزو ئي ناهي ورتو ويو، جنهن جي ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جي مري وڃڻ جهڙيون ڳالهيون به ٿينديون رهيون آهن!
مڃون ٿا ته جمال ابڙو، اياز قادري، غلام رباني ۽ نسيم کرل وڏا ڪهاڻيڪار هئا. امر جليل، حميد سنڌي، غلام نبي مغل ۽ ماهتاب محبوب جي اهميت کان به انڪار ناهي، پر جيڪڏهن 1978ع ۾ نسيم کرل جي گوليءَ سان ٿيل موت کي اسان سنڌي ڪهاڻيءَ جو موت تصور ڪري گذريل ٽيٽيهن سالن کان اڄ تائين تڏي تي ئي ويٺل رهياسين ته پوءِ خير النساءِ جعفري، نورالهديٰ شاهه، ڪيهر شوڪت ۽ رزاق مهر کان وٺي اڄ تائين جي نون ڪهاڻيڪارن جي سرجيل ڪهاڻيءَ کي انڪار جي گوليءَ سان ماري ڇڏينداسين. مڃون ٿا ته اسان جي انهن وڏن ۽ سينئر ڪهاڻيڪارن سٺيون ڪهاڻيون لکيون هيون، پر سندن لکيل سموريون ڪهاڻيون ”شاهڪار“ جي زمري ۾ نٿيون اچن. اسان جي انهن ”عظيم ڪهاڻيڪارن“ ڏانهن سندن ئي وقت ۾ به آڱريون کنيون ويون هيون. ممتاز مهر پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۾ سنڌي ڪهاڻي جي اوسر“ ۾ لکيو آهي ته، ”اياز قادريءَ جي ڪهاڻي ”بلو دادا“ جڏهن شايع ٿي، تڏهن هن جا پنهنجا هم عصر ڪهاڻيڪار ئي چوڻ لڳا ته اها ڪهاڻي هن سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻي ”ممو دادا“ کان متاثر ٿي لکي آهي. جڏهن ته غلام ربانيءَ جي ڪهاڻي ”شيدو ڌاڙيل“ ۾ پڻ منٽو جي ٻي ڪهاڻي ”شيدي“ جون جهلڪيون پيون نظر اچن“.
جمال ابڙي جي مشهور ڪهاڻي ”پشو پاشا“ لاءِ به چيو ويو هو ته اها روسي ليکڪ ميڪسم گورڪيءَ جي ڪهاڻيءَ کان متاثر ٿي لکيل آهي. ڳالهه فقط متاثر ٿيڻ جي حد تائين محدود ناهي رهي، پر اسان جي ”وڏن ڪهاڻيڪارن“ جون ڪي ڪهاڻيون ته ٻين ٻولين جي ڪهاڻين جون Adoption ٿيون لڳن. نسيم کرل جي مشهور ڪهاڻي ”چوٽيهون در“ جي ساڳئي خيال واري هڪ پراڻي فارسي ڪهاڻيءَ جو اردو ترجمو به ڪافي سال اڳ مون پڙهيو هو. ”چوٽيهون در“ ۽ انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ فرق فقط اهو هو، ته ”چوٽيهون در“ ۾ ٻن ٿاڻن جي پوليس لاش جي جاچ مان پاڻ کي آجو رکڻ لاءِ، لاش کي چوٽيهين در کان ڪڍي ٽيٽيهين در ۽ وري ٽيٽيهين در کان چوٽيهين در ۾ڦاسائيندي رهي ٿي، جڏهن ته انهيءَ فارسي ڪهاڻيءَ ۾ درياهه جي بجاءِ هڪ روڊ جو ذڪر آهي ۽ ٻن ٿاڻن جي پوليس لاش کي روڊ جي هڪ طرف کان کڻي ٻئي طرف اڇليندي رهي ٿي!
اسان جي انهن وڏن ڪهاڻيڪارن الزامن کان آجيون شاهڪار ڪهاڻيون به ضرور لکيون آهن، پر مجموعي طور تي انهيءَ دور ۾ به سنڌي ڪهاڻيءَ جي صورتحال ڪا گهڻي بهتر ناهي رهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ٻڌندا هئاسين ته سنڌيءَ ۾ دنيا جي عظيم ڪهاڻي لکي وڃي ٿي. انهيءَ زماني ۾ ئي ”عظيم ڪهاڻيڪارن جون عظيم ڪهاڻيون“ ۽ ٻين اهڙن نالن سان چونڊ ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ ڇپيا هئا. هن بندي پنهنجي ڪچي عمر ۾ اهي ڪتاب پڙهي اهو ئي سمجهيو هو، ته عظيم ڪهاڻي ائين ئي هوندي، پر چار سال اڳ جڏهن ڪنهن چونڊ خاطر مون اهي ”عظيم ۽ شاهڪار“ ڪهاڻين وارا ڪتاب ٻيهر پڙهيا هئا ته انهن ”عظيم ڪهاڻيڪارن“ جون ڪيتريون ڪهاڻيون مون کي ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ تي به پوريون لهندي نظر نه آيون هيون! ان ڪري جيڪڏهن اسان خود پسنديءَ يا ذاتي پسند/ناپسند جي خول کان ٻاهر نڪري سوچينداسين ته، نه اسان کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ماضيءَ تي فخر محسوس ٿيندو ۽ نه ئي اسان سنڌي ڪهاڻيءَ جي حال توڙي مستقبل کان گهڻو مايوس ٿينداسين. ان حوالي سان انيس انصاري اڪيڊمي طرفان گذريل ٻن ڪانفرنسن جيان، تازو نسيم کرل جي شهر خيرپور ميرس ۾ ٿيل ٽين ڪهاڻي ڪانفرنس به سنڌي ڪهاڻيءَ جي حال توڙي مستقبل لاءِ روشن ڪرڻي جيان نظر اچي ٿي، جنهن ۾ هن سال نئين ٽهيءَ جي 50 ليکڪن جي اڻ ڇپيل ڪهاڻين کان سواءِ ٻارن طرفان لکيل، ٻاراڻي ادب جون به 30 ڪهاڻيون شامل ٿيون آهن.
اڱارو 25 جنوري 2011ع