کاهيءَ مٿان بيٺل طارق عالم
گوتم منهنجي اکڙيل ساهن کي ڏسي، هٿ ۾ جهليل ميگزين هنڌ تي کليل ڇڏي، منهنجي ڀر ۾ اچي ويهي رهيو، لکڻ بند ڪري ڏانهنس ڏسڻ لڳو هوس. همدرديءَ مان چيو هئائين،”تنهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، توکي آرام ڪرڻ گهرجي“.
ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو هوس.
پڇيو هئائين، ”بتي وسائي ڇڏيان؟“
”ها، سڀ بتيون وسائي ڇڏ!“
گوتم سڀ بلب وسائي ڇڏيا هئا. ڪمرو منهنجي اندر جي ڪنڊ بڻجي پيو هو. پلنگ تي سنئون سمهي ٻئي ٻانهون ڪنڌ هيٺان ورائي ڇڏيون هئم. اوندهه رستا بڻجي پئي هئي....هر ڏسا تنهنجي پينسل هيل جا پڙاڏا گونجڻ لڳا هئا. پڙاڏا، جيڪي مون کان پري ٿي رهيا هئا. ڳِجهه منهنجو جيرو ٽڪڻ لڳي هئي. مان تنهنجي ٽهڪن ۾ دفن ٿيڻ لڳو هوس. مونجهه سبب گلو گهٽجڻ لڳو هو ۽ مون دروازو کولي ڇڏيو هو. گوتم ڀر ۾ رکيل ٽيبل ليمپ ٻاري چيو هو، ”ڪيڏانهن...؟“
”ٻاهر“ ڊگها ساهه کڻڻ لڳو هوس.
گوتم پيرن ۾ جتي پائيندي چيو هو، ”مان به ٿو هلان.“ هن هڪ ڪمبل مون ڏانهن وڌائي، ٻيو پاڻ کي ويڙهي ڇڏيو هو. اسان ٻئي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪوريڊور مان هلندا، ٻاهر نڪري آيا هئاسين....
اڄوڪي ڪالم جو اهو مٿيون حصو طارق عالم جي ناول ”رهجي ويل منظر“ جو هڪ ٽڪرو آهي، جنهن جو هڪڙو ڪردار ته طارق عالم پاڻ آهي ۽ ٻيو، گوتم جي نالي وارو ڪردار منهنجو آهي. مون کي خبر ناهي ته، طارق عالم مون کي پنهنجي ناول جو ڪردار بڻائيندي، منهنجي ڪردار لاءِ گوتم جي نالي جي چونڊ ڇو ڪئي هئي، پر مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته جڏهن طارق اهو ناول لکي رهيو هو، تڏهن هو ذهني طور تي ڏاڍو وکريل هو، پنهنجي اندر ئي اندر ۾ هو ڀڄي ڀري رهيو هو، جنهن ڪري ان رات مون هن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو ڇڏڻ نٿي چاهيو. هن هلندي هلندي ڪيترائي دفعا مون کي موٽي وڃڻ لاءِ چيو هو، پر مان هن جي نه چاهڻ جي باوجود ساڻس گڏ هلندو رهيو هوس. هو ڄامشوري جي هڪ ٽڪريءَ جي مٿان وڃي بيهي رهيو هو، جنهن جي ٻئي طرف هڪ وڏي اونداهي کاهي هئي. طارق جي اندروني ڀڃ ڊاهه ۽ سندس جذباتي طبيعت سبب مون کي خوف ورائي ويو هو. هو انتهائي بهادر شخص آهي، پر ان رات سندس بهادريءَ سبب ئي مون کي ڊپ ٿي رهيو هو ۽ کاهيءَ مٿان بيٺل طارق جي ٻانهن کي مون مضبوطيءَ سان پڪڙي ورتو هو. تڏهن هن منهنجي هٿ مان پنهنجي ٻانهن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هو، ”ڊڄ نه، مان خودڪشي نه ڪندس!“ پر مان هن جي ٻانهن کي ڇڏي نه سگهيو هوس ۽ ڪجهه دير کان پوءِ کيس ڇڪي کاهيءَ کان پري وٺي ويو هوس. انهيءَ رات جو اوجاڳو مون طارق جي نانءِ ڪري ڇڏيو هو ۽ جيڏانهن هو ويو ٿي، مان ساڻس گڏ هلندو رهيو هوس. سياري جي انتهائي سرد رات جا ٽي ٿيا هئا، جڏهن اسان ٻئي علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ايلسا قاضيءَ جي قبرن وٽ پهتا هياسين. اها سرد رات اسان ٻنهي، انهن ٻن قبرن جي وچ ۾ ويهي، زندگيءَ جون ڳالهيون ڪندي گذاري هئي ۽ صبح ٿي ويو هو.
”رهجي ويل منظر“ لکندي هو شديد ڪرب مان گذريو هو. انهيءَ ناول طارق عالم کي هڪ منفرد ليکڪ واري سڃاڻپ ته ڏني، پر ناول ڇپجڻ کان ڪجهه سال پوءِ هو بيمار ٿي پيو. سندس ٻئي گڙدا ختم ٿي ويا ۽ سندس علاج هن ملڪ ۾ ممڪن نه رهيو. محمد خان جوڻيجي واري ”آمريتي جمهوريت“ واري دور ۾ عبدالقادر جوڻيجي، نورالهديٰ شاهه ۽ نصير مرزا سنڌڙيءَ ۾ وڃي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو در جهليو هو. جوڻيجي صاحب فقط ٽن سنڌي ليکڪن جي ڪهي اچڻ کي مانُ ڏنو هو ۽ طارق عالم جو لنڊن مان علاج ممڪن ٿي سگهيو هو، پر موجوده حقيقي جمهوريت واري دور ۾، لڳ ڀڳ ڏيڍ مهيني کان طارق عالم بيماريءَ جي بستري تي پيل آهي. هاڻي ته علاج لاءِ لنڊن تائين وڃڻ جي ضرورت به ناهي ۽ سندس علاج پاڙيسري ملڪ انڊيا ۾ ئي ممڪن آهي، پر پوءِ به طارق سان گڏ سندس گهر ڀاتي ۽ سنڌ جا سمورا علمي ادبي حلقا انتظار جي سوليءَ تي لٽڪيل آهن! سنڌ جي ثقافت کاتي بيشڪ ته طارق عالم سان ڀلائي ڪئي آهي ۽ کيس پندرهن لک رپين جو چيڪ ڏنو آهي، پر بدقسمتيءَ سان پندرهن لکن مان به طارق عالم جي درد جو دارون ممڪن ناهي. بيشڪ ته صوبائي وزير ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان صاحب طارق عالم سان ڀلائي ڪندي، سنڌ جي وزير اعليٰ سان ملاقات ڪري کيس طارق عالم جي علاج جي گذارش ڪئي هئي ۽ 28 اپريل جي ڪاوش ۾ ڇپيل خبر مطابق، ”وڏي وزير هيلٿ ڊپارٽمينٽ کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري هيلٿ 5 مئي تي ميڊيڪل بورڊ جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل ليکڪ جو طبي معائنو ڪيو ويندو.“ انهيءَ خبر تي غور ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ جي وزير اعليٰ جي حڪم جي باوجود، سيڪريٽري هيلٿ پورا اَٺَ ڏينهن ته فقط طارق عالم کي سندس معائنو ڪرائڻ لاءِ انتظار ڪرايو ويو. ٻئي طرف سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ۾ داخل طارق عالم جو معائنو ملڪ جو هاڪارو سرجن اديب رضوي ان کان اڳ ئي ڪري چڪو هو، جنهن جون سموريون رپورٽون اڳ ئي موجود هيون. ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جهڙي رسمي ڪارروائي، سا به وزير اعليٰ صاحب جي حڪم باوجود اَٺَ ڏينهن پوءِ معائنو ڪرڻ جهڙين ڳالهين ۾ وقت وڃايو ويو. 5 مئي تي ميڊيڪل بورڊ طارق عالم جو معائنو ڪري، سندس علاج انڊيا مان ڪرائڻ جي سفارش وزير اعليٰ کي موڪلي ڏني آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته طارق عالم کي بنا دير جي علاج خاطر موڪليو وڃي، ڇو ته وقت ڪنهن جو به انتظار ناهي ڪندو. وقت واريءَ جيان هٿن مان وهي ويندو آهي ۽ پاڻيءَ جيان ٻڪ مان ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙي ويندو آهي...ڪٿي ائين نه ٿئي ته وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو گهِرگهِلو ٿي پئي...!
مون کي خبر ناهي ته ٽيهارو سال اڳ، ”رهجي ويل منظر“ ۾ طارق عالم ڇو لکيو هو ته، ”ڳِجهه منهنجو جيرو ٽڪڻ لڳي هئي...“ پر اڄ طارق عالم جي گڙدن سان گڏ سچ به سندس جيرو ٽُڪجي ويو آهي! ٽيهه سال اڳ ته سياري جي هڪ رات، اونداهي کاهيءَ مٿان پهاڙ تي بيٺل طارق عالم کي مان ٻانهن کان ڇڪي پري وٺي ويو هوس، پر اڄ طارق عالم جنهن اونداهي کاهيءَ مٿان بيٺل آهي، کيس اتان ڇڪي وٺڻ منهنجي وس ۾ ناهي. اڄ طارق عالم کي ڪو وقت جو حڪمران ئي ان اونداهي کاهيءَ کان پري ڇڪي سگهي ٿو، ڇو ته سنڌ جي خزاني جون چاٻيون سنڌ جي حڪمرانن وٽ ئي آهن!
ڇنڇر 7 مئي 2011ع