ڪالم / مضمون

سنڌ جي ڳالھ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم/ مضمون روزانه ”ڪاوش“ ۾ 2010ع کان 2014ع جي وچ ۾ لکيا ويا، سواءِ ٻن جي، جيڪي روزانه ”عوامي آواز“ ۾ ڇپيا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 3224
  • 659
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي ڳالھ

شمشير کي سڏ ڪيو ...

شمشير کي سڏ ڪيو ...

”ناميارو شاعر ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ شمشير الحيدري ڪراچيءَ جي گهر ۾ بيماريءَ دوران چونڊيل نمائندن ۽ دوستن طرفان سار نه لهڻ سبب مايوس ٿي اسلام آباد منتقل ٿي ويو.“ ڪالهوڪي ڪاوش ۾ اها خبر پڙهيم ته اداسيءَ سان گڏ دل کي هڪ خوف به ورائي ويو....هن دل جي خوف جي ڳالهه ته پوءِ ٿا ڪيون، پهرين ته پياري شمشير جي ڳالهه ڪيون. خبر مطابق سندس چوڻ آهي ته، ”ڪنهن کان به ڪا شڪايت ناهي. هڪ ڀيرو ثقافت کاتي وارا طبيعت پڇڻ ۽ علاج خاطر ڪجهه رقم ڏئي ويا هئا، پر ان کان پوءِ ڪنهن به سرڪاري ماڻهوءَ سار نه لڌي آهي.“
هڪل سان ته پهتا هئا يار پنهنجا،
وري ويا ڪري آگ ٽارڻ جون ڳالهيون.
(شمشير)
مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هن فقير منش ليکڪ کي مايوس ناهي ڏٺو، وڏي کان وڏي مشڪل به کلي چوندو، ”مولا تي ننگ آهي.“ اهو ئي سبب آهي ته جڏهن اهو پڙهيو اٿم، ته هو مايوس ٿي اسلام آباد هليو ويو آهي ته دلي کي ڏک سان گڏ حيرت به ٿي آهي. شمشير ۽ مايوسي، اهو ته کوڙو ئي نٿو لڳي. مان سمجهان ٿو ته ڪاوش جي رپورٽر، پياري مصطفيٰ ملاح، شمشير جي بيماريءَ سبب هيڻي حالت ۽ جهيڻي آواز ڪري لکي ڇڏيو آهي ته هو مايوس ٿي اسلام آباد هليو ويو. جڏهن ته خبر ۾ رپورٽ ٿيل شمشير جي ڳالهين ۾ ته وري به اميد ۽ حوصلو موجود آهي. هو چوي ٿو ته، ”مون کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.“
حقيقت اها آهي ته شمشير الحيدريءَ هن وقت تائين به گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. هن ادب، صحافت توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دنيا ۾ پنهنجا اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. ايم آر ڊي تحريڪ واري وقت ۾ هو هڪ انتهائي گهٽ سرڪيوليشن واري اخبار جو ايڊيٽر ٿيو هو، ته چند ڏينهن اندر اها اخبار ان دور جي سڀ کان وڏي سرڪيوليشن واري اخبار بڻجي وئي هئي. نه فقط اخبار، پر ٽماهي ”مهراڻ“ توڙي ماهوار ”نئين زندگي“ جا سندس دور وارا شمارا سندس محنت ۽ ڏاهپ جو ڏيک ڏين ٿا. شمشير الحيدريءَ کي جيڪڏهن اسان سنڌي ٽي وي ڊرامي جو باني چئون ته اهو به غلط نه ٿيندو، ڇو ته پاڪستان ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڊرامو ”زينت“ ٽيليڪاسٽ ٿيو هو، جنهن جي ڪهاڻي ته مرزا قليچ بيگ جي ناول تان ورتل هئي، پر ان جي ڊرامائي تشڪيل شمشير الحيدريءَ ڪئي هئي. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ته هو نهايت باڪمال ۽ محفلن کي مچائيندڙ شاعر رهيو آهي.
شمشير کي سڏ ڪيو، شمشير ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد!
(شمشير)
حقيقت به اها آهي ته شمشير جي شعر سنڌ جي ادبي ميڙاڪن ۽ محفلن کي سدائين مچايو آهي. هن بندي سميت جڏهن به ڪنهن ڪمپيئر، ڪنهن ادبي محفل جي ابتدا ۾ شمشير جو شعر ”دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين....“ پڙهيو آهي ته سڄو هال تاڙين سان گونجي اٿيو آهي، پر افسوس جي هڪڙي ڳالهه ته اها به آهي ته شمشير الحيدريءَ جهڙي باڪمال ۽ سينئر شاعر جو هيل تائين فقط هڪڙو ئي شعري مجموعو ”لاٽ“ جي نالي سان 1961ع ۾ ڇپيو هو. ٻين موضوعن تي نثر ۾ ته سندس ڪجهه ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن، پر شمشير الحيدريءَ جي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت سان ئي آهي ۽ سا به هڪ باڪمال شاعر جي حيثيت. هتي غير سرڪاري ”واپاري“ پبلشرن کي ميار ڏيڻ ته اجائي آهي، جو سنڌ ۾ طارق اشرف جهڙو ڪو باشعور ۽ نظرياتي پبلشر ته هاڻي موجود ئي ناهي، پر اها ميار سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ثقافت کاتي کي ته ڏئي سگهجي ٿي ته، 1961ع ۾ پهريون شعري مجموعو ڇپجڻ کان پوءِ 2011ع تائين اڌ صدي گذري وڃڻ بعد به هن باڪمال شاعر جي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب نه ڇپجي سگهيو آهي! ڇا قمر شهباز جيان شمشير الحيدريءَ جا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ به اسان جا علمي ادبي ادارا تڏهن اک پٽيندا، جڏهن شمشير جون ڪمزور نظر واريون اکيون سدائين لاءِ بند ٿي وينديون!؟ مان سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ سنڌ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو صاحبا کي گذارش ڪيان ٿو ته هو شمشير الحيدريءَ جا اڻ ڇپيل، توڙي اڳ ڇپيل ڪتاب ٻيهر ڇپائڻ جو بنا دير جي بندوبست ڪن، جيئن نه فقط هن باڪمال ليکڪ ۽ شاعر جو قلمي پورهيو پڙهندڙن تائين پهچي سگهي، پر شمشير پاڻ به پنهنجي زندگيءَ ۾، پنهنجي علمي ڪم کي ڪتابن جي صورت کڻي چٽيءَ طرح ڏسي نه سهي، (جو سندس نظر بنهه گهٽجي وئي آهي ) پر انهن ڪتابن کي ڇهي ته سگهي!
سنڌ جو هاڪارو دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پڻ ڪافي عرصي کان بيماريءَ جي بستري تي آهي، پر ٿورو عرصو اڳ تائين سوڀي صاحب جون تحريرون اسان کي ڪاوش جي صفحن تي نظر اينديون هيون. ان ڪري ته اهي سڀ تحريرون بيماريءَ جي بستري تي ليٽيل حالت ۾ ئي هن محمد علي پٺاڻ کي ڊڪٽيٽ ڪري لکرايون هيون، پر جڏهن محمد علي پٺاڻ به وڃي بستري داخل ٿيو ته ڪامريڊ سوڀي جون نيون لکڻيون اچڻ به بند ٿي ويون!
شمشير الحيدريءَ چيو آهي ته، ”اسلام آباد ۾ پٽ جي مدد سان ڪتابن جو رهيل ڪم پورو ڪرڻو آهي. گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڪتابن جو مواد پيل آهي، جنهن کي ڪتابن جي شڪل ڏيڻي آهي. آتم ڪٿا به لکڻي آهي، پر اکين جي روشني ختم ٿيڻ سبب اهي سڀ ڪم اڌورا رهجي ويا آهن.“ مون کي خبر ناهي ته اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندڙ شمشير الحيدريءَ جو پٽ سليم احمد حيدري ڪيترو ادبي ذوق رکندڙ آهي ۽ هو پنهنجي پيءَ کي ڪيترو وقت ڏئي سگهندو، جو شمشير نه فقط پنهنجي اڳ لکيل مواد کي ڪتابن جي صورت ۾ سهيڙي سگهندو، پر پنهنجي آتم ڪٿا به لکي سگهندو! جيڪڏهن شمشير ڪراچيءَ موٽي به اچي ته مان نٿو سمجهان ته ڪراچيءَ جهڙي وڏي ۽ مصروف شهر ۾ ڪو نوجوان ليکڪ دوست کيس ايترو وقت ڏئي سگهندو، جو شمشير پنهنجا رهيل ادبي ڪم پورا ڪري ۽ آتم ڪهاڻي لکي سگهندو. ان ڪري مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ سسئي پليجو صاحبا کي مان شمشير جي ڪتابن جي اشاعت سان گڏوگڏ اها گذارش به ڪندس ته، شمشير کي سنڌ واپس آڻي نه فقط سندس مناسب علاج ڪرايو وڃي، پر سندس پرگهور سان گڏوگڏ ڪو ادبي ذوق رکندڙ اهڙو ماڻهو به مهيا ڪيو وڃي، جنهن کي ڊڪٽيٽ ڪرائي، شمشير پنهنجي آتم ڪٿا به لکرائي سگهي، ته پنهنجا اڌ ۾ رهيل ادبي ڪم به مڪمل ڪري سگهي. سنڌ جي هن باڪمال ليکڪ انتهائي متحرڪ زندگي گذاري آهي. سندس زندگيءَ جي تجربن کي اڻ لکيو رهجي وڃڻ کان بچائڻ جي اهائي هڪ بهتر صورت ٿي سگهي ٿي.
مون ابتدا ۾، شمشير الحيدريءَ جي بيماريءَ واري حالت ۾ اسلام آباد هليو وڃڻ تي پنهنجي دل جي خوف جو اظهار ڪيو آهي، جو اها خبر پڙهڻ سان مون کي تنوير عباسي ياد اچي ويو هو. ناميارو شاعر تنوير عباسي به بيماريءَ واري حالت ۾ پنهنجي پٽ سرمد ڏانهن اسلام آباد ويو هو ته، نه وري سنڌ واسين کيس ڏٺو ۽ نه ئي تنوير کي سنڌ جي مٽي نصيب ٿي! تنوير عباسي اسلام آباد جي ئي ڪنهن قبرستان ۾ ستل آهي! هن دل کي ڇاڪجي، جنهن ۾ ڪيئي وسوسا ٿا جنم وٺن..... شمشير ته سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به ڪا شڪايت نٿو ڪري، پر ائين نه ٿئي ته ويل وهامي وڃڻ کان پوءِ اسان کي پڇتاءَ جا هٿ هڻڻا پون..... ان ڪري وقت وهامڻ کان پهرين ئي شمشير جي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو شمشير، جنهن جو هر لفظ ۽ هر ساهه سنڌ سان سلهاڙيل آهي
اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو
اوهين وساري ڇڏيو ته وه واهه!
گهري ٿو شمشير حق جيئڻ جو
انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وه واهه!
(شمشير)

اڱارو 26 جولاءِ 2011ع