ڪالم / مضمون

سنڌ جي ڳالھ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم/ مضمون روزانه ”ڪاوش“ ۾ 2010ع کان 2014ع جي وچ ۾ لکيا ويا، سواءِ ٻن جي، جيڪي روزانه ”عوامي آواز“ ۾ ڇپيا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 3224
  • 659
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي ڳالھ

بک سڀني کي لڳندي آهي!

بک سڀني کي لڳندي آهي!

ان مهل رات جا اٺ ٿيا هئا. خريداري ڪري دڪاندار کي بل به نه ڏٺو هئم، جو منهنجي نظر وچ روڊ تي، گرين بيٽ واري جاءِ تي ٺاهيل سيلاني ٽرسٽ جي ان ڪيمپ طرف هلي وئي، جتي ڪيترائي غريب ۽ مسڪين ماڻهو ويٺل هئا ۽ پنهنجي سامهون رکيل ٿالهڙن ۾ رکيل قورمو ۽ نان کائي رهيا هئا. ڪيمپ ۾ هڪ ئي وقت چاليهارو ماڻهو ماني کائي رهيا هئا ۽ ٻيا جاءِ خالي ٿيڻ جي انتظار ۾ بيٺل هئا. جيئن ئي ڪجهه ماڻهو ماني کائي اٿيا ته سندن جاءِ تي بيٺلن مان ٻيا ماڻهو وڃي ويٺا ۽ ٽرسٽ جو يونيفارم پهريل نوجوان ورڪر انهن اڳيان ٻوڙ ۽ نان رکي ويو.
حيدرآباد جي نسيم نگر واري روڊ تي ان ڪيمپ ۾ کاڌو کائيندڙ اڪثر پوڙهن، نوجوانن ۽ ٻارڙن جا وار وکريل هئا ۽ کين ميرا پراڻا ڪپڙا پهريل هئا. اهي پراڻا ڪپڙا سندن غربت جي گواهي ڏئي رهيا هئا. مان سمجهان ٿو ته اهي سڀ اهڙا ماڻهو هئا، جن جي گهرن ۾ ڪڏهن به قورمو تيار ته نه ٿيندو هوندو، پر سندن گهرن تائين قورمي جي خوشبو به نه پهچندي هوندي. هونءَ به غربت جي لڪير کان هيٺ گذارو ڪندڙ غريبن جي گهرن تائين ڪابه خوشبو ناهي پهچي سگهندي. ڪابه خوشبو انهن جي گهرن تائين پهچڻ کان اڳ گندگيءَ جي ڍيرن ۾ گم ٿي ويندي آهي...
ڪيمپ جي مٿان سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي بورڊ تي منجهند ۽ رات جي مانيءَ جا لکيل وقت ڏسي مون دڪاندار کان پڇيو، ”ٻنهي وقتن تي باقائدگيءَ سان غريبن کي کاڌو کارايو وڃي ٿو؟“
دڪاندار وراڻيو، ”ها بلڪل، روازنو ٻنهي مقرر وقتن تي ڪيترائي غريب ماڻهو اچي اتي کاڌو کائين ٿا.“
منهنجي دل کي خوشگوار حيرت جو احساس ٿيو. دڪاندار کي بل ڏئي دڪان مان ٻاهر نڪتس ته ڏهاڪو سالن جو هڪ ٻار اچي اڳيان بيٺو ۽ آسمان ڏانهن آڱر ڪري چيائين، ”الله جي نالي...!“
ٻنهي هٿن ۾ شاپنگ بيگس جهلي گاڏيءَ طرف وڌندي چيم،
”معاف ڪر!“
ٻارڙو ڪڍلڳو آيو. شاپنگ بيگس گاڏيءَ ۾ رکيم ته انهيءَ ٻار وري آسمان طرف آڱر کڻي چيو، ”الله جي نالي ڪجهه ڏيو، بک لڳي آهي!“.
چيم، ”بک لڳي اٿئي ته سامهون ڪيمپ تي وڃي قورمو ڇو نٿو کائين!“
ٻار ڪوبه جواب نه ڏنو. ساڳيو سوال ٻيهر پڇيم ته به ٻار خاموش رهيو. تڏهن ٿورڙو سختيءَ سان چيم، ”ٻڌاءِ.... جواب ڇو نٿو ڏئين؟“
ٻار هڪ لمحي جي خاموشيءَ کان پوءِ جواب ڏنو. چيائين، ”هو مون کي ماني نٿا کارائين!“
مون کي سخت حيرت لڳي. منهنجي سامهون ڪيمپ تي پوڙها، جوان ۽ سندس عمر جا ڪيترائي ٻار ماني کائي رهيا هئا ۽ هي ٻار چئي رهيو هو ته ڪيمپ وارا کيس ماني نٿا کارائين!
کائنس پڇيم، ”اهي توکي ڇونٿا ماني کارائين؟“
ٻار خاموش رهيو. جڏهن مون ٻه ٽي دفعا پنهنجو سوال ورجايو، تڏهن ان ٻارڙي هيسيل انداز سان چيو، ”اهي چون ٿا ته اسان فقط مسلمانن کي ماني کارائيندا آهيون ۽ مان هندو آهيان!“
منهنجي حيرت اڃا به وڌي وئي. مان ٻارڙي کي اتي ئي بيهاري ڪيمپ تي هليو ويس، سيلاني ٽرسٽ جي يونيفارم پهريل نوجوان کان وڃي ٻار جي ڳالهه جي تصديق ڪيم. ٻار جي ڳالهه درست نڪتي. ٽرسٽ جي ورڪر ٻڌايو، ”اسان کي فقط مسلمان غريبن ۽ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ جو آرڊر آهي. جيڪڏهن اسان کي خبر پئي ٿي ته ڪو غير مسلم آهي ته ان کي ڪيمپ تان اٿاري ڇڏيون ٿا!“
جنهن ڪيمپ تي ڪيترن ئي مسڪينن کي قورمي سان ماني کائيندي ڏسي دل کي خوشيءَ جو اڻ ميو احساس ٿيو هو، ان ئي ڪيمپ تي دل کي ڌڪ لڳو ۽ مان اتان هليو ويس.
ٻئي ڏينهن تي مان حيدرآباد جي سرفراز چاڙهيءَ تي موجود سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي آفيس هليو ويس، جتي منهنجي ملاقات انڪوائري سرويئر محمد بابر سان ٿي. اهو باريش شخص مون کي بااخلاق به لڳو ۽ ٽرسٽ بابت معلومات گهرڻ تي هن مون کي ڪجهه بروشر به ڏنا، پر هو منهنجي انهيءَ سوال جو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو ته سندن ادارو غير مسلمن کي کاڌو کارائڻ کان ڇو انڪاري آهي؟ ان سلسلي ۾ هن فقط ايترو چيو ته اسان کي عام طور تي ماڻهو صدقي جا پئسا ڏين ٿا، جن تي فقط مسلمان مسڪينن جو حق آهي. جڏهن مون کائنس پڇيو ته ڇا سندن ادارو خيرات جا پئسا وٺڻ قبول ڪري ٿو، ته جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ماڻهو خيرات جا پئسا به اسان وٽ جمع ڪرائين ٿا. تڏهن مون کيس چيو، ”خيرات ڪنهن به مسڪين کي ڏئي سگهجي ٿي، ان تي مسلمان هئڻ جو شرط ته لاڳو نٿو ٿئي!“ پر هو وري به منهنجي ڳالهه جو ڪو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو ۽ چيائين ته وڌيڪ معلومات لاءِ اسان جي ويب سائيٽ کي وڃي وزٽ ڪيو. مون گهر پهچي سيلاني ٽرسٽ جي ويب سائيٽ کولي، پر ان تي به منهنجي سوال واري مسئلي سان لاڳاپيل مواد مون کي نظر نه آيو. تڏهن مون اسلاميات جي پروفيسر مولوي عبدالحق راڄپر کي فون ڪئي، جنهن ڪنهن به مسئلي تي منهنجي ڪيل سوالن جا اسلامي قانون مطابق مون کي سدائين مطمئن ڪندڙ جواب ڏنا آهن. جڏهن مون اهو مسئلو پروفيسر صاحب کي ٻڌايو ته هن هڪدم چيو، ”غير مسلم فقيرن ۽ مسڪينن کي نفلي صدقو ۽ خيرات ڏيڻ بلڪل جائز آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو ادارو خيرات جي مليل پئسن مان ڪنهن غير مسلم بکايل انسان کي کاڌو نٿو کارائي ته اهو غلط عمل آهي!“
سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي بروشر ۾ ڏنل معلومات مطابق ڪراچيءَ جي پنجاهه کان وڌيڪ مرڪزن تي روزانو 63 هزار کان وڌيڪ غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي ٻن وقتن تي سٺو کاڌو کارايو وڃي ٿو. جڏهن ته حيدرآباد آفيس مان مون کي مليل ڄاڻ مطابق حيدرآٻاد شهر ۾ پڻ اهڙا ڏهه مرڪز آهن، جتي روزانو هزارين غريب ماڻهو پيٽ ڀري کاڌو کائين ٿا. ٽرسٽ جي بروشر ۾ ڏنل معلومات مطابق 30 مختلف شعبن ۾ ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ کاڌ خوراڪ، تعليم، صحت، غريب نياڻين جي شادي ۽ ٻين شعبن کان سواءِ مسجدن جي تعمير پڻ شامل آهي. بيشڪ اهي سڀ ڀلائيءَ ۽ نيڪيءَ جا ڪم آهن، پر جيڪڏهن ڀلائيءَ ۽ نيڪيءَ جا ايترا ڪم ڪندڙ اداري جي دستر خوان تان ڪنهن بکايل انسان کي فقط ان ڪري بکيو اٿاريو وڃي ته هو مسلمان ناهي، ته پوءِ سيلاني ٽرسٽ جي ٽرسٽيز کي ڀٽائيءَ جي انهيءَ بيت جو فسلفو ٻڌائڻ تي دل چاهي ٿي ته:
روزا ۽ نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم
او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي!
آخر ۾ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي سربراهه بشير فاروقي صاحب کي ٻه ڳالهيون عرض ڪرڻ چاهيندس.
پهرين ڳالهه اها، ته سيلاني ٽرسٽ کي فقط ڪراچي ۽ حيدرآباد تائين محدود نه رکڻ کپي، جو غريب ۽ مسڪين ماڻهو فقط ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نه، پر سڄي سنڌ رهن ٿا.
ٻي ڳالهه اها، ته اسلام ڪنهن به بکايل غير مسلم کي نفلي صدقي ۽ خيرات جو کاڌو کارائڻ کان نٿو روڪي، ان ڪري مذهب جي فرق کان سواءِ سڀني بکايل انسانن کي کاڌو کارايو وڃي، ڇو ته بک فقط مسلمانن کي نه، پر سڀني انسانن کي لڳي ٿي.
اڱارو 31 مئي 2011ع