ڪالم / مضمون

سنڌ جي ڳالھ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم/ مضمون روزانه ”ڪاوش“ ۾ 2010ع کان 2014ع جي وچ ۾ لکيا ويا، سواءِ ٻن جي، جيڪي روزانه ”عوامي آواز“ ۾ ڇپيا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 3224
  • 659
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي ڳالھ

شهزادن جا خواب ڏسندڙ ڇوڪريون !

شهزادن جا خواب ڏسندڙ ڇوڪريون !

نوجوان ڇوڪريون شهزادن جا خواب ته صديون اڳي به ڏسنديون هيون، پر انهن ڇوڪرين وٽ پنهنجي خوابن جي ساڀيان جو ڪو حيلو وسيلو نه هوندو هو. انارڪليءَ جهڙي ڇوڪريءَ کي شهزادي سليم جهڙو محبوب مليو، ته شهزادو هئڻ جي باوجود ويچارو سليم، ڪنهن سنيهي خاطر ڪبوتر جهڙي قاصد جو محتاج رهيو، پر اڄڪلهه جي جديد دور ۾ محبوبن سان رابطي لاءِ نه ڪنهن ڪبوتر جي ضرورت رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي قاصد جي. موبائيل فون سڀ ڪم سئولا ڪري ڇڏيا آهن.
ننڍي عمر جون ڪچڙي ذهن واريون ڇوڪريون اڄ به شهزادن جا خواب ڏسن ٿيون ۽ پوءِ ڪنهن ”مسڊ ڪال محبوب“ جي آواز تي موهت ٿي، سندس شهزادن جهڙو خاڪو پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ جوڙي ڇڏين ٿيون. اهڙيون اڪثر ڇوڪريون جڏهن سِرَ جو سانگو لاهي، وڏن ڪشالن کان پوءِ پنهنجي ”مسڊ ڪال محبوب“ تائين پهچن ٿيون ته، اڪثر حالتن ۾ سندن اهو محبوب، ذهن ۾ جوڙيل خيالن جي خاڪي مطابق شهزادن جهڙو نوجوان نٿو هجي. تڏهن انهن ڇوڪرين جي خوابن جا محل ڊهي پون ٿا ۽ ڊهي پيل سپنن جي محل جيان ڇوڪرين جي دل جي دنيا به تاراج ٿي وڃي ٿي. راولپنڊيءَ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جي رهندڙ نوجوان ڇوڪري ناظمه ڪوثر به جڏهن پنهنجي ”مسڊ ڪال محبوب“ سان ملڻ لاءِ گهران نڪري اچي رتيديري پهتي ته سندس خوابن جو محل اچي پَٽ پيو. ”مسڊ ڪال محبوب“ جو منهن ڏسڻ کان پوءِ سندس دل ٽُٽي، ته هوءَ ٽٽل دل جي درخواست کڻي، ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ وڃي. رتيديري جي ٿاڻي تي پهتي!
راولپنڊي پنجاب جي پوٺوهار واري حصي ۾ آهي. پنجاب جو جهلم کان وٺي اڳتي وارو سڄو علائقو ٻوٺوهار سڏجي ٿو ۽ اتان جي اصل رهاڪن جي ٻولي به ٻوٺوهاري آهي. سرسبز ۽ خوبصورت پهاڙن واري سرزمين ٻوٺوهار جون عورتون به انهن وادين جيان ئي خوبصورت آهن. اهڙو ذاتي مشاهدو هن بندي جو به آهي، جنهن 1988ع ۾ پوٺوهار جي حسين وادين ۾ اڪيلي سِر آوارا گردي به ڪئي هئي، ته شاعري به ...!
رتيديري پهتل، پنجاب جي ٻوٺوهار واري علائقي سان تعلق رکندڙ، فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي، اڻويهن سالن جي ناظمه ڪوثر سونهن سوڀيا ۾ ڪيتري سرس آهي، اها ته مون سميت ڪاوش جي ڪنهن به پڙهندڙ کي خبر ناهي، جو آچر واري ڪاوش ۾ ڇپيل فوٽوءَ ۾ سندس چهرو مڪمل طور تي چادر ۾ ويڙهيل آهي. (ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڇوڪريءَ جو نه، پر فقط چادر جو ئي فوٽو هجي!) جڏهن ته سندس فوٽو جي ڀرسان ٻيو فوٽو رتيديري جي انهيءَ نوجوان جو ڇپيل آهي، جنهن جو منهن مهانڊو ۽ حيثيت ڏسي، ناظمه ڪوثر موبائل فون تي ڪيل شاديءَ جا وچن وساري، پنهنجي ”موبائلي محبوب“ خلاف وڃي ٿاڻي تي دانهيو آهي.
آچر 21 آگسٽ واري ڪاوش ۾ ڇپيل خبر مطابق، ناظمه ڪوثر جو گذريل اٺن مهينن کان رتيديري جي نوجوان منور شيخ سان موبائل فون تي رابطو هو. جڏهن هوءَ ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏي، راولپنڊيءَ کان رتيديري پهتي ته منور کي روبرو ڏسڻ کان پوءِ، شادي ڪرڻ کان ڦري وئي ۽ منور خلاف کيس اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ رتوديرو ٿاڻي تي پهچي وئي، جتي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته، ”منور شيخ مون سان دوکو ڪيو آهي، هن پاڻ کي لاڙڪاڻي جو وڏو زميندار ۽ پنهنجو نالو عامر خان ڀٽو ٻڌايو هو. هتي پهچي مون کي خبر پئي آهي ته هو زميندار نه، پر مزدور آهي!“. جڏهن ته نوجوان منور شيخ جو چوڻ آهي ته، ”اسان بنا ڏسڻ جي هڪ ٻئي سان سچي محبت ڪئي هئي (!) ۽ موبائيل فون تي هڪ ٻئي کي زال مڙس چوندا هئاسين. شادي ڪرڻ لاءِ به هن مون تي زور ڀريو هو. مون کيس گهران ڀڄي نڪرڻ کان روڪيو هو، پر هن اهڙو قدم کنيو ۽ هتي اچي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري مون کي گرفتار ڪرايو اٿائين!“.
منور ڪنهن ننڍي وڏي سزا کان پوءِ ڇٽي ته ويندو، پر سندس دل جا زخم شايد ئي ڪڏهن ڇُٽي سگهن، جو غربت ۽ سهڻي صورت نه هئڻ جي بنياد تي محبوبا طرفان رد ٿيڻ جو درد سدائين سندس وجود ۾ وڍ وجهندو رهندو. جڏهن ناظمه ڪوثر موبائيل فون تي منور سان پيار جو اظهار ڪيو هوندو، تڏهن منور کي پنهنجو وجود ڏاڍو وڻيو هوندو، پر راولپنڊيءَ کان رتيديري پهتل ”موبائيل محبوبا“ جي ڌڪار جو شڪار بڻجڻ کان پوءِ، هاڻي جڏهن به هو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسندو ته سندس حالت اياز گل جي انهيءَ شعر جهڙي هوندي:
آئينو ٿو ڏسان ته گهائن ٿا
لُڙڪَ اکڙين ۾ مسڪرائن ٿا
اخباري خبر ۾ اها ڳالهه واضح ناهي ته پوليس منور تي ڪهڙو قلم لاڳو ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته منور تي اغوا جو الزام ته نٿو هڻي سگهجي، جو ناظمه کي وٺڻ لاءِ هو راولپنڊيءَ نه ويو هو، پر ناظمه پاڻ رتيديري پهتي آهي. باقي جيڪڏهن منور کي ڪوڙ ڳالهائڻ جهڙي دوکي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، (جيڪو به يقيناً جرم آهي) ته موبائيل فون جي غلط استعمال سبب هن ملڪ ۾ اهڙا هزارين ڪوڙ هر لمحي ڳالهائجندا رهن ٿا. موبائيل فون تي اهڙي ئي ڪوڙ جي هڪ ڪوڙڪيءَ ۾ پنجاب جي شهر رحيم يار خان جي رهواسڻ شاهين ڀٽي به تازو ئي ڦاٿي هئي. راولپنڊيءَ جي ناظمه ڪوثر ته رتيديري جي ٿاڻي تي پهچي، ڪنهن ٻي خواريءَ کان ته (شايد) بچي وئي، پر رحيم يار خان جي شاهين ڀٽيءَ جي درد ڪٿا ته هر حساس دل کي ڏنڀ ڏيندڙ آهي. شاهين ڀٽيءَ جي درد ڪٿا به هڪ اخباري خبر جي صورت ۾ هن ئي مهيني جي 12 تاريخ واري ڪاوش ۾ رپورٽ ٿي هئي، جنهن مطابق رحيم يار خان جي چاندني چوڪ واري علائقي جي رهواسڻ شاهين، پنهنجي ”موبائلي محبوب“ سان پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ ڏهرڪيءَ پهتي. ڏهرڪيءَ ۾ حاجي نالي وارو اهو ”موبائلي محبوب“ کيس هڪ اهڙي جاءِ ۾ وٺي ويو، جتي ٽي ٻيا ماڻهو اڳ ۾ ئي موجود هئا. ”موبائلي محبوب“ ۽ سندس ٽن دوستن 24 ڪلاڪن تائين شاهين کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ کيس ڏهرڪي باءِ پاس وٽ ڇڏي ڏنو. ويران روڊ تي بيٺل اڪيلي ڇوڪري ڏسي، هڪ ٽرڪ جي پٺاڻ ڊرائيور ۽ سندس ساٿيءَ شاهين کي اغوا ڪري ورتو ۽ ڏهرڪي شهر ۾ ئي هڪ جاءِ ۾ بند رکي کيس ٻن ڏينهن تائين لڳاتار زيادتيءَ جو نشانو بڻايو، جتان موقعو ملڻ تي شاهين ڀڄي نڪتي ۽ ڏهرڪيءَ جي شهرين کيس ٿاڻي تي پهچايو، جتي شاهين چيو ته، ”مون سان وڏي زيادتي ٿي آهي، انصاف ڪيو وڃي“. انصاف خاطر پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت بيان وٺڻ کان پوءِ شاهين کي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
”موبائلي محبوبن“ جي پيار جي آسري تي جيڪي ڇوڪريون پنهنجو گهر گهاٽ، خاندان ۽ سڀ ڪجهه ڇڏي نڪرن ٿيون، انهن مان ڪيترين ڇوڪرين سان ته اڃا به وڏا هاڃا ٿين ٿا ۽ اهڙيون ڪيتريون ڇوڪريون بدڪاريءَ جي اڏن تي به پهچايون ويون آهن. ناظمه ڪوثر ۽ شاهين ڀٽي جيان کڻي ڪجهه ڇوڪريون ڪنهن ٿاڻي، عدالت ۽ دارالامان تائين به پهچي وڃن ٿيون ۽ کڻي ته انهن کي عدالتي انصاف به ملي وڃي، پر پوءِ به سماج انهن ڇوڪرين سان ڪڏهن به انصاف نٿو ڪري... ان ڪري شهزادن جا خواب ڏسندڙ اهڙين سڀني ڇوڪرين کي، جن جو موبائيل فون تي ڪنهن ”مسڊ ڪال محبوب“ سان رابطو آهي، انهن کي ناظمه ڪوثر ۽ شاهين ڀٽيءَ سان پيش آيل وارتائن تي ضرور سوچڻ گهرجي.

اڱارو 23 آگسٽ 2011ع