اسپتالون سڀ خدا ويران ڪر!
مائي مرادان جي درد کي ڪير محسوس ڪري سگهندو، جنهن جي ٻنهي پٽن شاديءَ کان ڪجهه عرصو پوءِ، زالون وٺي وڃي پنهنجا ڌار گهر وسايا، ته سندس نظر گهٽجي ويل پوڙهي مڙس کي هڪ دفعو وري ڇٻو مٿي تي کڻي گهورڙيو ٿيڻو پيو هو. ٿلهن شيشن واري عينڪ پهريل سندس مڙس، ڇٻو مٿي تي کڻي ڪجهه وقت ته گهٽين ۾ ٿيڙ کائيندي هوڪا ڏنا ۽ ڪڏهن ڪجهه پئسا ڪمائي ٿي آيو، ته ڪڏهن نظر جي ڪمزوريءَ سبب ڇٻو ئي ڪيرائي، مٽيءَ ۾ ملائي، نقصان ڪري خالي هٿين واپس ٿي وريو. ڪجهه عرصو ته ائين ئي ڪم هليو، پر هڪ صبح تي مرادان ننڊ مان جاڳي ته هن پنهنجي مڙس کي رئندي ڏٺو هو، جو ان ڏينهن سندس مڙس جي نظر بلڪل ختم ٿي وئي هئي ۽ صبح ٿيڻ جي باوجود به هن جي زندگي سدائين لاءِ هڪ اڻ کٽ رات بڻجي وئي هئي. سندس مڙس کي زندگيءَ جي اڻ کٽ رات کان وڌيڪ پريشاني ان ڳالهه جي هئي، ته هاڻي هو ڳڀي جي ڳولا ۾ به نه وڃي سگهندو. تڏهن مرادان شهري ڪلچر جي ڏنل نالي مطابق ماسي مرادان بڻجي، شهر جي پوش علائقي وارن گهرن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهن ئي گهرن جي بچيل کاڌي تي مرادان ۽ سندس مڙس گذارو ڪيو هو ۽ محدود آمدنيءَ مان بچت ڪري، مرادان پنهنجي مڙس جي اکين جو علاج ڪرايو هو، پر سندس مڙس جي نظر نه موٽڻي هئي، سا نه موٽي، ويتر مرادان به اڌ مٿي جي سور جي مريض بڻجي پئي هئي. تڏهن سندس مڙس ضد ڪري پنهنجو علاج ان ڪري بند ڪيو هو، ته جيئن مرادان جي اڌ مٿي جي سور جو علاج ٿي سگهي. پهرين ته مرادان پنهنجي پورهئي جا پئسا بچائڻ لاءِ سرڪاري اسپتال جا پنڌ ڪيا، پر جڏهن گهرن جي پورهئي سان گڏ اسپتال جا پنڌ ڪري ٿڪجي پئي ۽ سندس اڌ مٿي جو سور وڌندو ئي ويو، تڏهن هن سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر سان فائدو نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي هئي. جواب ۾ ان ڊاڪٽر مرادان کي سندس نجي ڪلينڪ تي اچڻ جي صلاح ڏني. مجبور مرادان شام جو ڊاڪٽر جي پرائيوٽ ڪلينڪ تي پهتي. پهرين ته کيس ڊاڪٽر کي سوين رپيا في ڏيڻي پئي ۽ ان کان پوءِ ڊاڪٽر جون لکي ڏنل ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ، کيس ڊاڪٽر طرفان ٻڌايل ليبارٽريءَ تي پهچي اتي به سوين رپيا ڏيڻا پيا. جڏهن ٽيسٽن جون رپورٽون کڻي هوءَ ڊاڪٽر وٽ واپس پهتي، ته کيس ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪرڻ لاءِ هزار کن جي دوائن جي پرچي هٿ ۾ ڏني وئي ۽ چيو ويو ته پندرهن ڏينهن کان پوءِ کيس وري ڊاڪٽر وٽ معائني لاءِ حاضر ٿيڻو آهي. پندرهن ڏينهن کان پوءِ مرادان کي هڪ دفعو ٻيهر ڊاڪٽر کي سوين رپيا في ڏئي، هزار کن جي دوائن واري پرچي وٺڻي پئي. اهو سلسلو ڪيترن مهينن تائين هلندو رهيو. مرادان اڌ مٿي جي سور باوجود گهرن جي ڪم وارو ٿڪائيندڙ پورهيو ڪندي رهي ۽ هر پندرهين ڏينهن ڊاڪٽر کي سوين رپيا ڏيندي رهي. هر دفعي ڊاڪٽر جي ٻڌايل ميڊيڪل اسٽور تان هزار کن جون دوائون به خريد ڪندي رهي، ته ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر جي من پسند ليبارٽريءَ تان ٽيسٽون ڪرائي به پنهنجي پورهئي جا سوين رپيا، پنهنجي پوتيءَ جي پلئه مان ڳنڍ ڇوڙي ڏيندي رهي، پر سندس پئسا ڄڻ پاڻي ٿيندا رهيا ۽ ڦڪين فرق ئي نه ڪيو!
مرادان جن صاحبن جي گهرن ۾ ڪم ڪندي هئي، انهن مان هڪڙي صاحب جي گهر ڪو سينئر ڊاڪٽر مهمان ٿي اچي رهيو. اها خبر جڏهن مرادان کي پئي ته مرادان وڃي ان ڊاڪٽر جي اڳيان هٿ ٻڌا. ڊاڪٽر مرادان جي طبيعت ڏسي، کيس اهي دوائون ڏيکارڻ لاءِ چيو، جيڪي هن استعمال ٿي ڪيون. ٻئي ڏينهن مرادان پاڻ وٽ موجود دوائون کڻي جڏهن ڊاڪٽر وٽ پهتي، ته کيس انهيءَ هاڃي جي خبر پئي ته تازو ئي ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪيل گورين مان ڪجهه مدي خارج هيون ۽ جيڪي دوائون مدي خارج نه هيون، انهن جي اصلي يا نقلي هئڻ جي تصديق ته بنا ڪنهن ليبارٽري ٽيسٽ جي اهو ڊاڪٽر به نٿي ڪري سگهيو!
مائي مرادان جي درد ڪٿا ته اڃا به جيءُ جهوريندڙ ۽ انساني ضمير کي جهنجهوڙيندڙ آهي، پر مائي مرادان جي اها وسري ويل درد ڪٿا مون کي تڏهن ياد آئي، جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ اها خبر پڙهيم ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾، چئن ڪروڙ رپين جي گهٽ مدو هئڻ وارين جي خريداريءَ سميت ستن ڪروڙن جي ڪريشن پڌري ٿي آهي. ڪاوش ۾ ڇپيل رپورٽ مطابق 6 مهينا اڳ چئن ڪروڙ رپين جون مهانگيون دوائون خريد ڪيون ويون، جن جو مدو فقط 6 مهينا هو ۽ اهي دوائون انهيءَ عرصي اندر استعمال نه ٿيڻ سبب مدي خارج ٿي ويون آهن. وري ڪالهوڪي ڪاوش جي خبر موجب لمس اسپتال مان ئي، نه فقط 20 کان 25 لکن جون دوائون چوري ٿيڻ جي ڪوشش ٿي آهي، پر مدي خارج دوائن واري اسڪينڊل تي ڍڪ رکڻ خاطر انهن دوائن کي ساڙڻ جا اطلاع به رپورٽ ٿيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ اهڙي ڪنهن به خبر يا رپورٽ سان شايد ڪنهن کي به ڪا حيرت نه ٿيندي هجي، جو اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته اسان جو ملڪ پاڪستان نه فقط دنيا ۾ ڪرپشن جي حوالي سان ٽاپ لسٽ تي رهيو آهي، پر انساني صحت ته ڇا، انساني زندگي به اسان جي ملڪ ۾ ڄڻ ڪا بي ملهه شيءِ بڻجي پئي آهي!
اسان وٽ سنڌ ۾ ته خاص طور تي ٻين ڪيترن شعبن جيان صحت جي شعبي جي حالت به ڏاڍي خراب آهي. بيشڪ اسان وٽ اديب رضويءَ جهڙو انسان دوست ڊاڪٽر به موجود آهي، ته ڪي ٻيا به درد وندي دل رکندڙ ڊاڪٽر موجود آهن، پر انهن جو ڳاڻيٽو اٽي ۾ لوڻ برابر ئي آهي. جڏهن ته عام ڊاڪٽر کان وٺي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن تائين جي وڏي اڪثريت جو مقصد فقط ۽ فقط دولت ڪمائڻ ئي رهيو آهي، جنهن لاءِ اهي ڊاڪٽر اهڙا سڀ حيلا هلائين ٿا، جيڪي هن مسيحائي پيشي لاءِ بدنما داغ هجن ٿا. مسڪين مريضن جي جڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ مسيحائي نٿي ٿئي ته اهي مائي مرادان جيان يا ته ساڳين ئي سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن جي پرائيوٽ ڪلينڪس تي پهچن ٿا، يا پرائيوٽ پريڪٽس ڪندڙ ٻين نالي چڙهين ڊاڪٽرن جي ور چڙهي وڃن ٿا. انهن مان ڪجهه ڊاڪٽر مريضن کي پنهنجي مرضيءَ جي ليبارٽرين ڏانهن ٽيسٽن لاءِ ان ڪري موڪلين ٿا، جو اهي ليبارٽريون انهن ڊاڪٽرن کي ڪميشن ڏين ٿيون. دوائن جي خريداريءَ لاءِ مريضن کي مخصوص ميڊيڪل اسٽورن ڏانهن ان ڪري موڪليو وڃي ٿو، جو اهي ميڊيڪل اسٽور وارا انهن ڊاڪٽرن کي ملندڙ سيمپل واريون دوائون به وڪرو ڪري ڏين ٿا. ڪجهه ڊاڪٽرن جا ته اهي ميڊيڪل اسٽور به پنهنجا يا سندن مٽن مائٽن جا هجن ٿا. اها به ڪا نئين ڳالهه ناهي ته ڪجهه ڊاڪٽر، دوائون ٺاهيندڙ ڪنهن ڪمپنيءَ جي ڪا خاص دوا اڪثر مريضن کي ان ڪري به لکي ڏين ٿا، جو ان دوا جي وڪري جو مليل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ تي انهن ڊاڪٽرن کي نه فقط وڏا قيمتي تحفا ملن ٿا، پر کين ٻاهرين ملڪن جا تفريحي دورا به ڪرايا وڃن ٿا. قصو فقط اتي ئي ختم نه ٿو ٿئي، پر سنڌ جي اهم شهرن، خاص طور تي جن شهرن ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ميڊيڪل يونيورسٽيون آهن، اهي شهر ”ڊاڪٽري ڪاروبار“ جا به وڏا مرڪز بڻجي پيا آهن. انهن شهرن ۾ وڏيون سرڪاري اسپتالون هوندي به وڏا وڏا نجي ميڊيڪل سينٽر موجود آهن، جن ۾ ڪمرا پڻ موجود آهن، جن جي مريضن کان روز جي حساب سان ڳري مسواڙ پڻ اوڳاڙي وڃي ٿي، ته اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي وزٽ جي نالي ۾ پڻ مريضن کان فيون وصول ڪيون وڃن ٿيون، پر اهڙن پرائيوٽ سينٽرن لاءِ به اڪثر مختلف قسمن جون شڪايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ ڪن حالتن ۾ ڊاڪٽرن جو مناسب ڌيان نه ملڻ ڪري مريض مري به وڃن ٿا. اهڙي هڪ شڪايت ته ٻه سال اڳ 5-اپريل واري ڏينهن تي مون کي به ٿي هئي، جڏهن لاڙڪاڻي جي ليڊيز جيل جي سامهون هڪ پرائيوٽ ميڊيڪل سينٽر تي منهنجي والد محترم عبدالستار شيخ رات جو اٺين وڳي پنهنجي زندگيءَ جا آخري ساهه پئي کنيا ۽ مان ڪنهن ڊاڪٽر کي سڏڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر ڊوڙيو هوس، پر ان وقت سڄي سينٽر ۾ ڪو به ڊاڪٽر موجود نه هو ۽ منهنجي والد جي ساهن جي ڏور ٽُٽي پئي هئي....ٻيو ته ٺهيو، پر بابا سائينءَ جي موت جي تصديق به منهنجي هڪ ذاتي دوست ڊاڪٽر محمد خان شيخ ڪئي هئي، جيڪو اتفاق سان ان وقت بابا جي خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ اتي آيل هو!
اڄ 5-اپريل جي ڏينهن تي بابا سائينءَ لاءِ هڪڙي دعا جي گذارش مان توهان سڀني کي ڪيان ٿو....۽ مان توهان سڀني لاءِ، سڄي انسان ذات لاءِ، ادل سومري جي لفظن سان اها دعا ٿو ڪيان ته:
هر دکي انسان جو درمان ڪر
اسپتالون سڀ خدا ويران ڪر!
اڱارو 5 اپريل 2011ع