قاتل کان هڪ سوال
گمبٽ ڀرسان پنهنجي ئي وحشي پٽ هٿان قتل ٿيل نوران بيبيءَ جي خبر پڙهيم، ته مون کي ڏوڪري تعلقي جي ڪنهن ڳوٺ جي نوراني چهري واري عورت غلام فاطمه ياد اچي وئي، جيڪا پنهنجي پٽن هٿان قتل ٿيڻ کان بچي گهران تڙجي نڪتي هئي ته سندس پساهه لاڙڪاڻي شهر جي هڪ رستي تي پورا ٿيا هئا. گمبٽ جي ڳوٺ ٻيلهاڙو جي رهاڪو نوران بيبيءَ ڏهه سال اڳ مڙس فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ فدا شاهه سان ٻي شادي ڪئي هئي، سندس پٽ راهب اڪثر هن وٽ اچي رهندو هو ۽ پنهنجي ويڳي پيءُ فدا شاهه کي بابا به چوندو هو، پر ان جي باوجود تازو هن ننڊ ستل پنهنجي ويڳي پيءُ ۽ سڳي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ اخباري خبر موجب، ذريعن جو چوڻ آهي ته هن ڪارنهن الزام هيٺ ٻنهي کي قتل ڪيو!
ڏوڪري تعلقي جي ڪنهن ڳوٺ جي خوشحال گهراڻي سان تعلق رکندڙ، نوراني چهري واري باوقار عورت غلام فاطمه جي ياد 35 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود اڄ تائين منهنجي جيءَ کي جهير ڏيندي آهي ۽ منهنجي تحريرن ۾ درد ڀرڻ جو سبب بڻجندي رهي آهي. ان زماني ۾ مان نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ۽ چئن انچن جي ڊيگهه جيتريون ننڍڙيون ڪهاڻيون لکي اردو اخبارن جي ٻارن جي صفحن ۾ ڇپجڻ لاءِ موڪليندو هوس. ان ڏينهن به مان اهڙي هڪ ننڍڙي ڪهاڻي کڻي، پنهنجي گهر جي گهٽيءَ جي پڄاڻيءَ تي موجود، لاڙڪاڻي جي هيڊ پوسٽ آفيس ويو هوس، جتي مون ليٽر باڪس جي ڀرسان زمين تي ويٺل ۽ زار زار روئندڙ انهيءَ جهور پوڙهي عورت کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو. سندس اڳيان وڇايل هڪ ڪپڙي تي خيرات ۾ مليل ڪجهه سڪا ۽ هڪ تسبيح رکيل هئي. اڇي اجري نوراني چهري واري انهيءَ عورت کي درد مان لڇندي ۽ روئندي ڏسي سندس درد کي مون پنهنجي دل ۾ اوتجندي محسوس ڪيوهو. ڪهاڻي پوسٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي خرچيءَ مان بچائي رکيل پوسٽ جي لفافي وارا پئسا کيسي مان ڪڍي، مون سندس اڳيان وڇايل ڪپڙي تي رکي ڇڏيا هئا. سندس اڳيان، چادر جي ٻئي طرف ويهي مون چيو هو، ”ماسي ڇو ٿي روئين؟“ پر هن ڪنڌ مٿي نه کنيو هو. ساڳيو جملو ٻه ٽي دفعا ورجايو هوم، پر هوءَ ڪنڌ جهڪائي لڳاتار روئندي رهي هئي. ڪجهه دير خاموشيءَ سان سندس اڳيان ويٺل رهيو هوس ۽ پوءِ بي اختيار منهنجي وات مان نڪتو هو، ”امان! ڇو ٿي روئين؟“ شايد ”امان“ جو لفظ پنهنجو اثر ڏيکاري ويو هو، هن هڪدم ڪنڌ کڻي منهنجي چهري ڏانهن ڏٺو هو. عينڪ جي ٿلهن شيشن پويان، وهندڙ لڙڪن وارين اکين سان ڪي لمحا هن غور سان مون ڏانهن ڏٺو هو ۽ پوءِ ڏڪندڙ چپن سان روئندي چيو هئائين، ”بس ابا! روئان ٿي پنهنجي قسمت تي!“ ۽ پوءِ ستر کن سالن واري اها عورت ٻيهر سڏڪن ۾ ٻُٽجي ٻيڻي ٿي وئي هئي ۽ مان ڪجهه دير وڌيڪ هن جي اڳيان ويهي، پنهنجي ننڍڙي ڪهاڻي پوسٽ ڪرڻ کان سواءِ (جو پوسٽ جي لفافي وارا پئسا مون سندس خيرات وارن پئسن ۾ رکي ڇڏيا هئا) درد جي اڻ ٻڌي هڪ وڏي ڪٿا دل ۾ کڻي واپس گهر هليو ويو هوس. ان کانپوءِ مون هن کي اڪثر لاڙڪاڻي شهر جي رستن ۽ بازارن ۾ پنندي ڏٺو. سندس هڪ هٿ ۾ سهاري خاطر لٺ هوندي هئي، جنهن جي آڱرين ۾ تسبيح به اٽڪيل هوندي هئي ۽ ٻئي هٿ سان خيرات وٺندي هئي. جڏهن به ڪٿي مون کي نظر ايندي هئي ته مان پنهنجي خرچيءَ وارا پئسا ڪڍي سندس هٿ تي رکي، پنهنجي ذهن ۾ اٽڪيل ساڳيو ئي سوال سدائين پڇندو هوس، ”امان! تون ان ڏينهن رنيءَ ڇو پئي؟“ پر هوءَ سدائين خاموش رهندي هئي ۽ سندس اداسي وڌيڪ گهري ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن مرڪي، پيار سان منهنجي چهري کي ڇهي به وٺندي هئي. هوءَ لاڙڪاڻي شهر ۾ پنندي ته هئي، پر پنهنجي رنگ روپ، شڪل صورت ۽ ڳالهائڻ واري انداز مان فقيرياڻي بلڪل نه لڳندي هئي.
سواليءَ کي در تان خالي نه موٽائڻ واري بابا سائينءَ جي اصول سبب، در تي اڪثر آڌيءَ مانجهيءَ ڪا نه ڪا صدا گونجندي هئي. هڪ ڏينهن ڪمري مان ٻاهر نڪتس، ته ان ئي نوراني چهري واري عورت کي پنهنجي گهر ۾ کاڌو کائيندي ڏٺم. ستر کن سالن جي جهونڙي عورت جي مون تي نظر ڇا پئي، هن بي اختيار اٿي اچي ڀاڪر وڌو، ”پٽ! هي تنهنجو گهر آهي!“ ۽ ان ڏينهن، انهيءَ ”باوقار فقيراڻيءَ“ امان جي سامهون ويهي، پهريون دفعو پنهنجي زندگيءَ جي درد ڪٿا ٻڌائي هئي، جنهن مطابق سندس نالو غلام فاطمه هو ۽ هوءَ هڪ سکئي ستابي مالوند زميندار جي زال هئي، جنهن کيس پنج دفعا حج به ڪرايو هو. غلام فاطمه کي اولاد نه پئي ٿيو، تڏهن به سندس مڙس ٻي شادي ڪرڻ نٿي چاهي، پر غلام فاطمه پاڻ ئي مڙس کي زوربار ڪري سندس ٻي شادي ڪرائي هئي، جيئن سندن ملڪيت جو ڪو والي وارث پيدا ٿئي ۽ پڇاڙيءَ ۾ سندن پرگهور به لهي. غلام فاطمه جي پهاڄ هڪ ٻئي پويان ٻن پٽن کي جنم ڏنو ۽ مري وئي. غلام فاطمه انهن ٻنهي معصوم ”وارثن“ کي پالي جوان ڪيو. غلام فاطمه جو مڙس مري ويو، ته مڙس جي وصيت موجب غلام فاطمه کي ستر ايڪڙ ٻني ملي. پيءُ جي مرڻ کانپوءِ ٻنهي ”وارث پٽن“ پنهنجي حصي جون زمينون وڪرو ڪري کائي کپائي ڇڏيون ۽ پوءِ هنن غلام فاطمه جي حصي جي زمين کپائڻ جي ڪوشش ڪئي. غلام فاطمه جي اعتراض تي ٻنهي پٽن غلام فاطمه تي ڪارنهن جو الزام مڙهي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مائٽن جي وچ ۾ پوڻ تي ويڳن وارث پٽن انهيءَ شرط تي غلام فاطمه کي جيئدان ڏنو، ته هوءَ پنهنجي حصي جي سڄي زمين کين لکي ڏيندي ۽ گهر ڇڏي ويندي. غلام فاطمه ائين ئي ڪيو، پر جڏهن غلام فاطمه جي پوڙهي وجود جي ذميداري ڪنهن مٽ مائٽ نه کنئي ته هوءَ ڳوٺ ڇڏي لاڙڪاڻي شهر هلي آئي هئي، جتي ڪنهن گهر ۾ ان شرط سان کيس پناهه ملي هئي، ته هوءَ پني اچي هر روز شام جو اهي سمورا پئسا سندن حوالي ڪندي.
غلام فاطمه پنهنجي درد ڪٿا ٻڌائڻ کانپوءِ روئي پئي هئي. ٿلهن شيشن واري عينڪ هيٺان، پوتيءَ سان پنهنجا لڙڪ اگهندي چيو هئائين، ”ڪڏهن ڪڏهن اهي پٽ به مون کي شهر ۾ پنندي ڏسن ٿا، پر انهن کي ته ايتري ڪهل به نٿي ٿئي جو خيرات ۾ ئي ڪجهه ڏئي وڃن! هو ڏسن به ٿا ته بنا ڳالهائڻ جي منهن ڦيري هليا وڃن ٿا!!“
غلام فاطمه ته لاڙڪاڻي شهر جي رستن تي پنندي هڪ ڏينهن مري وئي هئي، پر نوراني چهري واري ان باوقار ۽ باڪردار پوڙهي عورت جي ياد اڄ تائين منهنجي جيءَ کي جهير ڏيندي رهندي آهي. غلام فاطمه جي درد ڪٿا ڪنهن ڊرامي جي ڪهاڻيءَ جهڙي ئي لڳي ٿي، (غلام فاطمه جي انهيءَ درد ڪٿا تي مون 1986ع ۾ هڪ ٽي وي ڊرامو ”ماءُ“ لکيو هو، جيڪو PTV تان ٽيليڪاسٽ ٿيو هو،) پر حقيقت اها آهي غلام فاطمه جو ڪردار هڪ ڪڙو سچ آهي. ڪڙو سچ ته اهو به آهي ته گمبٽ جي ڳوٺ ٻيلهاڙو جي نوران بيبيءَ جيان، سنڌ جي اڪثر حصن ۾ ڪارو ڪاريءَ جو ”ڊرامو رچائي“ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ کي ماريو وڃي ٿو. ڪارو ڪاري جي نالي ۾ اڪثر ڪري معصوم انسانن جو قتل ڪري پنهنجا ”مطلب ۽ مقصد“ ماڻيا وڃن ٿا،
سنڌي سماج ۾ ڪارو ڪاري جي رسم هڪ ڊرامو ئي ته آهي، ڇو ته ڪاروڪاري جا حقيقي واقعا ته اٽي ۾ لوڻ برابر ئي هجن ٿا، پر ڪارو ڪاري جي نالي ۾ اڪثر ڪري معصوم انسانن جو قتل ڪري پنهنجا ”مقصد ۽ مطلب“ ماڻيا وڃن ٿا. ورتل قرض نه موٽائڻ، پرائي زمين ۽ ملڪيت حاصل ڪرڻ، ٻي شادي ڪرڻ، اڻ وڻندڙ زال مان جان آجي ڪرڻ ۽ اهڙيون ٻيون حقيقتون ئي ڪارو ڪاريءَ جي پٺيان نظر اينديون. انهيءَ ڪڌي ڪرت وسيلي هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار به ڪيا وڃن ٿا. پنهنجي زال نٿي وڻي ۽ پرائي نياڻيءَ ۾ اک آهي. پنهنجي زال کي ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪري، ڪارو قرار ڏبو انهيءَ نياڻيءَ جي پيءُ يا ڀاءُ کي ۽ ڏنڊ ۾ زوريءَ نياڻيءَ جو سڱ وٺبو! سنڌ ۾ ٿيندڙ ”جرڳائي فيصلن“ جو جائزو وٺبو ته اهڙا ڪيترائي سچ پڌرا ٿي پوندا.
اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي عورت لاءِ ”سخت پابنديون“ ۽ مرد لاءِ ”بي انتها آزاديون“ موجود آهن. مرد جي معاملي ۾ مائٽن طرفان کيس اَکِ ٻوٽَ (چشم پوشيءَ) جو بونس به ملي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس ”موج مستيون“ ڦٻي وڃن ٿيون، پر ڪارنهن جي ڪنهن حقيقي معاملي به، ڪنهن جو خون ڪندڙ قاتل، ڪڏهن پنهنجي ڳچيءَ ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي، ته ”لِڪَ ڇَپَ“ ۾ هو پاڻ ڪيترو ڪارو آهي؟ منهنجو اهو سوال هر ان قاتل لاءِ آهي، جنهن ڪارنهن جي الزام ۾ ڪنهن کي قتل ڪيو آهي، يا سندس ذهن ۾ انهيءَ الزام تحت ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو خيال جنم وٺي رهيو آهي.
اڱارو 18 جنوري 2011ع