سنڌ ڳالهائي ٿي!
مان سنڌ، اڄ توهان سان مخاطب آهيان!
تاريخي طور تي ماضيءَ ۾ هن خطي اندر ٻه وڏا ملڪ هئا، هند ۽ سنڌ. ان زماني ۾ منهنجون سرحدون ڪراچي کان ڪشمير تائين ڦهليل هيون، پر وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي منهنجي سرحدن کي محدود ڪندي رهي آهي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن منهنجي سرزمين تي قبضو ڪيو هو، تڏهن به منهنجون سرحدون ماضي جيان وسيع نه سهي، پر ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ آزاد ملڪ جهڙو منهنجو وجود موجود هو. پاڪستان جو باني منهنجو ئي هڪ فرزند، ٺٽي ڀرسان جهرڪ ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ محمد علي جناح هو، جنهن جو جنم هنڌ هاڻي ڪراچي ڄاڻائي منهنجي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي. پاڪستان قائم ڪرڻ جي رٿ به سڀ کان اڳ منهنجي ئي اسيمبليءَ پاس ڪئي هئي ۽ اها رٿ به منهنجي ئي هڪ فرزند جي ايم سيد پيش ڪئي هئي، پر مون سان ٿيندڙ ناانصافين تي آواز اٿارڻ ڪري کيس غدار قرار ڏنو ويو ۽ هن زندگيءَ جا ڪيترائي سال قيد ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريا! 1955ع ۾ ون يونٽ مڙهي منهنجي تاريخي ۽ جاگرافيائي حيثيت کان انڪار ڪيو ويو، ته منهنجي ئي سرزمين تان ون يونٽ کي ختم ڪرڻ جي تحريڪ جنم ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي سڀني صوبن جي ڪنڌ مان اهو طوق لٿو ۽ مون سان گڏ ٻيا صوبا به ملڪ جي نقشي تي ٻيهر اڀري نروار ٿيا. 1971ع ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو بنگال، ڌار ٿي بنگلاديش بڻجي ويو ۽ باقي بچيل پاڪستان جو وجود نستو ٿي پيو هو. تڏهن به منهنجي ئي هڪ ڏاهي فرزند ذوالفقار علي ڀٽي نستي ملڪ کي سنڀاليو هو ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري هن ملڪ کي دنيا ۾ ٻيهر ڪنڌ کڻڻ جهڙو ڪيو هو، پر 1977ع ۾ سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪري 1979ع ۾ کيس سوريءَ سزاوار ڪيو ويو هو! هن ملڪ کي آمريت مان نجات ڏياريندڙ، شهيد ذوالفقار ڀٽي جي ڌيءَ بينظير ڀٽو به، منهنجي ئي نياڻي هئي، جنهن کي 2007ع ۾، راولپنڊيءَ ۾ گوليءَ جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو ويو! مون اهو سڀ برداشت ڪيو آهي، سڀ وار پنهنجي سيني تي سَٺا آهن.
ڀٽائيءَ چيو هو، ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو!“
اهو قنڌارئون (قنڌار-افغانستان کان) جوکو ته اڄ تائين به جاري آهي، پر پاڪستان ٺهڻ سان ئي مون کي پنجابئون (پنجاب کان) جوکو به شروع ٿي ويو هو، جنهن ”پاڪستان آگي هي“ چئي، هندستان کان ايندڙ سمورن ماڻهن کي مون ڏانهن ڌڪي موڪليو هو. اڄ منهنجي فقط هڪڙي شهر ڪراچيءَ ۾ 22 لک افغاني غير قانوني طور به رهن ٿا ۽ منهنجي زمين تي غير قانوني طور رهندڙ بنگالين، برمين، بهارين ۽ ايرانين جو تعداد به 25 لکن کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين پنجاب ۽ خيبر پختونخوا کان مون طرف لڏپلاڻ جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي پنهنجي ٻچن لاءِ، منهنجي شهرن ۾ روزگار جا دروازا بند ۽ زمين تنگ ٿيندي پئي وڃي. منهنجي حيثيت هن ملڪ ۾ ڪمائو پٽ جهڙي آهي، پر موٽ ۾ مون کي فقط ناانصافيون ئي ملن ٿيون. هڪ ننڍڙو مثال ته تازي رپورٽ به آهي، جنهن مطابق مون گذريل ٽن سالن ۾ وفاق کي 19 کرب 35 ارب رپيا ڏنا، پر موٽ ۾ مون کي فقط 5 کرب 13 ارب مليا ۽ پنجاب 7 کرب 63 ارب ڏنا ۽ موٽ ۾ کيس وڌائي 8 کرب 21 ارب رپيا ڏنا ويا! يا ته منهنجي مهراڻ جي موجن تي راتاهو هڻي منهنجي ٻچن کي اڃ ماريو ويو آهي، يا وري کين ٻوڙي ماريو ويو آهي. ٻوڏ کان پوءِ منهنجا ٻچا وطن اندر جلاوطنيءَ جهڙي زندگي ٿا گذارين ۽ بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، پر منهنجي ڇاتيءَ مان کين ڪجهه به نٿو ملي! مون سان ناانصافين جو سلسلو فقط ايترو ئي ناهي، پر پاڪستان قائم ٿيڻ سان، هن ملڪ ۾ موجود سڀني قومي ٻولين سان گڏ منهنجي ٻوليءَ کي به نظرانداز ڪري، اردوءَ کي سڄي ملڪ جي مٿان قومي ٻولي ڪري مڙهيو ويو. جڏهن 1972ع ۾ منهنجي اسيمبليءَ ٻوليءَ وارو قانون پاس ڪيو، جنهن مطابق منهنجي ٻوليءَ کي، منهنجي دفتري ٻوليءَ طور لاڳو ٿيڻو هو، پر ”اردو ڪا جنازا هئي، ذرا ڌوم سي نڪلي“ چئي نفرتن جي باهه ڀڙڪائي وئي، جنهن جي تپش اڄ تائين منهنجي سيني کي ساڙيندي رهي آهي ۽ اڄ تائين منهنجي ٻوليءَ کي، منهنجي دفتري زبان جي حيثيت سان رائج ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته انگريزن جي دور ۾ به منهنجي ٻولي، منهنجي دفتري زبان جي طور تي رائج هئي. منهنجي ٻولي تاريخي طور تي هزارين سالن کان عوام جي ٻولي رهي آهي ۽ اها لکي پڙهي به ويندي هئي. پنج هزار سال اڳ ته منهنجي سرزمين تي موهن جي دڙي جهڙو، انجنيئرنگ جي اصولن تحت پلاننگ سان جڙيل شهر موجود هيو، جتان مليل مهرون به ان دور مطابق رائج ٿيل منهنجي صورت خطيءَ جون گواهه آهن. منهنجي ٻوليءَ کي انهيءَ سطح تي پهچڻ ۾ به ته هزارين سال لڳا هوندا. ان ڪري جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عمر جي ڪٿ اٺن کان ڏهه هزار سال ڪجي ته اهو فقط ڪو مفروضو نه ٿيندو، پر منهنجي ٻوليءَ جي تاريخي حقيقت ۽ حيثيت کان هن ملڪ ۾ سدائين انڪار ٿيندو رهيو آهي. انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو هاڃو ٿيندو ته، هندستان ۾ ته اتان جي 22 قومي ٻولين ۾ سنڌي زبان شامل آهي ۽ 1967ع ۾، جڏهن مان ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل هيس ۽ پاڪستان ۾ منهنجي وجود کان به انڪار ڪيو ٿي ويو، تڏهن هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اتان جي هڪ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو هو، پر سنڌ جي سرزمين تي سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو اڄ تائين ناهي ملي سگهيو! ملڪ جي مجموعي آباديءَ جو 8 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙن جي ٻولي، سڄي ملڪ لاءِ قومي ٻوليءَ طور رائج آهي ۽ تازو جڏهن منهنجي ٻوليءَ کي، منهنجي سرزمين جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ ملڪ جي قومي اسيمبليءَ ۾ بل آندو ويو ته، چيو ويو ته سنڌي ٻولي نه، پر فقط هڪ لهجو آهي!
مون کي هاڻ فقط قنڌارئون جوکو ناهي پر هر طرف کان جوکا آهن. خيبر پختونخواهي اسفند يار ولي مون تي قبضيداريءَ جي نئين دعويٰ ڪندي چئي ٿو ته هاڻي پٺاڻن جي سنڌ ۾ حيثيت کي تسليم ڪيو وڃي. هاڻ جڏهن منهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ ٻيهر بل پيش ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن، تڏهن انهيءَ مخصوص وقت تي پاڻ کي ”نئون سنڌي“ سڏائيندڙ الطاف حسين، ملڪ ۾ ”نوان صوبا“ ٺاهڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. جيڪڏهن ڪو ”نئون سنڌي“ آهي ۽ ڪو ”پراڻو سنڌي“ ته پوءِ ڇا جيڪي ماڻهو تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌ ۾ اچي سنڌي بڻجي ويا، انهن کي ”وچولا سنڌي“ چونداسين!؟ هاڻي اهو نوان سنڌي ۽ پراڻا سنڌي توڙي ڪراچي ۽ ”اندرونِ سنڌ“ جو راڳ به بند ٿيڻ گهرجي. اهو طئي آهي ته منهنجي سرزمين تي رهندڙ يا ته سنڌي آهي يا سنڌي ناهي. الطاف حسين پاران ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ۾، فقط سندس مون کي ٻه ٽڪر ڪرڻ جي خواهش شامل آهي، جنهن کي منهنجا فرزند ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏيندا. هو ڪڏهن به نارائڻ شيام جي انهيءَ انديشي کي حقيقت جو روپ ڌارڻ نه ڏيندا ته: ”الا ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي“ پر هاڻي جڏهن منهنجي ٻوليءَ لاءِ قومي ٻوليءَ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجا فرزند جاڳيا آهن، تڏهن انهن سڀني سميت، جيڪڏهن ڪا به سسئي، يا ڪو به نواب، مير، پير يا فقير، ڪا به مارئي پنهنجو ڪردار سچائيءَ سان ادا ڪري ٿي ته سندس نالو منهنجي تاريخ ۾ ضرور زنده رهندو. ۽ مان....سنڌ....ثقافت ۽ ايڪتا جي ڏهاڙن جيان، سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن ڏهاڙي لاءِ به واجهايان ٿي، جيئن منهنجو آواز ڀرپور انداز سان اسلام آباد جي ايوانن ۾ گونجي سگهي.
اڱارو پهرين فيبروري 2011ع