ڪالم / مضمون

سنڌ جي ڳالھ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم/ مضمون روزانه ”ڪاوش“ ۾ 2010ع کان 2014ع جي وچ ۾ لکيا ويا، سواءِ ٻن جي، جيڪي روزانه ”عوامي آواز“ ۾ ڇپيا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 3224
  • 659
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي ڳالھ

بدمعاش کي چماٽ ضرور لڳڻ کپي!

بدمعاش کي چماٽ ضرور لڳڻ کپي!

سونهري وارن واري قدآور ڇوڪري منهنجي اڳيان هلي رهي هئي. انتهائي رش هئڻ باوجود جينز جي پينٽ پاتل هڪ نوجوان ساڻس گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. رش سبب ڪنهن مهل نوجوان ٿورو به اڳتي يا پوئتي ٿي پئي ويو ته وري هن پنهنجي رفتار گهٽ وڌ ڪري ڇوڪريءَ سان قدم ملائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، جنهن ڪري ايئن پئي لڳو ته هو ٻئي گڏ آهن. مون کي ڏاڍي تڪڙ هئي ۽ مون ٻه ٽي ڀيرا انهيءَ جوڙي کان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻه طرفي رش سبب اڳتي نه نڪري سگهيس ۽ پويان هلڻ تي ئي مجبور رهيس. اوچتو نوجوان جو ڪلهو ڇوڪريءَ کي لڳو ته هن هڪدم ڪنڌ ورائي نوجوان طرف ڏٺو. نوجوان پنهنجي رفتار ٿورو گهٽائي ڇوڪريءَ جي پويان ٿي ويو، تڏهن مون کي احساس ٿيو ته جنهن کي مون جوڙو ٿي سمجهيو، تن جو ڪو جوڙ ئي ناهي. بهرحال، ڇوڪريءَ وري خاموشي سان اڳتي هلڻ شروع ڪيو هو. گهڻي رش ۾ اهڙا واقعا عام ٿين ٿا، ان ڪري ڇوڪريءَ به ڪجهه ڪو نه ڪڇيو. هاڻي اها حسين ڇوڪري اڳيان هلي رهي هئي، سندس پويان اُهو ئي نوجوان هلي رهيو هو ۽ آئون نوجوان جي پٺيان هلي رهيو هوس. اوچتو مون ڏٺو ته فطري انداز سان ٻانهون لوڏي هلندڙ نوجوان، ڇوڪريءَ سان ڄاڻي واڻي هٿ کس ڪئي! جيستائين آئون نوجوان کي ان حرڪت تي ڪالر مان وٺان، تنهن کان اڳ ئي ڇوڪريءَ هڪدم پوئتي منهن ورائي، نوجوان کي زور سان چماٽ وهائي ڪڍي. چماٽ لڳڻ سان نوجوان اک ڇنڀ ۾ ڀر واري سنهڙي گهٽيءَ ۾ گولي ٿي ويو. اهو سڀ ڪجهه چئن پنجن سيڪنڊن اندر ٿيو هوندو. ان مهل ان سهڻي ڇوڪريءَ جي چهري تي ڪاوڙ سان گڏ ڏک جو تاثر به هو. مون ڇوڪريءَ طرف ڏسندي چيو هو، ”توهان بلڪل صحيح ڪيو آهي، ايئن ئي ڪرڻ کپندو هو توهان کي!“ تڏهن سندس چهري تي مرڪ ڦهلجي ويئي ۽ خوبصورت ڇوڪري، مرڪندي، ويتر خوبصورت بڻجي، اڳتي وڌي ويئي هئي.
اهو واقعو ڪجهه سال اڳ جو آهي، جيڪو حيدرآباد جي ريشم گهٽيءَ ۾ پيش آيو هو. اهڙا بيشمار واقعا رش وارن هنڌن تي روز پيش ايندا رهن ٿا. ان ڏينهن به حيدرآباد جي ساڳي ئي ريشم گهٽيءَ ۾ اهڙا ٻيا واقعا به پيش آيا هوندا ۽ اڄ جڏهن آئون هي سٽون سرجي رهيو آهيان، تڏهن به ڪٿي نه ڪٿي اهڙي قسم جا واقعا ٿي رهيا هوندا، پر انهن بيشمار واقعن ۾، ايئن گهٽ ٿئي ٿو ته ڪا ڇوڪري يا عورت، ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙ بدمعاش کي چماٽ وهائي ڪڍي ٿي. چماٽ لڳڻ وارن اهڙن گهٽ واقعن مان وري تمام گهٽ، اتفاق سان ئي، ڪو اهڙو واقعو اخبارن ۾ رپورٽ ٿئي ٿو، جو نه ته اهڙين جاين تي هر وقت ڪو رپورٽر موجود هوندو آهي ۽ نه ئي اهڙن واقعن تي اسان وٽ ڪو وڌيڪ احتجاج ٿئي ٿو. اسان جي سماجي نظام سبب، ڪيتريون عورتون ته ڇيڙ ڇاڙ وارن اهڙن واقعن تي چاهيندي به، پنهنجي شرافت سبب، هڪڙي چماٽ هڻڻ جيترو ردعمل به ظاهر نه ٿيون ڪن ۽ زهر جو ڍڪ ڀري، ڪنڌ جهڪائي، خاموشيءَ سان اڳتي وڌي وڃن ٿيون. اهي سمجهن ٿيون ته ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙ بدمعاش کي چماٽ هڻڻ توڙي ٻين ماڻهن هٿان بدمعاش جي جهلجي پوڻ سان، کين پاڻ به تماشو بڻجڻو پوندو، جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي مرضيءَ جي خريداري پاڻ ڪرڻ لاءِ گهر وارن طرفان مليل ٿورڙي آزادي به کانئن کسجي سگهي ٿي. پنهنجي مرضي ۽ پسند جي خريداريءَ لاءِ ڪنهن مارڪيٽ وڃڻ جيتري آزادي به سنڌ ۾ گهٽ عورتن کي حاصل آهي، سا به فقط شهرن ۾. ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ سنڌي عورتن جي تمام وڏي اڪثريت لاءِ ته پنهنجي خريداري پاڻ ڪرڻ واري ڳالهه ڪنهن خواب وانگر ئي آهي!
ريشم گهٽيءَ جي نالي سان، ڪنهن زماني ۾ ته سنڌ جي فقط هڪڙي شهر حيدرآباد ۾ ئي اهڙي بازار هئي، جتي لٽي ڪپڙي ۽ ميڪ اپ جي سامان کان وٺي، عورتن جي ضرورت جي هر شيءِ ملندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ساڳي ريشم گهٽيءَ جي نالي سان لاڙڪاڻي ۾ به عورتن جي خريداريءَ لاءِ بيشمار دڪانن ۽ مارڪيٽن تي مشتمل مرڪز موجود آهي، ته قمبر جهڙي ننڍڙي شهر ۾ به هڪ ننڍڙي ريشم گهٽي آهي. ممڪن آهي ته ساڳئي نالي سان سنڌ جي ڪجهه ٻين شهرن ۾ به اهڙا مرڪز جڙيا هجن، نه ته به نوابشاهه جي موهني بازار جيان، سنڌ جي هر اهم شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن نالي سان عورتن جي خريداريءَ جا نوان نوان مرڪز جڙندا رهيا آهن، ۽ انهن مرڪزن جي شروعات، ڪنهن به شهر جي ڪمرشل ايريا بجاءِ، رهائشي علائقن جي ڪنهن پاڙي ۾ هڪڙو دڪان کلڻ سان ٿئي ٿي. ريشم گهٽيءَ جي نالي واري حوالي سان، حيدرآباد جي ريشم گهٽيءَ کانپوءِ، لاڙڪاڻي جي ريشم گهٽي عورتن جي خريداريءَ جو سنڌ ۾ ٻيو وڏو مرڪز آهي. منهنجي سانڀر ۾ ان علائقي جي ناريجا اسٽريٽ وٽ ڪنهن زماني ۾ عورتن جي خريداريءَ لاءِ فقط هڪڙو ئي دڪان هو، جنهن کي ”مينگهي جي ڪوٺي“ چيو ويندو هو. ان دڪان کي عام دڪانن جيان شٽر وارو وڏو ۽ ويڪرو در نه هوندو هو، پر ٽن فٽن جي ويڪر وارو هڪ ننڍڙو در هوندو هو، جنهن تي پڻ پردو لڳل هوندو هو. ٻالڪپڻ ۾ ڪيترائي ڀيرا امڙ جي چيچ پڪڙي منهنجو به مينگهي جي ڪوٺيءَ تي وڃڻ ٿيو هو. نڪ تي ٿلهن شيشن واري نظر جي عينڪ چڙهيل، ننڍي قد ۽ اڇي مٿي وارو هندو دڪاندار مينگهو هر عورت سان امان، ٻچا، ڀيڻ ۽ پٽ ڪري ڳالهائيندو هو. وٽس عورتن جي ضرورت جي هر شيءِ موجود هوندي هئي ۽ مرد خريدارن کي اندر اچڻ جي اجازت نه هئي. ساڳئي وقت سندس دڪان تي سامان به رعايتي اگهه تي ملندو هو. جڏهن سندس دڪان تي رش ويئي وڌندي،ته ڀرسان هڪ ٻيو دڪان کليو ۽ پوءِ مينگهي جي انهيءَ هڪڙي دڪان جي ڀرپاسي ۾ ٻيا ڪيئي دڪان کلندا ئي ويا. مينگهي واري علائقي جي ماڻهن يا ته پنهنجا گهر وڏين قيمتن تي وڪرو ڪيا يا پاڻ پنهنجا گهر ڊهرائي مارڪيٽون ٺهرائڻ شروع ڪيون. شهر جي قديم علائقي جي ڏنگين ڦڏين ۽ آڏين ابتين گهٽين واري انهيءَ علائقي جو نالو ريشم گهٽي پئجي ويو. لاڙڪاڻي جي اها ريشم گهٽي هڪ طرف ايمپائر روڊ کي وڃي لڳي ته ٻئي پاسي علائقي جي سمورين گهٽين کي والاريندي، وڏي فاصلي تي موجود بندر روڊ تائين پهچي ويئي. هاڻي ته لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي خريداريءَ واري انهي علائقي ريشم گهٽيءَ ۾ ايڏا وڏا ۽ ماڊرن شاپنگ مال ٺهي ويا آهن، جن جو حيدرآباد جي ريشم گهٽيءَ ۾ تصور به ناهي! لاڙڪاڻي ۾ ته انهيءَ ڪمرشلائيزيشن بندر روڊ تي به بس نه ڪئي، پر بندر روڊ ڪراس ڪري جاڙل شاهه پاڙي ۾ داخل ٿي ويئي، جتي موبائل فون مارڪيٽن سان گڏ ٻيا دڪان به کلي ويا آهن ۽ گهرن جي جاءِ تي مارڪيٽون ٺهي ويون آهن. ٽي چار سال اڳ منهنجي ننڍڙي ڀاءُ پڻ 1965ع ۾ بابا سائينءَ جو ٺهرايل بيحد خوبصورت گهر ڊهرائي هڪ مارڪيٽ ٺهرائي ڇڏي هئي. انهن ڏينهن ۾ جڏهن آئون ڪافي مهينن کانپوءِ لاڙڪاڻي ويو هئس ته پنهنجي ننڍپڻ وارين يادگيرين وارو اهو گهر نه ڏسي منهنجين اکين مان لڙڪ وهي آيا هئا. پنهنجين يادگيرين واري گهر جي جاءِ تي ڪمرشل مارڪيٽ جو تصور سدائين مون کي اداس ڪري ڇڏيندو آهي. عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ ”ڪاوش“ ۾ هڪ خبر پڙهي هيم ته لاڙڪاڻي جي ريشم گهٽيءَ ۾ هڪ عورت، ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙ بدمعاش کي سينڊل وهائي ڪڍيو. تڏهن منهنجي چهري تي مرڪ اچي ويئي هئي. عيد ته گذري ويئي آهي، پر اڄڪلهه شادين جي موسم سبب سنڌ جي ريشم گهٽين ۽ عورتن جي خريداريءَ جي مرڪزن ۾ ساڳي رش آهي. اڄ به ڇيڙڇاڙ ڪندڙ ڪنهن بدمعاش کي، ڪنهن نياڻيءَ يا عورت پاران همت ڪري چماٽ ضرور لڳڻ گهرجي، پوءِ ڪنهن بدمعاش کي اها چماٽ لاڙڪاڻي جي ريشم گهٽيءَ ۾ لڳي يا حيدرآباد جي ريشم گهٽيءَ ۾، نوابشاهه جي موهني بازار ۾ لڳي يا ڪراچيءَ جي بوهري بازار ۾، سنڌ جي ڪنهن به شهر مان ايندڙ اهڙي ڪا به خبر جنهن ڏينهن به پڙهندس ته منهنجي چهري تي ضرور مرڪ تري ايندي.
اڱارو 23 نومبر 2010ع