سنڌ مـُرڪي پئي!
ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪيمپس ۾ سنڌي اديبن ۽ ساڃاهه وندن، سائين محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي روشن آئيندي جي اميد سان، ايلسا جي اڱڻ تي ڏيئا ٻاريا هئا ۽ مشعلون هٿن ۾ کنيون هيون ته فضائن ۾ سنڌ سان محبت جا گيت گونجڻ لڳا هئا. تڏهن مون کي شيخ اياز جون سٽون ياد اچي ويون هيون:
گيت گلابي، جُهڙ جَهڙ وايون
واسِي جن سان واٽ اسان
ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان
ليئا ليئا لاٽ اسان
چوڌاري چمڪاٽ اسان...
ان وقت سنڌ جي آسمان تي ستارا چمڪي رهيا هئا ته سنڌ جي زمين تي ڏيئا ٽمڪي رهيا هئا ۽ پل پل مشعل مشعل بڻجي پيو هو، پر چوڌاري چمڪاٽ ته مون 20 نومبر تي ڏينهن ڏٺي جو ڏٺا هئا، جڏهن صبح جو ننڊ مان جاڳي ٽي وي سيٽ آن ڪيو هئم. ٽي وي اسڪرين تي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ماڻهن جا هجوم هئا، جيڪي ايڪتا جي هڪڙي ئي مالها ۾ پوئيل هئا. ماڻهن جا اهي هجوم مختلف شهرن ۽ ماڳن مڪانن تي هوندي به هڪڙي ئي منزل طرف روان دوان هئا ۽ اها منزل ڪو ماڳ يا مڪان نه، پر اها سوچ ۽ اهو جذبو آهي، جيڪو سنڌ واسين جي دلين ۾ ايڪتا جي نالي سان پيدا ٿيو آهي.
گهر کان ٻاهر نڪتس ته تبديل ٿيندڙ موسم سبب حيدرآباد جي هوائن ۾ ٿڌڪار سان گڏ، پنهنجي شهر جي رستن جا رنگ به مون تبديل ٿيل ڏٺا. ايڪتا جي مختلف آوازن ۽ نعرن سان گڏ هر طرف سنڌي ٽوپيءَ ۽ اجرڪ جا روشن رنگ ٿي نظر آيا، جو سنڌي ٽوپيءَ ۾ ٽاڪيل ننڍڙا آئينا ۽ اجرڪ جون ڦلڙيون مون کي سدائين ستارن جيان ئي محسوس ٿيون آهن. نوجوانن کي هٿُ هٿَ ۾ ڏئي جهومندي ڏسي ۽ اجرڪ اوڍيل مائرن جي هنج ۾ سندن پتڪڙن پٽن جي مٿي تي جرڪندڙ سنڌي ٽوپيون ڏسي، مون کي ٻاهر جي موسم سان گڏ، سنڌ جي اندر جي موسم به تبديل ٿيندي محسوس ٿي.
رُت بدلي آ
باک ڦٽيءَ جا
رنگ نچن ٿا
رنڳ رڳ ۾ رَتُ ٽهڪي ٿو
چاٻين جي ڇلي جيئن منهنجا
انگ نچن ٿا
رَتُ به ڄڻ ڪا ڪنجي آهي
آزاديءَ جي دروازي جي
جا مون ڳولي لڌي آهي!
(شيخ اياز)
پراڻي سوچ ۽ سسٽم کان آزاديءَ جو رستو فقط ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جي منزل طرف ئي وڃي ٿو. ان ڪري ضرورت فقط ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سان محبت جا ٻه ڌار ڏينهن نه، پر هڪ گڏيل ڏينهن ملهايو وڃي. ٻه ڌار ڏينهن ملهائڻ بجاءِ اسان کي ٻه ته ٻارهن وارو مثال بڻجڻ گهرجي. جيڪڏهن ايڪتا جي ڏينهن جو سڏ ڏيندڙ علي قاضي ڪنهن کي نٿو وڻي ته انهن دوستن لاءِ فقط حضرت علي رضه جو اهو قول ورجائي سگهجي ٿو ته: ”اهو نه ڏسو ته هو ڪير آهي، پر اهو ٻڌو ته هو ڇا ٿو چوي.“
ايڪتا جي آواز کي سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ اديبن جيڪا موٽ ڏني آهي، اها پاڻ هڪ مثال آهي. هن ڀيري ايڪتا جي ڏينهن تي ئي سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ تقريب رکي ايڪتا جو اظهار ڪيو. ايوارڊ تقريب جي پڄاڻيءَ تي حيدرآباد ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ کان، سائين محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي اديب ريليءَ جي صورت ۾ سنڌ ميوزيم طرف روانا ٿيا ته، رستي تي سامهون کان ايندڙ هڪ پوليس موبائيل مان به سنڌ جا نعرا ٻڌڻ ۾ آيا!
سنڌ سان محبت جا نعرا ۽ گيت ته سنڌ ميوزيم جي اڱڻ تي به گونجي رهيا هئا. ثقافت کاتي جي اسٽيج تي بيهي جڏهن محمد ابراهيم جويي صاحب قومي ايڪتا جي ڳالهه ڪئي ته هزارين ماڻهن جي رت سان گڏ سندن روح به گرمائجي ويا. اسٽيج تان لٿاسين ته جويي صاحب جو کاٻو هٿ محسن جويي جي هٿ ۾ هو ۽ ساڄو هٿ منهنجي هٿ ۾. ميوزيم جي دروازي طرف واپس ويندي، ڪيترن ئي نوجوانن اچي جويي صاحب جا پير ٿي ڇهيا ۽ ساڻس هٿ پئي ملايو، جنهن ڪري مجبور ٿي مون کي جويي صاحب جو هٿ ڇڏي، سندس ڪرائِي جهلي کيس سهارو ڏيڻو پيو. ٿورو اڳتي وڌياسين ته هڪ شخص اچي جويي صاحب سان هٿ ملايو. انهيءَ شخص جويي صاحب جو هٿ ڇڏيو ته انهيءَ شخص جي هنج ۾ موجود، سنڌي ٽوپي پهريل سندس پتڪڙي پٽ جويي صاحب ڏانهن هٿ وڌايو. جويو صاحب انهي پتڪڙي ٻار سان ملائي ۽ کيس پيار ڪري، ٻاراڻن ٻولن ۾ ساڻس ڳالهائڻ بيهي رهيو، ”الي الي منهنجا پيالا پٽلا....“ بيحد ٿڪل هئڻ جي باوجود جويو صاحب نوجوانن ۽ ٻارڙن سان ملندو، کلندو ۽ ڳالهائيندو اڳتي هلندو رهيو. ميوزيم جي در وٽ پهتاسين ته محسن، لينگويج اٿارٽيءَ جي پارڪنگ ۾ بيٺل ڪار کڻڻ هليو ويو ۽ جويي صاحب جو کاٻو هٿ عزيز ٽالپر جهلي ورتو. ڪار اچڻ ۾ دير ٿي. اوچتو جويي صاحب جي هٿ جو دٻاءُ منهنجي هٿ تي وڌي ويو. سندس چهري ڏانهن ڏٺم ته سندس اکيون بند ٿي ويون ۽ ڪنڌ جهڪي ويس. منهنجي دل کي ڌڪ لڳو ۽ مون رڙ ڪئي، ”اجرڪ وڇايو!“ هڪ نوجوان پنهنجي ڪلهي تان اجرڪ لاهي ميوزيم جي گيٽ وٽ ڇٻر تي وڇائي ڇڏيو. جويي صاحب کي اجرڪ تي ليٽايوسين ته بند اکين سان ليٽيل جويي صاحب طرف ڏسندي منهنجي دل جو دهڪو وڌي ويو. ذهن ۾ وسوسا جنم وٺڻ لڳا.... چڱي دير گذري وئي ۽ منهنجي دل وسامڻ لڳي... پر.... پر جويي صاحب جي بند اکين واري چهري تي آيل اوچتي مرڪ منهنجي دل کي جيئاري ڇڏيو. ٻئي لمحي جڏهن جويي صاحب اکيون کولي مرڪي مون ڏانهن ڏٺو ته ائين لڳو، ڄڻ ايڪتا جي ڏينهن تي سنڌ مرڪي پئي هجي!
اڱارو 22 نومبر 2011ع