گڏهه سان گفتگو
مان پبلڪ پارڪ جي بينچ تي ويٺو اخبار پڙهي رهيو هئس ته پويان آواز آيو، ”گڏهن جي باري ۾ ڪا خبر آهي ڇا؟“
مون ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو. بينچ جي پٺيان هڪ گڏهه بيٺو هو ۽ سندس نظر منهنجي هٿن ۾ کليل اخبار تي هئي. مون کي حيرت لڳي ته پويان ڪو انسان ڪو نه هو، جنهن ڳالهايو هجي. مون انساني آواز کي پنهنجو وهم سمجهي، گڏهه کي لنوائي، ڪنڌ ورائي ٻيهر اخبار ۾ ڏٺو ۽ ڪالم لکڻ لاءِ پوليس جي زيادتين متعلق هڪ خبر تي اڃا غور ڪرڻ مس شروع ڪيو ته ٻيهر آواز آيو، ”گڏهن جي باري ۾ ڪا خبر هجي ته پڙهي ٻڌاءِ“.
مون ٻيهر ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو، پر ساڳئي گڏهه کان سواءِ مون کي ٻيو ڪو به نظر نه آيو. مان وري ڪنڌ ورائڻ وارو هئس، ته گڏهه وري ڳالهائي مون کي وڌيڪ حيران ڪري ڇڏيو. گڏهه چيو، ”مون تو کان گڏهن جي باري ۾ ڪنهن خبر بابت پڇيو هو!“
مان حيران ۽ پريشان ٿيڻ سان گڏ ڊڄي به ويس. خوف مان چيم،
”تون گڏهه ٿي ڪري به ڳالهائين ٿو!؟“
گڏهه ٽهڪ ڏنو ته سندس وڏا ڏند ظاهر ٿي پيا. کلندي چيائين، ”توهان انسانن مون کي سدائين بي زبان سمجهيو آهي، پر مون وٽ توهان انسانن کان وڏي زبان آهي. تون جيڪڏهن منهنجو ساٿ ڏئين ته مان دوگانو به ڳائي سگهان ٿو!“
گڏهه کي ائين ڳالهائيندي ۽ هر ڳالهه جو ٺهه پهه جواب ڏيندي ٻڌي مان ڊڄي ڀڄي وڃان ها، پر مون کي ڪرشن چندر جو ڪتاب ”ايڪ گدهي ڪي سرگزشت“ ياد اچي ويو ۽ مون کي پڪ ٿي وئي ته ڳالهائيندڙ گڏهه فقط هندستان ۾ موجود ناهن، جن مان هڪ ڳالهائيندڙ گڏهه جي ڪرشن چندر جيون ڪٿا لکي هئي، پر ڳالهائيندڙ گڏهه دنيا ۾ ڪٿي به موجود ٿي سگهن ٿا. اهو سوچي منهنجو خوف ته ختم ٿي ويو، پر مون گڏهه سان گفتگو ڪري پنهنجو قيمتي وقت وڃائڻ نه پئي چاهيو، ان ڪري ڪنڌ ورائي ڇڏيم ۽ ڪالم لکڻ جهڙي اها خبر غور سان ٻيهر پڙهڻ لڳس، جنهن مطابق پوليس هڪ بي ڏوهيءَ کي موچڙا هڻي، ڪيترائي اڻ ڪيل ڏوهه باسرائي انعام ۽ ترقيون به حاصل ڪري ورتيون هيون.
بينچ جي پويان بيٺل گڏهه ڦري اڳيان آيو ۽ بينچ تي منهنجي ڀرسان اچي ويهي رهيو. مان گڏهه کان ٿورو پرتي سري ويس. گڏهه چيو، ”اخبار ۾ ڪا گڏهن بابت خبر آهي ته مون کي ضرور پڙهي ٻڌاءِ“
ڪاوڙ مان وراڻيم، ”اخبارن ۾ گڏهن جون خبرون ناهن ڇپبيون!“
گڏهه هڪدم چيو، ”ڪيترن گڏهن جون نه فقط خبرون، پر تصويرون به اخبارن ۾ ڇپيون آهن. تون شايد ڌيان سان اخبار ناهين پڙهندو!“
مون کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي، جو ڪالم سان گڏ تصوير ته اخبار ۾ منهنجي به ڇپجندي آهي، سخت ڪاوڙ مان پڇيم، ”تون ڪهڙي گڏهه جي ڳالهه ٿو ڪرين!؟
گڏهه وڏو ٽهڪ ڏئي پنهنجا وڏا ڏند ڏيکاريندي چيو، ”تون ڪاوڙ نه ڪر. مان ته انهن گڏهن جي ڳالهه ٿو ڪيان، جيڪي اڄڪلهه لينڊ ڪروزر گاڏين جي جاءِ تي استعمال ٿي رهيا آهن!“
مون کي گڏهه جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، پر گڏهه اها ڳالهه به سمجهي ويو ته مون کي سندس ڳالهه سمجهه ۾ ناهي آئي! چيائين، ”تو اهڙيون خبرون به پڙهيون هونديون ۽ اخبارن ۾ اهڙيون تصويرون به ڏٺيون هونديون، جن ۾ سرڪاري ڪامورا گڏهن تي چڙهي، برسات جي پاڻيءَ مان پنهنجي آفيسن ڏانهن ويندي نظر آيا آهن“.
مون ماڻهپي جو پاسو کڻڻ مناسب سمجهيو. چيم، ”اهو ڪو گڏهن جو ڪارنامو ناهي. گڏهن جون اهي تصويرون انهن فرض شناس ڪامورن، يعني ماڻهن جي مهربانيءَ سان اخبارن ۾ ڇپيون آهن.“
گڏهه کي مون کان به وڌيڪ ڪاوڙ لڳي. پڇيائين، ”انهن ڪامورن جون قيمتي ڪارن تي ويٺل تصويرون ڪڏهن اخبارن ۾ ڏٺيون اٿئي؟“
مون وٽ انڪار کانسواءِ ڪو به جواب نه هو.
گڏهه چيو، ”انهن ڪامورن جون تصويرون گڏهه تي سواري ڪرڻ سبب، گڏهن جي مهربانيءَ سان ڇپيون آهن، پر توهان انسانن اسان گڏهن جي قربانين کي سدائين نظرانداز ڪيو آهي!“
مون گڏهه سان بحث ڪري وقت وڃائڻ نٿي چاهيو. منهن ٻئي پاسي ڪندي چيم، ”گڏهه سو ئي گڏهه!“
ڪاوڙ مان گڏهه جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، ڏند ڪرٽيندي چيائين، ”ائين چئي تون گڏهيت جي توهين ٿو ڪرين!“
گڏهه جي واتان ”گڏهيت جي توهين“ جهڙا لفظ ٻڌي مان ڇرڪي پيس. حيرت مان کائنس پڇيم، ”تون پڙهيل لکيل گڏهه آهين ڇا!؟“
گڏهه ناراضگيءَ سان چيو، ”ها، اُٺَ ڪتابن جا پڙهيا اٿم.“
چيم، ”اُٺَ ڪتابن جا انسان پڙهندا آهن، گڏهه نه!“
گڏهه وراڻيو، ”جيڪو گڏهه ڳالهائي سگهي ٿو، اهو اُٺَ ڪتابن جا به پڙهي سگهي ٿو.“
گڏهه جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي. سوچيم، ڪرشن چندر ۽ جارج آرويل جيان قسمت اڄ مون تي به مهربان ٿي آهي. قسمت اڄ منهنجي ملاقات اهڙي پڙهيل لکيل ۽ عقلمند گڏهه سان ڪرائي آهي، جنهن سان دوستي ڪري ۽ مشاهدو ماڻي مان به ناول نگار بڻجي سگهان ٿو. مون پوليس جي زيادتين تي ڪالم لکڻ جو ارادو ملتوي ڪري، ناول لکڻ خاطر انهيءَ گڏهه سان دوستيءَ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو. بينچ تي ٿورو سري گڏهه جي ويجهو ٿيس ته گڏهه ڇرڪي، بينچ تان اٿي بيهي رهيو. حيرت مان پڇيم، ”ڇا ٿيو!؟“
گڏهه هڪ طرف ڏسندي خوف مان چيو، ”هو ڏس...اچن پيا!“
مون انهيءَ طرف ڏٺو. ڪجهه پوليس وارا ويجهو اچي پهتا هئا. گڏهه ڊنل آواز سان چيو، ”لڳي ٿو پوليس وارن مون کي ڳالهائيندي ٻڌي ورتو آهي!“
حيرت مان چيم، ”پوليس وارن توکي ڳالهائيندي ٻڌي ورتو ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پوندي!“
گڏهه خوف مان تڪڙ ۾ چيو، ”اڄ اڱارو آهي، جيڪڏهن پوليس وارن مون کي ڳالهائيندي ٻڌي ورتو آهي، ته سڀاڻي اربع تائين مون کي ڏنڊا هڻي، پنهنجا پراوا سڀ ڏوهه مون کان باسرائيندا ۽ پنهنجو بار هلڪو ڪندا. بيشڪ مان گڏهه آهيان ۽ منهنجو ڪم بار ڍوئڻ آهي، پر پوليس جو اهو بار کڻڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي.“ ايترو چئي اهو گڏهه، پوليس وارن جي ويجهو پهچڻ کان اڳ ۾ ئي اتان ڀڄي ويو ۽ گڏهه سان گفتگو جي ڏوهه ۾ پوليس مون کي گرفتار ڪري ورتو.
اڱارو 4 آڪٽوبر 2011ع