ڪالم / مضمون

سنڌ جي ڳالھ

هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم/ مضمون روزانه ”ڪاوش“ ۾ 2010ع کان 2014ع جي وچ ۾ لکيا ويا، سواءِ ٻن جي، جيڪي روزانه ”عوامي آواز“ ۾ ڇپيا هئا.
  • 4.5/5.0
  • 3224
  • 659
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي ڳالھ

مجبور عورتون ۽ هڪ سوال

مجبور عورتون ۽ هڪ سوال

آهستي هلندڙ رڪشا جي پويان ساڳئي سلو رفتار سان هلندڙ ڪار جو هارن وڳو. رڪشا ۾ ويٺل نوجوان ڇوڪريءَ پوئتي ڪنڌ ورائي ڪار طرف ڏٺو. ڪار جو ٻيهر هارن وڳو ۽ ڪار، رڪشا کي اوور ٽيڪ ڪري ڪجهه فاصلي تي وڃي بيهي رهي. رڪشا ڪار جي پويان وڃي بيٺي ۽ رڪشا مان ڇوڪري لهي وڃي ڪار ۾ ويٺي. ڪار واري شخص دريءَ مان هٿ ڪڍي رڪشا واري کي ڪجهه نوٽ ڏنا ۽ ڪار اتان رواني ٿي وئي.
اهو منظر مون، منهنجي دوستن ۽ باربي ڪِيو ريسٽورينٽ ٻاهران ويٺل ڪيترن ٻين ماڻهن به ڏٺو. اسان جي ڀرسان واري ٽيبل تي وڏي عمر وارو هڪ اڪيلو شخص ويٺو هو، جنهن اسان طرف منهن ڪري چيو، ”اهڙين جسم فروش عورتن کي ماري ڇڏجي ته معاشري مان برائي ختم ٿي ويندي.“
منهنجي دوست هڪدم کيس جواب ڏنو، ”جسم جي خريدار اهڙن مردن جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“
وڏي عمر واري شخص وراڻيو، ”برائيءَ جي جڙ عورت آهي.“
منهنجي دوست طنز مان کيس جواب ڏنو، ”هر هنڌ ڏوهه عورت جو آهي....ڄڻ هر هنڌ مرد پارسا هجي!“
وڏي عمر واري شخص پنهنجي سامهون ٽيبل تي پيل پاڻيءَ جو ڀريل گلاس کڻي پيتو ۽ پوءِ چيائين، ”مان سوشل ورڪر آهيان. مون کي خبر آهي ته هن شهر جي رستن تي بيهي ۽ رڪشائن ۾ هلندي گراهڪ ڦاسائيندڙ اهڙيون عورتون، دولت جي لالچ ۾ اهو ڌنڌو ڪن ٿيون.“
پاڻ کي سماج سڌارڪ سڏائيندڙ ان شخص شايد بنا تحقيق جي چئي ڇڏيو، ته اهي عورتون دولت جي لالچ ۾ غلط رستو اختيار ڪن ٿيون. بيشڪ ڪجهه عورتون دولت جي لالچ ۾ به اهو رستو اختيار ڪن ٿيون، پر جيڪڏهن پاڻ کي سوشل ورڪر سڏائيندڙ اهو شخص ٿورڙي به تحقيق ڪري ها ته کيس اهو اندازو ٿي وڃي ها، ته انهن عورتن جي وڏي اڪثريت معاشي مجبورين سبب اها راهه اختيار ڪري ٿي. سڀ کان وڏي مجبوري ته پيٽ جي بک آهي، پوءِ اها ٻچن جي پيٽ جي بک هجي، پنهنجي پيٽ جي يا ٻين گهر ڀاتين جي پيٽ جي. بک ته اهو بڇڙو ٽول آهي، جيڪو دانائن کي به ديوانو بڻائي ڇڏي ٿو، پر تڏهن به اهي عورتون، جيڪي پنهنجي ڪٽنب جي جياپي خاطر پنهنجي عزت ۽ جسم کي وڪرو ڪن ٿيون، سي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي ڪٽنب جي فردن هٿان موت جو شڪار به ٿي وڃن ٿيون. اهڙي ئي درد ڪهاڻي آهي انهيءَ ڪٽنب جي، جنهن جو ذڪر مان هتي نالا تبديل ڪري ڪندس.
هيٺين وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ جمشيد تي اڌ رنگ جي بيماريءَ حملو ڪيو ته، نه فقط هو چُرڻ پُرڻ کان لاچار بڻجي پيو، پر هن جي زبان به سندس ساٿ ڇڏي وئي. سندس روزگار جو ذريعو به ختم ٿي ويو، پر ڪمري ۾ کٽ تي سڌو ليٽيل جمشيد، ڪمري جي ڇت ڏانهن ڏسندي گونگا ڳوڙها ڳاڙڻ کانسواءِ ڪجهه به نٿي ڪري سگهيو. ٻن نياڻين جي ڏاج لاءِ بچايل ڪجهه رقم ۽ زيور جڏهن سندس بيماريءَ توڙي گهرَ جي خرچ ۾ پورا ٿي ويا ۽ ڦَڪِين فرق نه ڪيو، تڏهن سندس ويهن سالن جو پٽ وقاص پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي روزگار جي ڳولا ۾ گهر کان ٻاهر نڪتو، پر ڪيترن ڏينهن جي رولڙن کان پوءِ به هو ڪو روزگار حاصل نه ڪري سگهيو. هڪ طرف گـَهر ۾ بک جي راڪاس پير کوڙيا ته ٻئي طرف گـَهرَ جي ٽن مهينن جي مسواڙ نه ڏيڻ ڪري مالڪ مڪان ڌمڪي ڏئي ويو ته، جيڪڏهن ايندڙ مهيني مسواڙ نه ملي ته گهر خالي ڪرڻو پوندو. جڏهن ٻي ڪا راهه نه رهي، تڏهن وقاص جون ٻه وڏيون ڀينرون نورين ۽ ثمرين نوڪريءَ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتيون. نوجوان ڇوڪريون نوڪريءَ جو چئي گهرَ کان ٻاهر نڪتيون ته گهر ۾ پئسا اچڻ شروع ٿي ويا ۽ گهر جون حالتون ئي بدلجي ويون. وقاص پنهنجي اڌ ۾ ڇڏيل پڙهائي ٻيهر شروع ڪئي ۽ بيمار پيءُ جو علاج ٻيهر شروع ٿيو. گهرَ جي حالت وڌيڪ بهتر ٿي ته ڇوڪرين جا رشتا به اچڻ شروع ٿيا، پر سندن ماءُ اهو چئي رشتا موٽائي ڇڏيا ته کيس ڇوڪرين جي رشتن جي تڪڙ ناهي، جو اهي نوڪري ٿيون ڪن...پر حقيقت ۾ ٻنهي ڇوڪرين ڪنهن آفيس يا ڪارخاني ۾ نوڪري نه پئي ڪئي. ٻئي ڀينرون شهر جي پوش علائقن ۾ رستي تي وڃي بيهنديون هيون ۽ سٺا پئسا آڇيندڙن جي ڪار ۾ ويهي ساڻن گڏ هليون وينديون هيون. ڪجهه عرصو ته ڳالهه لڪل رهي، پر پوءِ ڳالهه وڃي سندن ڀاءُ وقاص جي ڪنن تائين پهتي. وقاص ماءُ سان شڪايت ڪئي ته ماءُ کيس خاموش رهڻ لاءِ چيو ۽ کيس سمجهايو ته ٻي صورت ۾ بک مري وينداسين. وقاص زهر جو ڍڪ پي ويو، پر جڏهن بدناميءَ سندس پاڙي ۾ ڀئونڪڻ شروع ڪيو ۽ سندس دوست کيس بي غيرت هئڻ جا طعنا ڏيڻ لڳا، تڏهن وقاص وڃي ڀينرن جي حقيقت پنهنجي پيءُ اڳيان پڌري ڪئي. چُرڻ پُرڻ کان لاچار پيءُ نه ڪجهه ڪري سگهيو ۽ نه ڳالهائي سگهيو، فقط سندس چهري تي درد جون ريکائون اُڀريون ۽ سندس اکين مان بي وسيءَ جا لڙڪ لڙي پيا. جڏهن دوستن ۽ پاڙي وارن جا طعنا وقاص جي برداشت کان وڌي ويا، تڏهن هڪ رات وقاص وڏي مقدار ۾ ننڊ جون گوريون، نظر بچائي گهر ۾ ٺهندڙ ٻوڙ ۾ وجهي ڇڏيون ۽ پاڻ اهو ٻوڙ نه کاڌو. رات جو دير سان اٿي هن گهر ۾ پيل ڪاتي کڻي ٻنهي ڀينرن ۽ ماءُ کي ڪهي ڇڏيو ۽ پاڻ کي پوليس حوالي ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ويو. ٿاڻي ڏانهن ويندي رستي ۾ کيس خيال آيو ته هن جي جيل وڃڻ کانپوءِ، سندس چُرڻ پُرڻ کان لاچار بيمار پيءُ جو ڪير خيال رکندو؟ تڏهن هو واپس گهر آيو ۽ دل تي پٿر رکي، بيمار پيءُ جي ڪنڌ تي به ڪاتي ڦيرائي ڇڏيائين ۽ پوءِ وڃي پاڻ کي پوليس حوالي ڪيائين!
اڄ اهو نوجوان وقاص ته جيل ۾ بند آهي ۽ پڇتاءَ جي ڪاتي ور ور ڪري سندس ڪنڌ ڪپيندي رهي ٿي، پر سندس هٿان ڪٺل ڀينرن جي عمر جيتريون ڪيتريون ئي ڇوڪريون اڄ به شهر جي رستن تي خريدارن لاءِ واجهائن ٿيون!
جيڪي عورتون عام گهرو زندگي گذارين ٿيون ۽ غربت سبب جسم فروشيءَ لاءِ مجبور ٿين ٿيون، اهي فقط روڊن رستن تي ۽ رڪشائن ۾ گهمندي جسم جا خريدار نٿيون ڳولين، پر ڪجهه هوٽلن ۽ شهرن جي فيشن ايبل علائقن ۾ قائم گيسٽ هائوسز تي به ڪال گرلس جي حيثيت سان پهچن ٿيون. اهڙا سمورا هنڌ پوليس جي نظر کان هروڀرو لڪل به نه هوندا!
پاڻ کي سماج سڌارڪ سڏائيندڙ ان شخص ته بنا تحقيق جي چئي ڇڏيو هو ته، ”اهڙين عورتن کي ماري ڇڏجي ته معاشري مان برائي ختم ٿي ويندي.“ پر ڇا اسان جي سياستدانن، سماج سڌارڪن ۽ معاشيات جي ماهرن ڪڏهن اهڙي معاشي تبديليءَ لاءِ سوچيو آهي، جنهن ۾ ڪا به عورت بک ۽ بدحاليءَ کان مجبور ٿي پنهنجي عزت ۽ جسم کي وڪرو نه ڪري.

جمع 20 مئي 2011ع