رابنسن ڪروسو جيان ڦاٿل سنڌي!
ڊينيئل ڊيفو جي ناول ”رابسن ڪروسو“ جو مرڪزي ڪردار رابسن، ڪروسو ٻيڙو (Ship) تباهه ٿيڻ کانپوءِ جڏهن سمنڊ ۾ لڙهڻ لڳي ٿو، تڏهن تباهه ٿيل ٻيڙي جو هڪ تختو کيس هٿ لڳي وڃي ٿو. هو ان تختي مٿان ليٽي پوي ٿو ۽ اهو تختو کيس سمنڊ جي وچ ۾ هڪ ويران ٻيٽ تي پهچائي ڇڏي ٿو. ڪروسو جي زندگي ته بچي وڃي ٿي، پر پوءِ وارن ڏينهن ۾ هو بي انتها مشڪلاتن جو شڪار ٿيندو رهي ٿو. چوڌاري پاڻيءَ ۾ گهيريل وير ان ٻيٽ تي ڪڏهن بارشن جو پاڻي سندس رهڻ واري غار ۾ داخل ٿي وڃي ٿو، ته ڪڏهن وري ڪنهن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ هو ڪنهن وڻ تي چڙهي پنهنجي زندگي بچائي ٿو. اڪيلاين ۽ مصيبتن جي تسلسل ۾ جڏهن به بارشون ٿين ٿيون ته هو بي وسيءَ ۽ لاچاريءَ مان برسندڙ بادلن طرف ڏسندو رهي ٿو ۽ بهادريءَ جي علامت بڻيل انهيءَ ڪردار جون اکيون به برسي پون ٿيون. رابنسن ڪروسو ته پنهنجي وطن کان دور هڪ ويران ٻيٽ تي اهي تڪليفون برداشٽ ڪري ٿو، پر هاڻوڪين بارشن ۾ لکين سنڌ واسي پنهنجي ئي وطن جي زمين تي رابنسن ڪروسو کان به بدتر حالتن ۾ مبتلا آهن. لکين سنڌ واسي هر طرف کان نه فقط پاڻي جي گهيري ۾ آهن، پر روزانو ڪيترائي سنڌ واسي بک ۽ بيمارين جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ به وڃي رهيا آهن. فقط ڪالهوڪي ڪاوش ۾ به هڪڙي ڏينهن اندر 39 ماڻهن جي مرڻ جي خبر رپورٽ ٿيل آهي!
سنڌ ۾ تازين خوفناڪ برساتن جيڪا تباهي مچائي آهي، ان ماضيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ٿر جي ريگستان ۾ جتي نه فقط انسانن، پر پکيءَ پکڻ ۽ جانورن جون نظرون به پاڻيءَ جي هڪڙي بوند لاءِ اڀ ۾ کتل هونديون هيون ۽ ڪنهن ڪڪريءَ جي برسڻ بنا وڃڻ تي سندن اکيون برسي پونديون هيون. انهيءَ ساڳئي ٿر جي وارياسي سرزمين تي سارنگ اهڙا ساٺ ڪيا آهن، جو ماڻهو ٻڏي مئا آهن! بارشن جو گهڻو پاڻي لاڙ ڏانهن لڙي آيو آهي، جنهن ڪري بدين جي بربادي ته ڪنهن حساس دل ماڻهوءَ لاءِ ڏسڻ به ڏکي ٿي پئي آهي. بارشن جي اهڙي تباهي سنڌ واسين ڪڏهن سَٺي ته نه، ڏٺي به نه هئي، پر افسوس ته متاثرن جي هن مهل تائين ڪا جوڳي مدد به ناهي ٿي سگهي. سرڪار ته مياري آهي، پر ان کان وڌيڪ مياري اهي سڀ سياسي ۽ سماجي ڌريون به آهن، جيڪي پاڻ کي ”سنڌ دوست“
سڏائيندي ناهن ٿڪبيون... اين جي اوز کي ته ميار ڏيڻ به اجائي آهي، جو انهن جو ڪردار اسان گذريل سال واري ٻوڏ ۾ به ڏسي چڪا آهيون. اين جي اوز اسان وٽ ڪنهن خدمت ۽ مصيبت ۾ واهر بجاءِ فقط ڪروڙين رپيا ڪمائڻ جو ڪاروبار بڻيل رهيون آهن ۽ ڊونر ايجنسين کان مليل ڊالر ڍوئينديون رهيون آهن!
هونءَ ته اسان وٽ ايڌي، ڇيپا ۽ سيلاني ٽرسٽ جهڙا ادارا به آهن، پر اهي به گند جي ڍير تي ڦٽي ڪيل ڪنهن تازي ڄاول ٻار کي جيئدان ڏيڻ کان وٺي رستن تي مرندڙ انسانن کي ڪفن ڏيڻ جهڙو ڪم به فقط ڪراچيءَ ۽ ڪنهن حد تائين حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ ڪن ٿا. سنڌ جي ٻين شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ انسان ڏانهن ته سندن اک ئي نٿي کڄي ۽ انهن علائقن جا مسڪين ۽ لاچار ماڻهو ٻوڏ ۽ بارشن جي پاڻيءَ ۾ ڪولين ۽ ماڪوڙين جيان لڙهي وڃن ٿا، پر اهي ادارا سندن سهارا نٿا بڻجن. سيلاني ٽرسٽ جهڙن ادارن جي دستر خوان تان ته ڪنهن غير مسلم بکايل انسان کي ان بنياد تي به بکئي پيٽ اٿاري هڪليو وڃي ٿو ته، اهو بکايل انسان مسلمان ناهي. انسانيت جي خدمت واري اسلامي تصور جي ابتڙ اهڙي سوچ ۽ اهڙا رويا رکندڙ انهن ادارن مان اهڙي اميد ڪيئن رکجي ته اهي اڳتي وڌي لڙهندڙ، ٻڏندڙ ۽ مرندڙ سنڌ واسين جي ڪا واهر ڪري ماڻهپي جو مانءُ مٿانهون ڪندا! ايڌي صاحب ته نائن اليون کان پوءِ آمريڪا تائين وڃي به ”انسانيت جي خدمت“ ڪري ”ڏيکاري“ هئي، پر سنڌ جي ٻهراڙين وارا علائقا شايد کيس آمريڪا کان به پري، ڪو ڏوراهون ڏيهه لڳن ٿا، جو نه فقط گذريل سال واري ٻوڏ، پر هاڻوڪين موت مار بارشن ۾ به هو سنڌ جي آفت سٽيل عوام کي نظر ئي ناهي آيو!
صدر آصف زرداري صاحب سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي فضائي جائزي کان وٺي نواب شاهه جي رستن تي بيٺل پاڻيءَ ۾ پنڌ هلي به عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، هو عوامي اهنجن کان بي خبر ناهي. وزير اعظم صاحب قوم کي خطاب ڪري سنڌ ۾ 40 لک ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ ۽ انهن مان ڏيڍ لک ماڻهن کي ڪئمپن ۾ منتقل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. وزير اعظم صاحب جي انهيءَ بيان جو مطلب اهو به نڪري ٿو ته ساڍا اٺٽيهه لک ماڻهو اڃا به پاڻيءَ منجهه پساهه واري حالت ۾ آهن، سي به سرڪاري انگن اکرن مطابق! ٻئي طرف سنڌ جي وزير اعليٰ صاحب چيو آهي ته، ”برسات متاثر منهنجو گهيراءُ ڪري رهيا آهن، پر پوليس انهن کي ڪجهه به نه چوي، انهن احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي ڌڪا نه ڏنا وڃن“ بيشڪ سائين توهان جي بيان کي ته همدرديءَ جي زمري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ گهيريل ماڻهن جا اهنج دور نٿا ٿين ته، اهي توهان جو گهيراءُ ڪرڻ جي باوجود پوليس جي لٺين کان محفوظ رهي به مطمئن ته ڪونه ٿي ويندا، جو سندن ٻچا کليل آسمان هيٺان بک ۽ بيمارين جي ور چڙهيل آهن. جمعي واري ڪاوش ۾ ڇپيل اها خبر ته دل کي رت جا ڳوڙها روئارڻ جهڙي آهي، جنهن مطابق پنگريو لڳ وڻن جي چوٽين تي ويٺل ٻن خاندانن جا ڏهه ڀاتي وڏن آوازن سان مدد لاءِ سڏي رهيا هئا، پر ڏهه فوٽ پاڻي هجڻ سبب اتي ڪير به نه ويو ۽ نه ئي ڪا ريسڪيو ٽيم پهتي. ڇا اهي حالتون رابنسن ڪروسو کي پيش آيل حالتن کان وڌيڪ بدتر ناهن!؟
بيشڪ ته سنڌ ۾ اڳي به اهڙيون بارشون ٿيون آهن، جن غريبن جي جهوپڙين کي جهوريو آهي، پر هيل اڀ ۾ آيل آگم جيڪي ڪلور ڪيا آهن، انهن جو ماضيءَ ۾ ڪو مثال ئي نٿو ملي. جيڪڏهن آگم جا اهڙا افعال شاهه سائين ڏسي ها، ته شايد سندس ”سر سارنگ“ ۾ خوشيءَ بجاءِ غم جو رنگ نظر اچي ها!ٰ
مشڪلاتون مستقل ناهن هونديون. سنڌ واسين تاريخ جي هر دور ۾ مصيبتن سان منهن ڏنو آهي ۽ انهن مان پار به پيا آهن. هي ڏکيا ڏينهن به گذري ويندا. بادل به آخر ته برسي برسي ٿڪبا ۽ پاڻيءَ منجهه پساهه واري حالت ۾ ڦاٿل ماڻهو وري پنهنجن ڪکن ڏانهن به ورندا، پر پنهنجي ڪرڻي ته هر ڪنهن کي ڀرڻي ئي پوندي، جو عوام فقط ووٽ ڏيڻ ۽ جلسن ۾ تاڙيون وڄائڻ لاءِ پيدا ناهي ٿيو!
ڪاري رات ڪڪر ڪوٺن تي
جڏهن ڪندا تو وٽ گجگوڙون
توکي سڏ نه ڏيندو ڪوئي!
(شيخ اياز)
اڱارو 13 سيپٽمبر 2011ع