ابابيل اڏامندا رهن ٿا...
ڪالهوڪي ڪاوش ۾ ڇپيل هڪ خبر مطابق، ”حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ واري علائقي ۾ شراب پيئڻ لاءِ گلاس نه ڏيڻ تان ٻن ڄڻن مڇرجي هوٽل ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو آهي.“ مون کي خبر ناهي ته انهن ٽن زخمين جي حالت هن وقت ڪيئن آهي، پر مهينو کن اڳ اهڙو ئي هڪ واقعو ميرپور خاص جي ڀرسان به ٿيو هو، جنهن ۾ هوٽل مالڪ جو نوجوان پٽ مارجي ويو هو.
ميرپورخاص جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ جو رهاڪو غلام رسول پنهور پوليس ۾ سپاهي هو. نوڪريءَ دوران سندس اها ئي ڪوشش رهي ته هو حق حلال جي روزي ڪمائي، ان ڪري نوڪريءَ جو وڏو عرصو هن ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ، اعليٰ آفيسرن جي بورچيءَ طور ڪم ڪيو، جو کيس سٺا کاڌا ٺاهڻ ايندا هئا. پوليس جي نوڪريءَ مان رٽائر ٿيو ته سندس ايمانداريءَ سبب، ڪنهن آفيسر سندس نوجوان پٽ علي حسن کي سپاهيءَ طور پوليس ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو. غلام رسول پاڻ رٽائرمينٽ کان پوءِ ميرپورخاص جي ڀرسان ميرواهه روڊ تي وڃي غريباڻو هوٽل کوليو. سندس نوجوان سپاهي پٽ علي حسن به سرڪاري ڊيوٽيءَ کان پوءَ اچي هوٽل تي پيءُ جو هٿ ونڊائيندو هو. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ علائقي ۾ ڀرپاسي جي ٻين ڪيترن جهوپڙا هوٽلن تي ماڻهو اڄ به شراب پيئن ٿا، پر غلام رسول پنهنجي هوٽل ۾ بورڊ هڻي ان تي لکرائي ڇڏيو هو ته، ”هتي شراب پيئڻ منع آهي.“ اهو ئي سبب آهي ته شراب پيئندڙ ماڻهو سندس هوٽل تي نه ايندا هئا. اتفاق سان ڪي ماڻهو شراب جي بوتل سميت سندس هوٽل تي ايندا هئا، ته هو هٿ ٻڌي کين پاڻيءَ جا گلاس يا ڪولڊ ڊرنڪس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو هو ۽ انهن گراهڪن جو هوٽل ۾ لڳل بورڊ طرف ڌيان ڇڪائيندو هو، جنهن تي لکيل هو ته، ”هتي شراب پيئڻ منع آهي.“ اهڙي صورت حال ۾ ڪي گراهڪ ته خاموشيءَ سان اتان اٿي ڪنهن ٻئي هوٽل طرف هليا ويندا هئا، ته ڪي وري کيس گهٽ وڌ به ڳالهائي ويندا هئا ۽ غلام رسول خاموشيءَ ۾ ئي عافيت سمجهندو هو، پر ان رات شراب جي بوتل کڻي آيل نوجوانن اٿڻ کان انڪار ڪندي ضد ڪيو ته هو سندس هوٽل تي ويهي شراب ضرور پيئندا، جيڪا ڳالهه غلام رسول کي ڪنهن به صورت ۾ منظور نه هئي. نتيجي طور غلام رسول جي انهن نوجوانن سان ڏند چڪ ٿي ۽ اهي نوجوان ڪاوڙجي اٿي هليا ويا. رات جو دير سان جڏهن غلام رسول هوٽل بند ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته اهي ساڳيا نوجوان موٽر سائيڪلن تي آيا ۽ اچڻ سان هوٽل ۾ فائرنگ ڪري ڏنائون، جنهن ۾ غلام رسول جو نوجوان پٽ علي حسن مارجي ويو ۽ چار ٻيا ماڻهو زخمي ٿي پيا. اسان وٽ لڪ ڇپ ۾ يا ظاهر ظهور هوٽلن تي ويهي شراب پيئڻ يا شراب پيئڻ کان پوءِ هُل هنگامو ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. اهڙا ماڻهو هُل، هنگامي کانپوءِ به آرام سان هليا ويندا آهن، جو ڪوبه شريف ماڻهو انهن سان هٿ اٽڪائڻ جي غلطي نٿو ڪري. ڪڏهن اتفاق سان ئي پوليس جي ڪنهن ايماندار آفيسر سبب اهڙو ڪو ماڻهو چالان ٿئي ٿو ۽ عدالت جي ڪٽهڙي تائين پهچي ٿو، نه ته اسان جي پوليس جا حال ته اسان سڀني کي ساريا پيا آهن، جو اسان جي پوليس وٽ ڏنو پٽ ڇٽي جو وارو نظام ڏاڍي بي ڊپائيءَ سان هلي رهيو آهي!
پاڪستان دنيا جي 56 اسلامي ملڪن مان واحد اسلامي ملڪ آهي، جتي شراب ٺاهڻ جي ته ڪجهه ڪارخانن کي قانوني اجازت مليل آهي، پر مسلمانن لاءِ شراب پيئڻ تي پابندي لاڳو آهي، جيڪا پابندي 1977ع ۾ لڳي هئي. ملڪ جي اٽڪل 50 لک غير مسلم آباديءَ کي فقط خاص پرمٽ وسيلي شراب وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي، پر عملي طور تي اسان وٽ شراب جي وڪري تي ڪابه پابندي ناهي. هر ننڍي وڏي شهر جي گتن تي بنا ڪنهن پرمٽ جي شراب وڪرو ڪيو وڃي ٿو. خاص طور تي شام ٿيندي ئي انهن گتن تي شراب خريد ڪندڙن جي ”کڙڪي توڙ“ رش نظر اچي ٿي. پاڪستان ۾ شراب تي سرڪاري طور تي پابندي ۽ عملي طور تي آزاديءَ سبب شراب بلئڪ تي وڪامي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ شراب وڪرو ڪندڙ ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بڻجندا رهن ٿا. بي بي سي جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو شراب نوشي ڪن ٿا، جن ۾ مردن کان سواءِ عورتن جو وڏو انگ به شامل آهي. اها خبر به آچر 5 جون جي ڪاوش ۾ موجود آهي ته اسلام آباد ايئر پورٽ تي ناليواري اداڪارا ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ عتيقا اوڍو جي سامان مان تلاشيءَ دوران غير ملڪي شراب جون ٻه بوتلون نڪتيون.
شراب جي ايجاد بابت لکيو ويو آهي ته، ”قديم ايران جو هڪ شهنشاهه انگور کائڻ جو شوقين هو. هڪ دفعي انگور رکي ڪيڏانهن هليو ويو. ڪجهه هفتن کان پوءِ واپس آيو ته ڏٺائين ته اهي انگور خراب ٿي ويا هئا. شهنشاهه کي لڳو ته اهي زهر بڻجي ويا هئا، تنهن ڪري انهن انگورن کي ٿانوَ سوڌو دفن ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. زندگيءَ کان بيزار هڪ ٻانهيءَ خود ڪشي ڪرڻ جي ارادي سان اهو ٿانءُ کوٽي ڪڍيو ۽ ان ۾ موجود عرق زهر سمجهي پي ڇڏيائين. هوءَ مئي ته ڪونه، پر کيس نشو ٿي ويو ۽ نشي ۾ نچڻ ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيائين. جڏهن سندس نشو ختم ٿيو ته کائنس سندس اهڙي حالت بابت پڇا ڪئي وئي. ٻانهيءَ جڏهن انگور جي عرق جو ذڪر ڪيو ته شهنشاهه به انگور جو عرق واپرائڻ شروع ڪيو ۽ کيس ئي شراب جو ايجاد ڪندڙ به سڏيو ويو.“
هڪ رپورٽ مطابق، ”دنيا ۾ هر سال گهٽ ۾ گهٽ 25 لک ماڻهو شراب نوشيءَ سبب مري وڃن ٿا.“ جيتوڻيڪ مختلف ڪمپنيون سائنسي اصولن تحت شراب ٺاهن ٿيون، جيڪو به هر صورت ۾ نقصانڪار هجي ٿو، پر وڌيڪ ۽ تڪڙو نقصانڪار مقامي طور تي غير قانوني نموني سان ٺاهيل ”ٺرو“ هجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو علاج جي باوجود مري وڃن ٿا. ساڳئي وقت اسان جي ملڪ ۾ ته برانڊيڊ بوتلن ۾ نقلي شراب جي وڪري جون شڪايتون به عام آهن، جيڪو پڻ انسان لاءِ زهر برابر هجي ٿو. برانڊيڊ بوتلن ۾ موجود نقلي شراب جو شڪار ٿيندڙ هڪڙي نوجوان کي ته مان به سڃاڻان ٿو، جنهن عام گتي تان شام جو اهو شراب خريد ڪري رات جو وڃي پيتو ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ سندس نظر ختم ٿي وئي. ڊاڪٽرن طرفان کيس لا علاج قرار ڏيڻ کان پوءِ سندس زندگي هڪ نه کٽندڙ ڊگهي ڪاري رات بڻجي وئي آهي. نه فقط نقلي، پر اصلي توڙي انتهائي قيمتي پرڏيهي شراب به نقصانڪار ئي هجي ٿو ۽ خاص طور تي، هڪ ئي وقت تي ان جو وڌيڪ استعمال خطرناڪ ۽ موت مار به ثابت ٿي سگهي ٿو. اهڙو ڪجهه ئي منهنجي هڪ ويجهي دوست ۽ پاڪستان جي ليجنڊ ٽي وي آرٽسٽ سان ٿيو هو. کيس هڪ دوست قيمتي پرڏيهي شراب جي هڪ وڏي بوتل ڏئي ويو، جنهن بوتل کي پياڪ ڏيڍوڻي چوندا آهن. اهو مشهور اداڪار رات جو بوتل کڻي پنهنجي بيڊ روم ۾ هليو ويو. جڏهن به اهو اداڪار رات جو بيڊ روم ۾ پيئڻ شروع ڪندو هو ته سندس زال ٻئي ڪمري ۾ وڃي سمهي پوندي هئي. ان رات به سندس زال ائين ئي ڪيو. ٻئي ڏينهن جڏهن دير تائين اهو اداڪار ننڊ مان نه اٿيو، ته سندس زال کيس جاڳائڻ لاءِ بيڊ روم ۾ وئي، پر اهو اداڪار ڪڏهن به جاڳي نه سگهيو. سندس بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي شراب جي ڏيڍوڻي بوتل مڪمل طور تي خالي پئي هئي ۽ سندس ساهه جو ابابيل اڏامي چڪو هو.
سنڌ جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾، بنا پرمٽ جي ۽ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شراب عام جام وڪرو ٿيندو رهي ٿو، انساني ساهن جا ابابيل به اڏامندا رهن ٿا، پر پوءِ به قانون تحرڪ ۾ نٿو اچي!
اڱارو 7 جون 2011ع