لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

سادا اکر

پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن جي ڳولا ۽ تانگھ، اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ شروع ڪئي ھيم. ڪجھ ڪتاب اصل حالت ۾ مليا، ڪي ته ڪو نه پئي ملي سگھيا. ھن ڪتاب بابت مون کي ڄاڻ به محترم ڊاڪٽر انور فگار ھَڪڙي صاحب جن ۱۹۹۰ع ڌاري ڏني ۽ ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي به پاڻ مھيا ڪري ڏنائين.
اصل ڪتاب اڄ تائين دستياب نه ٿي سگھيو آھي. اول ته اصل مسودي کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. جڏھن ان موضوع تي ڪافي ڪتاب ڪٺا ٿيا ۽ نظر مان گذريا ته پوءِ ڪن ڪتابن جي لکڻ ڏانھن ڌيان ويو.
ان کان علاوھ ڪن اوائلي ڪتابن ۾ اڄ جي لحاظ کان سنوار سڌار جي پڻ ضرورت محسوس ٿي، جن ۾ ”گل شڪر“ ۾ پھرين ھٿ وڌو. ان کي سنواري سڌاري، ڇپايو. ”پھاڪن جي پيڙھ“، الله بخش ٽالپر صاحب وارو نسخو پڻ سنواري سڌاري نيٽ تي رکيو. ”پھاڪن جي پاڙ“، ڀيرومل صاحب وارو نسخو ھٿ ۾ آھي. ان دوران ھن ڪتاب جي نسخي جي سنوار سڌار جو ڪم به ھٿ ۾ کنيو، جيڪو رب جي مھربانيءَ سان ڪنھن حد تائين مڪمل ڪري ڇڏيو آھي.
ھن ڪتاب جي اصل مسودي اندر، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيسون، گفتارون ۽ ورجيسي جملا، بلا امتياز پھاڪن جي نالي ۾ ئي داخل ڪيل ھيا. لغت واري ترتيب پڻ ڏنل نه ھئي. الف وارا پھاڪا الف وارن سان، ب وارا ب وارن سان گڏ رکيل ته ھيا پر لغت واري ترتيب ۾ نه. ڪن داخلائن ۾، صورتخطيءَ ۽ املاءَ جون پڻ چڪون ھيون، ڪن ۾ معنائن جون پڻ غلطيون ٿيل ھيون. اھي سموريون اوڻايون پوڻايون، ھن مسودي اندر دور ڪيون ويون آھن، ته جيئن ڪتاب اڄ جي پڙھندڙ يا محقق لاءِ دلچسپ، ڪارائتو ۽ لاڀائتو ٿي سگھي.
صورت خطيءَ جي تصحيح کان پوءِ، لغت واري ترتيب ھيٺ، داخلا جي جتي جاءِ بيھي پئي، ان کي اتي درج ڪيو ويو آھي. جتي ڪن پھاڪن جي تشريح جي ضرورت ھئي يا سھيڙيندڙ جي ڏنل معنى يا تشريح سان اختلاف نظر آيو پئي، سو پڻ فوٽ نوٽ ۾ واضح ڪيو ويو آھي. ان کان علاوھ، جيڪي پھاڪا يا چوڻيون، مطلب ظاھر ڪرڻ جي لحاظ کان، سھيڙيندڙ صاحب چڱي نموني واضح نه ڪري سگھيو آھي، تن جي تشريح سنواريندڙ طرفان فوٽ نوٽ ۾ ڏني وئي آھي.
سھيڙيندڙ/ مؤلف جي اصل احوال بابت گھڻي جاکوڙ ڪئي، پر حال احوال وڌيڪ نه ملي سگھيو. جڏھن ته ڪتاب جي آخر ۾ ڇپائيندڙ يا پرنٽر بابت ھيٺين ڄاڻ ڏني وئي آھي:
Printed by: Pitamberdas Sahijram, at Kothari Printing Works, Sambara Chambers, Sir Phirozshah Mehta Road, Fort, Bombay-I. Tele: 265325-263988-582725 and Published by: Shri Tirahdas Pessumal Hathiramani, 141, Main Street, Colombo (Celoon).
البته انھن ڪتابن يا مضمونن منجھ، جن منجھ پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن بابت ڄاڻ ڏنل آھي، موصوف بابت ايترو لکيل آھي ته؛ ”’پھاڪن جي پاٻوھ‘ نالي ڪتاب لکيائين جنھن ۾ ۱۸۰۰ کن پھاڪا ڪٺا ڪري الفابيٽ ترتيب تي رکيائين. ان کان علاوھ ھزارين پھاڪا ۽ چوڻيون پڻ ڪٺا ڪيائين جيڪي ڇپجي نه سگھيا آھن.“
واضح رھي ته اصل مسودي ۾ داخلائن جو ڳاڻيٽو ٿيل/ڏنل ناھي. ڪنھن به داخلا کي ڪو به نمبر ڏنل ناھي. ھتي/ھن مسودي اندر، ھر اکر جي پھاڪن کي، نمبر پڻ ڏنا ويا آھن. فھرست جوڙي، منجھس پڙھندڙن لاءِ، سھوليت خاطر، صفحو نمبر پڻ درج ڪيو ويو آھي، جنھن جي حساب سان ھاڻي مڙني داخلائن جو تعداد ۲۳۳۱ بيھي ٿو.
ھن ڪتاب جي پھرئين ڇاپي جون ھزار ڪاپيون، سال ۱۹۷۳ع ڌاري، ڪرائون سائيز جي ۲۴۰ صفحن تي ڇپيون. متن ۲۳۶ صفحن تي ھيو ۽ قيمت چار روپيا ھيس. انتساب ھنن لفظن ۾ ڏنل اٿس؛ ”تڇ ڀيٽ سونھارن سنڌين کي جن کي ڏسي منھنجا نيڻ ھميشه پيا ٺرن.“
ڪتاب جي تياريءَ ۾، فاضل مصنف ھيٺ ڄاڻايل ڪتابن تان مدد ورتي آھي:
1. ”سھج ڪوش“، سنڌي-سنڌي ڊڪشنري ماستر سھج رام ٽھلرام.
2. ”گل-شڪر“، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي.
3. ”گل قند“، شري ڀيرومل مھرچند آڏواڻي.
4. ”ھئنڊ بوڪ آف سنڌي پراوربس“، شري روچيرام گجو مل.
5. ”سنڌي کٽمٺڙا“، غلام اصغر (پاڪستان).
6. ”پھاڪا ۽ اصطلاح“، شري بي بي رامناڻي.
7. ”پھاڪن جي پاڙ“، پروفيسر عبدالڪريم سنديلو (پاڪستان)
8. ”پھاڪن جي حڪمت“، مرزا قليچ بيگ.
9. ”چوئٿ جو چنڊ“، سرڳواسي لعلچند امرڏنومل.
10. ”اناردانه“، پروفيسر نارائڻداس رتنچند ملڪاڻي.
11. ”سنگھٽن“، ”ھندواسي“، ”ڪونج“ اخبارن جي پرچن مان.
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ميشرس ايل ڪشنچند وارن، ڪتابن ڳولھي لھڻ ۽ پستڪ تيار ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪئي. پستڪ ھٿ ڪرڻ ۽ وڌيڪ صلاحن يا فاضل مصنف سان لکپڙھ ڪرڻ لاءِ سرنامو ھنن لفظن ۾ ڏنل آھي؛ ”شري ھريش وي، ھاٿيراماڻي، ڪؤپر بلڊنگ، پھريون ماڙو، ۲۲۹، پرنسز سٽريٽ، بمبئي ۲.“
اميد ٿي ڪجي ته لوڪ ادب جي پارکوئن کي ھن مسودي منجھان لاڀ حاصل ٿيندو ۽ وٽانئن چڱي موٽ ملندي.

انجنيئر عبدالوهاب سهتو
۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
قنبر روڊ- لاڙڪاڻو