( گهه )
1. گهاڻي جو ڏاند، ڪاسائيءَ جو ڪتو، جتي بيٺو اُتي ڇٽو. (چوڻي)
2. گهاڻي جي ڏاند کي، گهر ۾ ئي ڪوھ پنجاھ. (پھاڪو)
3. گهر به اچن پٽ، هٽ به اچن ٻڪيون. (ورجيس)
گهر ۾ توڙي دڪان تي، فائدي جون ڳالهيون پيئون ٿين.
4. گهر پيا، گهنگهر پيا. (پھاڪو)
گهنگهر: مونجھارا، اونا.
5. گهر جڙيو، واڍو وسريو. (پھاڪو)
6. گهر جو ٻانڀڻ، بئل برابر. (پھاڪو)
7. گهر جو پير، چلهه جو مارنگ. (پھاڪو)
مارنگ: چلهه تي ديڳڙي بيھارڻ لاءِ ڀتر. ۲. پنھنجي گهر ۾ يا ديس ۾ ڪو پير يا وڏو ماڻھو هوندو آهي ته قدر ڪو نه ٿيندو اٿس. اُنهيءَ کي خارج سمجهي چلهي ۾ دخل ڪري ڇڏيندا آهن. انھن جو قدر وري ٻاهر چڱو ٿئي.
8. گهر جو ڪن، گهر ۾ ڌوئجي. (پھاڪو)
هيئن به چون؛ ۱. ڪني اڳڙي، ڪنڊ ۾ ڌوئجي. ۲. گهر ۾ کڏ هجي، ته ٻهر ٻاهر ڇو ڦٽو ڪجي؟
9. گهر جي دال ئي ڀلي، توڙي ٻاهر ملي پلو. (چوڻي)
10. گهر جي کنڊ ڪري ڪر ڪر، چوريءَ جو ڳڙ مٺو مٺو! (چوڻي)
11. گهر جي گهپي، مٽن جو پاڻي به سڪائي ڇڏي. (چوڻي)
12. گهر جي نيت، قنڌار جي کٽي. (چوڻي)
13. گهرجيئي ڀاڳ، ته سويل جاڳ. (چوڻي)
14. گهر ڦوڪ، تماشا ديک. (چوڻي)
15. گهر ڪي مرغي، دال برابر. (ورجيس)
16. گهر گهوڙن کي، ٻار چورن کي. (چوڻي)
17. گهر ۾ به گهر کائڻو، ٻاهر به گهر کائڻو. (چوڻي)
18. گهر ۾ ٻه ٺڪر، به ڪو نه ٺھن. (پھاڪو)
19. گهر ۾ چار ٺڪر، لڳندا ئي لڳندا. (پھاڪو)
20. گهر ۾ غرقي به ڪانھي، دم هڻي ٿو ٺوڙھيءَ جو. (ورجيس)
غرقي؛ ٻڏل اَنُ. ٺوڙھي؛ سٺي ڪڻڪ.
21. گهر ۾ کڏ هجي، ته ٻهر ٻاهر ڇو ڦٽو ڪجي؟ (پھاڪو)
22. گهر ۾ کلا بجا، ٻاهر شير بھادر ٻلي. (پھاڪو)
گهر ۾ پادر لڳن، ٻاهر ٻلي بھادر ٿي پيئي هلي.
23. گهر ۾ گهر، ٻڏي وڃي مر. (چوڻي)
24. گهر ۾ هڪ بيمار، ته سڄو گهر بيمار. (پھاڪو)
25. گهر ۾ هڪ مھمان، ته سڄو گهر مھمان. (پھاڪو)
26. گهر واريءَ جو هڪڙو گهر، بي گهريءَ جا سوَ گهر. (پھاڪو)
27. گهڙو ڀڳو ته گهوريو، ڀڄي تان نه گهڙي. (پھاڪو)
گهڙي: جنھن تي گهڙو رکبو آهي. گهڙو: پاڻيءَ جو دلو. ۲. دلو ڀڳو ته حرڪت ڪانهي، پر دلي رکڻ جي جاءِ ته نه ڀڄي.
28. گِهڙيا، سي چڙهيا. (پھاڪو)
جيڪي ڪنھن ڪم ۾ گِهڙي پيا، سي ضرور ڪنھن نه ڪنھن ڏينھن چڙهي چوٽ چڙهندا.
29. گهڙيءَ جا گهڙيال، نوان. (چوڻي)
گهڙيال جا نوان نوان ٺڪاءَ.
30. گهمي گهمائي وٺجي، ڏهي ڏهائي وٺجي،
ٽڪي جي دانگي، ٺڪي ٺوڪي وٺجي. (پھاڪو)
31. گهڻا؛ (ڄڻ) پٽ الله جا. (پھاڪو)
32. گهڻ پيٽاري بگڙي، کائي ويئي جهار. (پھاڪو)
گهڻي پيٽي (بلي) زمين جي پوک، آخر پکي کايو وڃن ڇاڪاڻ ته هر هڪ ڀائيوار پيو سمجهندو آهي ته ٻيو حصيدار پوک سنڀاليندو هوندو.
33. گهڻن سان مرڻ به ڄڃ آهي. (پھاڪو)
ڄڃ: شادمانو.
34. گهڻن کنئي، ڇپر کڄي. (پھاڪو)
ڪو به بار، گهڻا ماڻهو کڻندا ته آسانيءَ سان کڄي ويندو.
35. گهڻن کي ثمر، هڪڙي کي ڀري. (پھاڪو)
36. گهڻو عقل، گهر جو گهاٽو. (چوڻي)
37. گهڻو مال، گهڻو وبال. (چوڻي)
وبال: بيماريون. ۲. گهڻو مال، گهڻيون بيماريون.
38. گهڻي زالين گهر نه هلي، گهڻي مڙسين هر نه هلي. (پھاڪو)
39. گهڻي کاڌي، گهڻي بک. (پھاڪو)
40. گهوٽ ڪنوار راضي، ته ڪيا ڪريگا قاضي؟ (پھاڪو)
41. گهوٽ ماءُ کان، به اَهنر ماءُ تڪڙي! (پھاڪو)
وهانءَ وڌاڻي تي، گهوٽ ماءُ کان به اَهنر ماءُ وڌيڪ ڦر ڦر ڪندي آهي.
42. گهوٽڻ مھل غرق ٿيا، ڇاڻڻ مھل ڇتا،
پيئڻ مهل ائين آيا، جيئن گو سائين جا ڪتا. (ورجيس)
هيئن به چون؛ شبد مهل ستا، ڀڄن مهل ڀڳا، پرشاد مهل ائين آيا، جيئن قلندر جا ڪتا.
43. گهوڙا ۽ پَٽُ، ملا ۽ ڀَتُ، هو ڪشيا تا رسيا، هو نيا تا چَٽُ. (چوڻي)
گهوڙا ڪشي پٽن تي ڇڏبا ته وڃي مقصد تي رسندا، ملا به ڀت جي ڪٽورن تي ويٺا ته اُهي به چٽ ڪري اٿندا.
44. گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا. (چوڻي)
45. گهوڙو گاهه سان رعايت ڪندو ته بک پاڻ مرندو. (پھاڪو)
46. گهوڙو گهر ۾، اگهه بزار ۾. (ورجيس)
47. گهوڙي جو پڇ وڏو ٿيندو ته پنھنجون مَکيون ئي مس هڪليندو. (پھاڪو)
48. گهوڙي ۽ جوڙي جو، هميشه خير گهرجي. (گفتار)
گهوڙو به شل جيئرو هجي جو روزگار پيو نڪرندو. ۲. جوڙو به شل خوش هجي.
49. گهونگهٽ لهڻ کان پوءِ، نچڻ ۾ ڪھڙو مهڻو؟ (پھاڪو)
50. گهيٽو ڌاريم اُن کي، هٿان چري ڪپاھ. (ورجيس)
ان: گرم ڪپڙي جو ڌاڳو. ۲. گهيٽو خريد ڪيو ويو اُن هٿ ڪرڻ لاءِ. گهيٽو ويٺو ماڳيئي ڪپاھ کائڻ. ۳. گهيٽو ڌاريم ان لاءِ، رهندو چري ڪپاھ، جوءِ ڌاريم گهر لاءِ، رهندو ماريم ماءُ، ننهن ڌاريم سک لاءِ، سس جو ڪڍي ساھ، پٽ پاليم پوءِ لاءِ، ڪٽي ڪري پاھ، پاڙو ڌاريم پريت لاءِ، رهندو کڻ کپاءُ، ڏوس ڌاريم ڏک لاءِ، وٺي نه ڏينم پاءُ، پير کڻج پختو ڪري، جو دنيا دٻ دٻاءُ. (پوءِ لاءِ: پيڙهيءَ جي سک لاءِ. کڻ کپاءُ: پٽ-سٽ، ڦر-مار لاءِ. ڏوس: دوست، دوست، يار، خيرخواهه، گهڻگهرو.) (پھاڪن جي پاڙ-سنديلو)
***