( پ )
1. پاپ جو گهڙو؛ ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي. (چوڻي)
2. پاپ جي مايا؛ پراڇت جاءِ. (چوڻي)
پاپ جي مايا، پاپ (پراڇت) ۾ وڃي.
3. پارسي، گهوڙي چاڙهسي. (چوڻي)
4. پارو اڳ ۾ ئي نچڻو، باقي به آيس دٻ. (پھاڪو)
5. پاڙو؛ ابو اما آهي. (چوڻي)
6. پاڙيريا؛ ڌوترا، ڌڳريا. (چوڻي)
پاڙيوارا آهن ڌوتا ۽ جهڳڙالو.
7. پانچ پئنچ مل ڪر ڪيجيئي ڪام، هار جيت نه آوي لاج. (چوڻي)
پانچ؛ پنج.
8. پاڻ پني، گهوڙا ڳنهي. (ورجيس)
9. پاڻ کان مٿي جو ٻئي کي گهري، سو به ڏائڻ. (چوڻي)
10. پاڻ مئي، ڪھڙا سيڻ؟ (چوڻي)
11. پاڻ مئي کان پوءِ، مري ويئي دنيا. (چوڻي)
12. پاڻ نه پالي، ڪتا پالي. (چوڻي)
هيئن به چيو ويندو آهي. پاڻ پني، گهوڙا ڳنهي.
13. پاڻ نه پلي پوپري، لوڪان متيون ڏئي. (پھاڪو)
14. پاڻي پي پوءِ ذات نه پڇجي. (چوڻي)
پاڻي پي (ڪم ڪري) پوءِ ذات پڇڻ جو ڪھڙو ضرور.
15. پاڻي ولوڙيندي، ڪو مکڻ نڪري؟ (پھاڪو)
16. پاڻي وهندو ڀلو، فقير رمندو ڀلو. (چوڻي)
17. پاڻيءَ کان اڳ، ڪپڙا نه لاهجن. (پھاڪو)
18. پاڻيءَ ۾ لٺ هڻڻ سان، پاڻي جدا ڪو نه ٿيندو. (پھاڪو)
19. پاءِ پٽيتي، پٽ کي جڻيا! (پھاڪو)
پٽ کي جڻيا پائبا آهن ته سڀاويڪ کٽراڳ ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪير کٽراڳي ڪم شروع ڪندو آهي ته کيس چرچي طور ائين چيو ويندو آهي.
20. پائجي ته وڏي ڍيران پائجي. (پھاڪو)
ظاهري مطلب ته ڌوڙ پائجي ته وڏي ڍير تان پائجي. ڪنھن جو ٿڌو ٿورو ۽ مھرباني نه کڻجي، پر جيڪڏهن ائين ڪرڻو پوي ته ڪنھن وڏي گهر يا ڪنھن مڙس ماڻھوءَ جو ٿورو کڻجي، جيئن ڪُمهلو ڏوراپو نه ملي.
21. پائي نهين پلي، ڇوڙي هار ڳنهان ڪ ڇلي! (پھاڪو)
هڙ ۾ پائي به ڪا نه اٿس پر زال کان پيو پڇي ته هار خريد ڪريان يا رڳو آڱر ۾ پائڻ لاءِ ڇلو.
22. پائيءَ تي پڪائي، نوٽن تي ناداني! (ورجيس)
23. پَتِ؛ نَنهَن تي پاڻي آهي. (چوڻي)
پت: ڪار-پت، عزت آبرو.
24. پٿر پرائو، پار پنھنجا. (پھاڪو)
25. پٿر کان، سِرُ نرم. (پھاڪو)
26. پٽ ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيهه لڇڻو. (چوڻي)
27. پٽ تيستائين جيسين کيس جوءِ نه ملي آهي، ڌيءَ هميشه ڌيءَ آهي. (چوڻي)
28. پٽ ٿئي مال ڀائي، ڌيءَ ٿئي حال ڀائي. (چوڻي)
29. پٽ ٿي گذار ته سگهو ئي پيءُ ٿين. (چوڻي)
30. پَٽُ ٿيو پراڻو ته به ڪو جنڊ جو نائو؟ (پھاڪو)
پٽ: ريشم، ناڻو: جنڊ اُگهڻ جو ڪپڙو. ۲. جيڪڏهن ريشم پراڻو ٿيو ته ڪو جنڊ اُگهڻ لاءِ رکبو ڇا؟
31. پٽ پرڻيو معنى پَـرَ نيو. (چوڻي)
32. پٽ پيٽئون، ناٺي اکيئون. (چوڻي)
پٽ پيٽ مان ٿو ڄڻجي ۽ ناٺي اکين جي پريت مان ٿو پيدا ٿئي. پٽ ۽ ناٺي، ٻئي هڪ سمان سمجهڻ گهرجن.
33. پٽ ڄائو ته مون ڄڻيو، ڌيءَ ڄائي ته تو ڄڻي. (پھاڪو)
34. پٽ ڄائي کان پوءِ، پٺ پڌري ٿئي. (چوڻي)
35. پٽ راڻي رسندي ته وٺي وٺي پنھنجو سهاڳ وٺندي، ڪنھن جو ڀاڳ ڪو نه وٺندي. (چوڻي)
36. پٽ، ڪپٽ، سپٽ؛ پينگهي ۾ پڌرو. (چوڻي)
37. پٽ کي مار سان، ڌيءَ کي پيار سان؛ سڌو ڪجي. (چوڻي)
38. پٽ وڌي پيءُ جي ڪرمن جي ڪري، کيتي وڌي پنھنجي ڪرم ڪري. (چوڻي)
39. پٽ وڌيو سون وڌيو، ڌيءَ وڌي سُئڙي لڳي. (چوڻي)
پٽ جيئن وڏو ٿيندو آهي ته مائٽ خوش پيا ٿيندا آهن پر ڌيءَ وڌندي آهي ته کين ڄڻ ته سُئا پيا لڳندا آهن.
40. پٽ وڻي کٽيءَ وارو، ننهن وڻي لڌيءَ واري. (چوڻي)
41. پٽيندي ئي پيٽ کي، ويو ڄمارو ڄٽ،
هو جو مٿي کٽ، سو پڻ پٽي پيٽ کي. (چوڻي)
ڄٽ غريب، تنھنجي سڄي ڄمار (عمر) به پيٽ کي پٽيندي ئي وڃي ٿي پر جو کٽ مٿان چڙهيو بالم ٿيو ويٺو آهي سو به پيو پيٽ کي پٽي.
42. پٺي مار، پيٽ نه مار. (چوڻي)
43. پٺيون لوڌ ڪتن جي، نامرد نڙيءَ ڊگهو! (چوڻي)
44. پڇاڙيءَ جي پُٽ کان، اڳياڙيءَ جي ڌيءَ چڱي. (چوڻي)
45. پڇاڙيءَ جي ناڪار کان، اڳياڙيءَ جي ناڪار سٺي. (چوڻي)
46. پڇڻا، نه منجهڻا. (چوڻي)
47. پراڻو کوهه وهي ته لک لهي، نئون کوهه وهي ته ڊهي پوي. (چوڻي)
48. پراڻي ڳوٿري، بربلا ٽڪا. (ورجيس)
بربلا ٽڪا: حرامي ناڻو ۲. پراڻي ڳوٿريءَ ۾ اهڙا ڳرا ٽڪا (ناڻا) پوندا ته ضرور ڦاٽندي.
49. پرائو مال، بدهه شاهي. (چوڻي)
50. پرائي آس، ڪني جي لاس. (چوڻي)
آس: آشا. لاس: رس. هئن به چون؛ ڦٺ تنھنجي جيئڻ کي، جو رکي پرائي آس.
51. پرائي آس، نت اَپراس. (چوڻي)
52. پرائي امانت، ڌرتي به نه ڊوهي. (چوڻي)
53. پرائي بودون، ڪاٺ ڪپهه کان ڪوُنئرو. (پھاڪو)
پراون بودن (اُٺن) تي ڪاٺ به ڪپاهه جھڙو ڪُونئرو ڪري ليکبو آهي.
54. پرائي ٻڪريءَ کي گاه ڏيڻ، ڦولهڙين سان پنھنجو گهر ڀرڻ. (پھاڪو)
55. پرائي پٿر، پِٽي سڀ ڪا پنھنجو. (پھاڪو)
ڪو گذر ڪري ويندو آهي ته مِٽ مائٽ، اوري پاڙي وارا اُنھيءَ گهر سان اعزا پرسي ڪرڻ ايندا آهن ۽ رئڻ پٽڻ شروع ٿيندو آهي. ڪي زالون ”پار“ ڪڍي رئنديون آهن. انھيءَ کي زالون ”پار“ ڪري چونديون آهن. حقيقت ڪري انھيءَ وقت سڀني کي پنھنجا گذر ڪري ويل عزيز ياد پوندا آهن ۽ اِنھيءَ ڪري به رئڻ شروع ڪندا آهن. انهيءَ ڪري پهاڪي وارو مٿئين نموني ٿو چوي ته سڀڪو پنھنجن مائٽن کي ٿو روئي. ۲. هيئن به چون؛ پٿر پرائو، پار پنھنجا.
56. پرائي پٽ کي چمئي، گِگ ڀرجي وات. (چوڻي)
پنھنجي پٽ کي چمڻ سان سواد ايندو ۽ نه پرائي پٽ کي چمڻ سان.
57. پرائي پٽڻي رن، کوهيا ٻه ڪن. (پھاڪو)
58. پرائي پلاهه کان، پنھنجي پڇَ به چڱي. (چوڻي)
پڇ: پيڄي، ڀت.
59. پرائي دهلين، اَحمق نچي. (پھاڪو)
احمق: بيوقوف.
60. پرائي ڌيءَ تان، کارڪ به چڱي. (چوڻي)
هڪڙو ماڻهو پاڙيسريءَ جي ڌيءَ جي شاديءَ تي ويو. اتان رڳو کيس هڪ کارڪ ملي. گهر ۾ خوش ٿي اچي مٿئين نموني ٻڌايائين. ڪي کارڪ بدران ”ڌڪو“ چون يعني مفت جو ”ڌڪو“ به چڱو. ڪي چرچي مان ائين به چون ته؛ ’مفت جو مٿي جو سور به چڱو.‘ مفت ۾ ڪھڙي ڳالهه به ٺيڪ آهي.
61. پرائي ماڙي ڏسي، پنھنجو ڀونگو نه ڊاهجي. (پھاڪو)
62. پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي. (ورجيس)
63. پرائي مت؛ پرڻ ۾ پاڻي. (چوڻي)
64. پرايون اکيون، ڪم نه اينديون. (پھاڪو)
65. پر پنھنجو نه ٿئي، توڙي ڦوڪي ڏجي گهر. (چوڻي)
66. پرديس جا ٻيڻا به ٻَنُ. (چوڻي)
67. پرڻ چوي ڏُونگهي کي؛ هل ڙي ٽه-ٽونگا. (ورجيس)
پرڻ کي انيڪ ٽنگ هوندا آهن ۽ ڏُونگهيءَ کي رڳو ٽي ٽنگ ۽ پرڻ جيڪڏهن پنھنجا ٽنگ (عيب) نه ڏسي ٻين (ڏونگهي) مان عيب ڪڍي ته عجب کائڻ جي ڳالهه آهي.
68. پرڻي پڄاڻا، پڙهڻ ڏکيو. (چوڻي)
69. پريا مڙس تئي چٽيندين؟ چي؛ ٻيو ڪھڙو ڪم اٿم! (پھاڪو)
هي هڪڙو چرچو آهي جو ڪنھن غريب کي چئجي ته ابا تئي چٽيندين ته ضرور اِهو ئي جواب ملندو ته ٻيو ڪھڙو ڪم اٿم!
70. پريت پراڻي نه ٿئي، جي ڳنڍيندڙ هوءِ. (چوڻي)
71. پريو مڙس پئي نه ڪجي وڃائجي نه وهي،
ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا ماريو پوندو ڊهي. (چوڻي)
پئي: مڙس.
72. پَڙو هلي، پڙو چلي، مجال نه آهي پتلونَ کي جو پَڙي اڳيان ڪُڇي. (چوڻي)
73. پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري،
ننڍي هوندي جو نه سکيو وڏي هوندي خواري. (چوڻي)
مٿيان چار ڪم، ننڍي هوندي سکڻ تمام سولا آهن. ننڍي هوندي جا سکيل ڪم، وڏي هوندي ڪتب ايندا ۽ ايترو جلد وسرندا ڪو نه.
74. پڙهي پارسي، وڪڻي تيل؛ ڏسو هي قسمت جو کيل! (پھاڪو)
75. پڙهي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کٿابي. (پھاڪو)
کٿابي: شاگرد، ڪتاب جو سبق وٺندڙ.
76. پڙهي سڀڪو، پر ڪو ڪڙهي. (چوڻي)
77. پسڻ واري جندڙي، هسڻ وارو لوڪ. (چوڻي)
78. پڪل ماني ڇڏجي، پر سنگ نه ڇڏجي. (چوڻي)
79. پڪي گهڙي، ڪَنا ڪو نه پون. (پھاڪو)
80. پڪيءَ ٻير ۾، سڀڪو ڀتر هڻندو. (پھاڪو)
81. پکي ته آڙي، چانور ته لاڙي. (چوڻي)
آڙي پاڻيءَ جو پکي آھي ۽ کائڻ ۾ ٻين آبي پکين کان سٺو ۽ سوادي آھي. لاڙ جو چانور، گھوگھاري جي سڳداسي چانورن وانگر کائڻ ۾ سٺو ۽ سوادي آھي.
82. پڳ پائجي ٿي عزت لاءِ، نه مٿي ڍڪڻ لاءِ! (چوڻي)
83. پڳ جو پيچ؛ جيڏاهن وراءِ تيڏانهن وري. (پھاڪو)
84. پڳ کان، بتانو وڏو. (پھاڪو)
بتانو: پڳڙيءَ جي اندران پوندڙ ڪپڙو.
85. پلا ڇڏي ڪو پاپي، کٽل کڳا کائي. (پھاڪو)
سٺي سوادي شيءِ ڇڏي، سادي شيءِ ڪير کائيندو!
86. پلاهه جھڙي پدمڻي، جي هڪي حاضر هوءِ،
بوسي وجهجي پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ. (چوڻي)
هٻڇين لاءِ اشارو. ھيٺئين ڪھاوت وانگر به چون.
87. پلاهه رحمت الله عليہ، جي هڪيو حاضر هوءِ،
ريڙهي هڻجي پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ. (چوڻي)
88. پلو، سيري کان به ڀلو، سيري ۾ نه ساءُ، پلو گوڏا کوڙي کاءُ. (چوڻي)
89. پنج پنجوءَ جا، کٽا ئي پيا آهن. (پھاڪو)
پنجو: ماڻھوءَ جو نالو. ۲. مطلب ته پنجوءَ کي هميشه کوٽ لڳي پيئي آهي.
90. پنج ئي آڱريون، برابر نه آهن. (پھاڪو)
91. پنڌ ڪندي، پنڌ ڇڄي، قرض ڏني، قرض ڇٽي. (چوڻي)
92. پنڌ کان، ڪتي جي وات ۾ چڱو. (چوڻي)
ٿڪل ماڻهو، پنڌ ڪرڻ کان ڪتي جھڙو وهٽ به پسند ڪندو.
93. پنندڙن، وڏا ڀاڱا. (چوڻي)
پنندڙن کي، پاڻ وڏو حصو ملي.
94. پنڻ وچان، پڙهڻ ياد نه آهي. (چوڻي)
جيڪو پنڻ (رلڻ) تي هوندو، سو ڪيئن علم پڙهندو؟
95. پنڻ ۽ پوڙهي مان، ڪنھن نه ٻڌا پَلَ،
مانجهي اُهي مَلَ، هڙ جنهن جي هٿ ۾. (چوڻي)
96. پنھنجن سان وير، پراون سان ميڙ. (چوڻي)
97. پنھنجو جهڳڙو، پاڻ نبيرجي. (چوڻي)
98. پنھنجو ديڳڙو، پنھنجي چلهه تي سٺو رڌجي. (پھاڪو)
99. پنھنجو ڪري ڪَڇَ ۾، ٻئي جو ڪري هٿ ۾! (ورجيس)
100. پنھنجو ڪيو، پنھنجي آڏو اَچي. (چوڻي)
101. پنھنجو گهر، داتا جو در. (چوڻي)
102. پنھنجو گهر، ڪن سان ڪري ڀر، پرائو گهر، ٿڪ اڇلي ڏر. (چوڻي)
103. پنھنجو لک به سهي، ٻئي جو ڪک به نه سهي. (ورجيس)
انسان جو سڀاءُ آهي جو پنھنجي هٿان آيل مصيبتون ڪيتريون به سهي ويندو پر ٻئي جي مٿان آيل ٿوري تڪليف کي به سهارڻ ڪو نه ڪندو.
104. پنھنجو منھن، پنھنجو موچڙو. (ورجيس)
105. پنھنجو منهن، پنهنجي هٿ سان ڌوئجي. (پھاڪو)
106. پنھنجي پيٽ ڦاٽي کي، ڪير اڳڙيون وجهندو؟ (پھاڪو)
107. پنھنجي پير تي، پاڻ ڪھاڙو هڻڻ. (ورجيس)
ڪڌا ڪم ڪرڻ، پنھنجي پير تي پاڻيهي ڪھاڙو هڻڻ مثل آهن.
108. پنھنجي ڌنئري کي، ڪير کٽو چوندو؟ (پھاڪو)
109. پنھنجي ڏر تي، گدڙ به شينھن. (پھاڪو)
110. پنھنجي، سنھنجي. (چوڻي)
111. پنھنجي ڪکين، ڪو ئي نه لکي. (چوڻي)
پنھنجي گهر ۾ ڪنھن جي ڪاڻ ۽ غرض نه ٿي رهي. پنھنجو کائجي، گوبند ڳائجي. ۲. پنھنجو کائي، ايشور جو ڀڄن ڪرڻ سٺو آهي.
112. پنھنجي ڪَئي جو؛ نڪو ويڄ، نڪو طبيب. (چوڻي)
113. پنھنجي گتيءَ، پئه گڏهه کي پيري. (پھاڪو)
هن ريت به چون، ڀيٽيو؛ ”وقت ڪري واڪا، ته گهوڙو گڏهه کي چوي؛ ڪاڪا.“
114. پنھنجي گهر جھڙي ڪا ٻي بادشاهي؟ (چوڻي)
هيئن به چون: پنھنجو گهر، داتا جو در. ۲. پنھنجو گهر ڪِن سان ڪري ڀر، پرائو گهر، ٿڪ اڇلي ڏر.
115. پنھنجي گهر ۾، ٻلي به شينھن. (پھاڪو)
هيئن به چون؛ پنھنجي ڏر تي، گدڙ به شينھن.
116. پنھنجي گهوڙي جا پنڌ، پنھنجي گابي جا ڏند؛ سڀني کي ياد رهن. (چوڻي)
117. پنھنجي لاهي جنھن هٿ ۾ ڪئي، تنھن کي ٻئي جي لاهڻ ۾ ڪھڙو ڊپ رهندو. (پھاڪو)
118. پنهنجي هٿ کان سواءِ ٻي طاقت ڪانهي، برسات کان سواءِ ٻيو پاڻي ڪونهي. (چوڻي)
119. پنھنجي وڍيءَ جو؛ نڪو ويڄ، نه طبيب: (پھاڪو)
پنھنجي ڪيل ڀل لاءِ ڪنھن وٽ وڃبو؟ ۲. هيئن به چوَن؛ هٿ جي ڦٽي؛ نڪو دارون، نڪو پٽي.
120. پنئين مڱئين گهر هلي، ته کِهُه اُڌاري واٽ. (چوڻي)
پنڻ مڱڻ سان گهر هلي ته اڌارو وٺڻ به وڃي کهه پوي! ۲. هيئن به چون: پنئي پوري نه پوي، پن جا در سائين به نه ڍھي (ڍئي)، پنڻا پندا ئي رهي.
121. پني، پني منگل ڄائو، تنھن ۾ به اڌ پرائو. (پھاڪو)
گهڻي تڪليف کان پوءِ ڪجهه ملي ته عجب تڏهن لڳي جڏهن ڏسجي ته انهيءَ ۾ به اڌ حصو ٻئي ڪنھن جو آهي.
122. پوهه؛ هٿن کوههُ. (چوڻي)
123. پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لٽائي. (چوڻي)
پوءِ ڍايل کان ڪڏهن به قرض نه کڻجي، کڻي هو لک به لٽائيندڙ هجي.
124. پهرين به اَن، پوءِ به ٿيو اَن، ڪانو ۽ پن، وچان ئي ويو نڪري. (چوڻي)
حقيقت اِها آهي ته پهرين اَن آهي پوءِ به وڃي اَن ٿئي، وچ ۾ ڪانو ۽ پن رڳو ٿوري وقت لاءِ کيل آهي.
125. پھرين پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ. (چوڻي)
126. پھرين خويش، پوءِ درويش. (چوڻي)
خويش: خود، پاڻ. وڌيڪ مٿين چوڻي ڏسو.
127. پھرين ڌيءَ؛ پٽ برابر. (چوڻي)
128. پهريون پهر هر ڪو جاڳي، ٻيو پهر ڀوڳي،
ٽيون پهر چور، چوٿون پهر جوڳي. (چوڻي)
پهر: ٽن ڪلاڪن جي مدي کان پوءِ پهر چيو ويندو آهي.
129. پھريون ملهه؛ خستوري. (چوڻي)
ڪنھن به شيءِ جو اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته پھريون اگهه، سٺو هوندو آهي.
130. پهڻ ڪنئرا هئا، ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا. (پھاڪو)
131. پهير چور ٿئي، ته واهي ڪيترو وهي. (پھاڪو)
پهير: لوڙهو، ٻنيءَ جي بچاءَ لاءِ. ۲. دربان چور ٿئي، سنڀال ڪيئن ٿيندي.
132. پَهيرُ هميشه، هيڻي هنڌان ڀڄي. (پھاڪو)
پهير: لوڙهو، ٻنيءَ کي بچاءَ لاءِ.
133. پئسو جتان وڃي، اُتان واٽ. (چوڻي)
134. پئسو نه آهي پاس، جيئڙو آهي اداس. (چوڻي)
135. پئسي بنا پرساد، هرو ڏئي نه هٿ ۾. (چوڻي)
136. پئسي پلو مهانگو، رپئي پلو سھانگو. (پھاڪو)
کپ کان سواءِ ڪھڙي به شيءِ مھانگي آهي. کپ سان ساڳي شيءِ سھانگي ليکي ويندي آهي.
137. پئنچا نال، ايڪا ڏسي. (چوڻي)
هيئن به چون؛ ۱. پئنچن ۾ پرميشور. ۲. جتي پئنچ، اتي پرميشور.
138. پئنچن ۾، پرميشور. (چوڻي)
139. پيٽ، بري بلا آهي. (چوڻي)
140. پيٽ ٻه ٻانهين؛ چنتا ناهين. (چوڻي)
جنھن ماڻھوءَ کي پيٽ ۽ ٻه ٻانهون سالم آهن، تنهن کي ڪهڙي چنتا آهي. چنتا تڏهن آهي جڏهن گهڻا پيٽ پالڻا پون ٿا.
141. پيٽ ڀَرِ، پٺي لَڏ. (چوڻي)
جانور جو پھرين پيٽ ڀرجي، پوءِ مٿانس بار وجهي کانئس پورهيو وٺجي. ۲. هيئن به چيو ويندو آهي؛ پٺي مار، پيٽ نه مار.
142. پيٽ ڀريو، ته منھن ڪارو سهي. (چوڻي)
عزت کان سواءِ ماڻھو چوندو؛ پيٽ ته ڀريو. پوءِ منھن ڪارو يعني آبرو وڃڻ جو خيال ڪو نه ڪن.
143. پيٽ، ڪتا به پيا پالين. (چوڻي)
144. پيٽ ۾ بک، اُرهَه ۾ آڪڙ! (ورجيس)
ارهه: ڇاتي. آڪڙ: ٽيڏائي، اڀماني، وڏائي.
145. پير ڀلي ترڪي، پر زبان نه ترڪي. (چوڻي)
146. پير ڌوئندڙ، پڪين تي پوندڙ. (چوڻي)
پڪين تي پوڻ؛ ٺھي ٺڪيءَ تي اچي ويهڻ.
147. پير عيسى، پير موسى، بڙا پير پيسا! (چوڻي)
148. پير کان، ويساهه وڏو. (چوڻي)
149. پير کي ڪم ٺڪاءُ سان. (چوڻي)
ڪنھن شخص سکا باسي هئي ته ڪم راس ٿيڻ تي اَچي ناريل ڀڃندو. جڏهن اِهو ڪم راس ٿيو ته پير وٽ اَچي ناريل بدران ڏوڏو ڀڳائين. تنھن تي ڪنھن اِهو ڏسي کانئس اِنھيءَ ڪرڻ جو سبب پڇيو. تنھن تي جواب ڏنائين ته پير جو ڪم آهي رڳو ٺڪاءُ ٻڌڻ، سندس لاءِ ڏوڏو يا ناريل ساڳي ڳالهه آهي.
150. پير کي، مريد مشهور ڪن. (چوڻي)
151. پير منھنجي پڄائج، ٻين جون گهارج گپ ۾. (پھاڪو)
خود مطلبي جي گهر ڪرڻ.
152. پيو پَـرُ، ويو گَهرُ. (چوڻي)
پَرُ: پرائو. ۲. پرائو ماڻھو گهر ۾ آيو ته گهر هٿن مان ويو. ۳. ننهن گهر ۾ پرڻجي ايندي آهي ته گهوٽ کي هٿ ڪندي آهي ته سَسون سورن مان ائين چونديون آهن.
153. پيءُ بئٺا کاوي، ته پُٽ بئٺا تڪي! (پھاڪو)
154. پيءُ پرڻيو نه سنڀران، ڏاڏو کڻان هنج،
پپر جي پاڙ مان، ٻيڙيون ڪڍان پنج! (گفتار)
اعتبار نه ڪرڻ جوڳيون ڳالهيون!
155. پيءُ جو ڀاڳ، پٽ کي نه ملي. (چوڻي)
156. پيءُ ڏهه پٽ پالي سگهندو، پر نه ڏهه پٽ هڪ پيءُ کي. (چوڻي)
157. پيءُ سندس پيهون ڪٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا،
اڳي پڇائون ٿي ذات نيات، هاڻي پڇن ٿا ناڻا! (چوڻي)
آڳاٽي زماني ۾، مٽيون مائٽيون ڪرڻ وقت مائٽ، نيات ۽ ذات وغيره پڇا ڪري پوءِ سڱ ڳنڍيندا هئا. پر هينئر پئسا ڏسي، پيهون يا ڌاڻن ڪٽيندڙن کي پنھنجون ڌيئرون پيا ڏين.
158. پيئيءَ ليئيءَ، ڌيءُ ڪم اَچي. (چوڻي)
بيماريءَ سيماريءَ ۾ ڌيءَ ڪم اچي ٿي. ٻيءَ طرح به پٽن کان وڌيڪ نياڻين جو مائٽن ڏي هڏ ڪرڪي ٿو.
***