لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ڀ )

( ڀ )
1. ڀاڙِ جو ترو، مور ٿو ٽِلي. (ورجيس)
2. ڀاڙي ۽ مسواڙ جو، قحط ڪو نه آهي. (چوڻي)
ڀاڙو ۽ مسواڙ، ڪڏهن به هڪ -يڪي ڪو نه آهي.
3. ڀاڳ ڀڄي، ڀاڳ ڏي. (چوڻي)
4. ڀاڳ ڏئي ڀيڙو، ته دال مان سيرو. (چوڻي)
5. ڀاڳ نه ڀرائي ته، پيٺو به نڪري وڃي. (چوڻي)
6. ڀاڳوءَ جُهڳلي واري وٽي! (ورجيس)
ڳالهه ٿا ڪن ته ڪجهه وقت اڳي، ڀاڳوءَ نالي هڪ شخص حيدرآباد ۾ رهندو هو، جيڪو پاڻ سان هميشهه وٽو کڻي گهمندو هو. جنھن جي اِها عادت هوندي هئي جو ڪٿي به شادي مرادي ٿيندي هئي ته بنا ڪنھن حجاب جي لنگهي ويندو هو. اُتي ورهائپ ڪرڻ وارا کانئس پڇندا هئا ته؛ ”ڀاڳو! ڪجهه پلاءُ وغيره کپيئي؟“ پهرين ته ڀاڳو ناڪار ڪندو هو، پر پوءِ کين چوندو هو ته؛ ”کڻي ٿورا گهڻا ڪڻا هن وٽيءَ ۾ وجهو.“ انھيءَ کان پوءِ مٿين چوڻي مشھور ٿي ويئي.
7. ڀاڻ ته کيتي، نه ته ڪوري ريتي. (چوڻي)
زمين جي پوک لاءِ، ڀاڻ وجهبو ته کيت ٿيندو نه ته جھڙي ڪوري ريتي.
8. ڀاڻ، سدا جوان. (چوڻي)
ڀاڻ وجهڻ سان، کيتي ٿيندي آهي، سا هميشه جوان آهي.
9. ڀاويءَ جا ڀڳڙا به چڱا. (پھاڪو)
ڪو سڪ مان ڀڳڙا کارائي ته اُهو وڌيڪ سٺو آهي، انھيءَ کان جو بنا سڪ جي مال مليدا کارائي.
10. ڀاءُ آهي ڀاءُ، پر جي ٿئي دشمن، ته ڪڍي ساهُه. (چوڻي)
11. ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گهر جي سونھن،
ويٺا ڪن ورونھن، ڏڄڻ ڏوران ئي ڏري. (چوڻي)
ورونهن: وندر. ڏڄڻ: دشمن.
12. ڀائر وڍيا به ويري نه چئجن. (چوڻي)
13. ڀائي کائي ڇهه آنا، گهوڙو کائي ٻارنهن آنا. (ورجيس)
14. ڀائيواريءَ جو ڀت به گهوريو. (چوڻي)
15. ڀت پرائو ڏسي، پيٽ پرائو نه ڪجي. (چوڻي)
16. ڀتر جو جواب؛ پٿر. (پھاڪو)
17. ڀتين تان ٿو ڀت اڇلائي! (ورجيسي جملو)
18. ڀتين کي به ڪَن آهن. (پھاڪو)
19. ڀڃ، ته چٽيان. (ورجيس)
هٿ-ڦاڙ يا وڏيون چٽيون وجھندڙ يا وڏو ٽوٽو/ نقصان وجھندڙ.
20. ڀڄ چريا، چي؛ مست آيا آهن. (پھاڪو)
21. ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڪندڙن جي پٺ ۾. (چوڻي)
22. ڀرئي اٺ تان وڃڻي لٿي، ته به اُٺ ٿيو هلڪو. (پھاڪو)
23. ڀرئي شھر مان، ڀاڳوءَ لڌا ڀڳڙا. (پھاڪو)
سڄو شھر ڀريل هو پر ڀاڳوءَ پنھنجي عقل سارو رڳو پنھنجي لاءِ ڀڳڙا ڳولهي لڌا.
24. ڀريا، ڀت تان ڪريا. (چوڻي)
25. ڀري ماري، ڀيرو نه ماري. (چوڻي)
26. ڀريءَ ٻير هيٺان ٿو بک مري! (ورجيس)
مورک ماڻهو، ٻيرن ڀريل وڻ هيٺان ويهي به بک مري.
27. ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾، ڪاڻو ڳورو. (پھاڪو)
28. ڀريءَ ڇنيءَ کان، ڀيري ڇنو چڱو. (پھاڪو)
ڳورو بار هڪڙي ئي وقت کڻي، پنھنجو بدن ڇني جهورڻ کان وڌيڪ بھتر آهي ته ٿورو ٿورو کڻي، گهڻا ڀيرا ڪجن. ھيئن به چون؛ ڀري ماري، ڀيرو نه ماري.
29. ڀڳڙن کاڌي، هٿ ڌوتا ئي پيا آهن. (پھاڪو)
ڀڳڙن کائڻ سان، هٿن ميري ٿيڻ جو ڪو سبب ڪونھي، جو کڻي هٿ ڌوئجن. سڌي سنواٽي ڪم ڪرڻ ۾ ڊپ ڪھڙو؟
30. ڀڳل ٻانهن جا ساهرا نه، نه ته پيڪا. (پھاڪو)
31. ڀڳو گهڙو، ڍؤن ڍؤن ڪري. (پھاڪو)
ڀڳل دلو کڙڪائبو آهي ته منجهانئس ’ڍؤن ڍؤن‘ جھڙو اڻ وڻندڙ آواز نڪرندو آهي. بيوقوف ۽ ڀڳل دلو، هڪ سمان سمجهڻ گهرجن. ٻنھي مان وڻندڙ ڳالهه ڪا نه ٿيڻي آهي.
32. ڀڳي بانٺ، اُڏاڻا ڳيرا. (ورجيس)
بانٺ: ليٽ، بيد جو وڻ. ۲. پکي وڻ تي اچي ويھن. وڻ ڀڄي پوي ته پکي به اڏامي وڃن.
33. ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي. (پھاڪو)
ڀڳي: ڀڳل. رتو: ڳاڙهو. ۲. جيستائين ڳاڙهو نئون ائٽ ٺهي راس ٿئي، تيسين ڀڳل سان ئي وقت نبيرڻ گهرجي.
34. ڀلان ڀليءَ جو، ڇيهه ئي ڪونهي. (پھاڪو)
ڀلائي ڪرڻ جو ڇيهه (انت) ڪونهي.
35. ڀلائي ڪر ڄٽ سان، ته ڄٽ ڦيري هڻئي پَٽَ سان. (چوڻي)
36. ڀل ۾ ٿيل ڪم جي، حرڪت ڪانهي. (چوڻي)
37. ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان ڀلا! (چوڻي)
سٺن ماڻھن جو اولاد، ڪڏهن سٺو ڪو نه نڪري، خراب ماڻھن جو اولاد ورلي سٺو نڪري.
38. ڀلو به ڏهجي، ته ڍلو به ڏهجي. (پھاڪو)
39. ڀلو پير، ڪي ڀلو ويساهه؟ (پھاڪو)
وڏي ڳالهه مدار رکي ٿي ويسهه تي. پوءِ پير کڻي ڪهڙو به هجي.
40. ڀلئي کي، ڀولو ڪونهي. (چوڻي)
ڀولو ڪونھي: حرڪت ڪانهي. ڊپ ڪونهي. ۲. ڪنھن ڀل مان ڪو ڪم ڪيو آهي ته خيال ڪونھي.
41. ڀلئي واڻيي، گيهه ڳڙ کاڌو.
42. ڀلي آيو، گانءِ جو ڄايو، جنھن سارو جڳ نپايو. (گفتار)
43. ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان. (چوڻي)
44. ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلي. (پھاڪو)
ڀليل جانور ڀاڻ (وٿاڻ) ۾ اَچي ته کيس ڀليل نه سمجهڻ گهرجي.
45. ڀلي تان، ڀلي پيئي آهي. (پھاڪو)
ڀلن (هوشيارن) کان وڌيڪ ڀلا پيا آهن. ڀلي ھجڻ جو ڪو به انت ڪونهي.
46. ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇُٽيون. (پھاڪو)
47. ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون. (پھاڪو)
48. ڀنگڙي سلطان، هيري موتيان دي کاڻ،
نه جيوڻ ڪا آسرا، نه مرڻ دي ڪاڻ. (پھاڪو)
ڀنگڙي؛ ڀنگ پيئندڙ.
49. ڀنگي ڀائر ٻه ڄڻا، صوفي ست هزار،
ماري متهرن سان ڌڙ ڪيائون ڌار،
پيئي لوڪ پچار، ته پِڙُ ڀنگين کٽيو. (چوڻي)
ڀنگي: ڀنگ پيئندڙ نشئي. صوفي: نشو نه واپرائيندڙ. متهرن: مترڪا لوهه جا. ۲. نشئين ۽ صوفين جي وچ ۾ خيالي لڙائي. ست هزار صوفين کان، ٻه نشئي به کٽيو وڃن!
50. ڀولڙي کي به پنھنجي زال پياري آهي. (چوڻي)
51. ڀيڻ نه ڪجي ڏيراني، ٿي پوندي ويراني. (چوڻي)
***