( هه )
1. هاٿي جتي ترندو، اُتي پڇ به ترندو. (پھاڪو)
2. هاٿي ڏٻرو، ته به سوا لک لهي. (پھاڪو)
3. هاٿي گهوڙا ڀڄي ويا، هاڻي گڏهه ٿا گاهه گهرن! (گفتار)
4. هاٿيءَ جا ڏند؛ کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا. (پھاڪو)
5. هاٿيءَ جو بار، هاٿي کڻندو. (پھاڪو)
6. هاٿيءَ جو ڪن، پپر جو پن، انسان جو من، ڪڏهن ٿو لڏي، تنھنجي خبر ڪانهي. (چوڻي)
7. ها جو ملهه؛ سوَ، نھ جو ملهه؛ لک. (پھاڪو)
8. هارئي کان، پيتو ڀلو. (پھاڪو)
9. هارئي کير لاءِ، ڪيترو روئبو؟ (پھاڪو)
10. هاسي، ڪرهن جي ماسي. (چوڻي)
هاسي: ٺٺولي. ڪرهن: جهيڙو.
11. هاڻوڪا جوان، ڪاتيءَ جا مياڻ،
ڌڪو ڏين ٻين کي، ڪري پون پاڻ. (گفتار)
12. هٿان پيئي نانڪا، در در ڌڪا کاءِ. (پھاڪو)
پنھنجي هٿ مان ٿيل ڪم واسطي در در ڌڪا کائڻا آهن.
13. هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي لنگهندا. (پھاڪو)
14. هٿ جو گٿل، هٿ نه اَچي. (پھاڪو)
پنھنجي هٿ مان گسي ويل ڳالهه، مشڪل هٿ ايندي آهي.
15. هٿ جي پٺ، ناڻي جي مُٺ. (پھاڪو)
16. هٿ جي ڦٽي؛ نڪو دارون، نڪو پٽي. (پھاڪو)
17. هٿ جي ڪنگڻ کي، آرسيءَ جو ڪھڙو کپ آهي؟ (پھاڪو)
18. هٿ ڇڏي، به ڪو ارڪ چٽي؟ (پھاڪو)
ارڪ: هٿ جي پٺ.
19. هٿ ۾ روٽي، مٿي تي سونٽي! (ورجيس)
20. هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (ورجيس)
21. هٿن جا ليڪا، ڪو نه ڊهن. (پھاڪو)
22. هٿن سان هاجون ڪري، پيرن سان کڏون کوٽي. (ورجيس)
23. هٿ وڪڻجن، پر ذات نه وڪڻجي. (پھاڪو)
24. هٽ کٽائي، حلوا نه کائجن/ حلوو نه کائجي. (پھاڪو)
25. هٺ سھائيندو کائجي، لوڪ سھائيندو پھرجي. (چوڻي)
پنھنجي هٺ (شانَ، پرماڻ) سھائيندو کاڌو کائجي، پر جيئن عام کي پسند اچي تيئن ڪپڙو پائجي.
26. هڏ بنا سڏ، ڪير ڏئي؟ (چوڻي)
27. هڏ ڏي تاءِ، ته سٽ ڪتين ٽي پاءَ. (گفتار)
28. هر ٻول، وچ ۾ ڦول. (ورجيس)
هر: هريءَ جو نالو.
29. هر ڪو روئي آپ ڪو؛ نه مائي ڪو، نه باپ ڪو. (چوڻي)
30. هرندڙ نه هير متان هرن، هريل نه ڦير متان وڙهن. (چوڻي)
31. هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي. (پھاڪو)
32. هر هالا، منهن ڪالا. (گفتار)
33. هر هر هورائي، وڃڻ در دوستن جي. (چوڻي)
هر هر: گهڙيءَ. هورائي: هلڪائي.
34. هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو. (ورجيس)
هڙ: (کيسو) گاسو: گسي، نقصان.
35. هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي. (ورجيس)
36. هڙ ۾ تماڪ، ته جهنگ مڙيو ئي دائريو. (پھاڪو)
دائريو: اوتارو.
37. هڙ ۾ هريڙون، گوڏ ۾ پتاشا. (ورجيس)
38. هزار ورهيه جهنگل، هزار ورهيه ننگر. (چوڻي)
39. هسڻو جوڳي، پڏڻي نار، گد ڪھي، هي ٻئي مار. (چوڻي)
گد، هڪ ڪوي ٿي گذريو آهي. هيءَ تنھنجي چوڻي آهي. جوڳي جيڪو کلندڙ هجي ۽ استري پڏ پڏ ڪري نچندڙ هجي، تنھن کي مار ڏيڻ گهرجي.
40. هڪ تئي جون روٽيون؛ ڪي ڇوٽيون، ڪي موٽيون. (پھاڪو)
41. هڪ-ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي، ته ٻي ٽنگ کڻي لڪائجي. (پھاڪو)
42. هڪ چُپُ، هزار چَپَ. (پھاڪو)
43. هڪ روٽي ڏينس ته هڪ ڏينھن کائي،
سو سيکارينس ته جان جيئي تان پائي. (گفتار)
44. هڪڙا ڏک، ٻيون ڏونگريون. (ورجيس)
ڏونگريون: جبل، پهاڙ.
45. هڪڙو آنو، سو به ڪنو! (ورجيس)
هڪڙو پٽ سِڪي سڪي ڄائو، سو به ناخلف پيدا ٿيو.
46. هڪڙو ٻل ٻانهن جو، ٻي جا چڱي نار،
ٽيان مڌر ساهرا، چوٿين لعل ڪنوار. (پھاڪو)
47. هڪڙو پنڻ، ٻيو مهائڻ. (ورجيس)
مهائڻ: ٺڳڻ.
48. هڪڙو چڻو؛ نه مٽ ڀري، نه بٺ ڀري. (پھاڪو)
49. هڪڙو چوي، ٻيو مڃي؛ تنھنجو پورهيو، ڌڻي به نه ڀڃي. (پھاڪو)
50. هڪڙو سيد، ٻيو سپاهي؛ تنهن کان رکج يا اِلاهي. (پھاڪو)
51. هڪڙو کٽي سَوَ کائين، سوَ کٽن هڪڙو به نه کائي. (پھاڪو)
52. هڪڙو؛ نه روئندو سونهين، نه پٽيندو سونهين. (پھاڪو)
53. هڪڙي اَڻ هوند، ٻيو افعال بڇڙا. (ورجيس)
54. هڪڙي ٻانهي، ٻيو ٻرو. (پھاڪو)
ٻرو: ڪم ڪرڻ لاءِ تپ چڙهڻ.
55. هڪڙي ٻيلي ۾، ٻه شينهن نه ماپن. (پھاڪو)
56. هڪڙي پِنَ، ٻي پَچَرَ. (پھاڪو)
57. هڪڙي جا سمهي مٿي، ٻي جا پوي ٽير، ته نه چڙهندو به چڙهي! (پھاڪو)
ٽير: ماڪ. ۲. يعني؛ هڪڙو وڃي سمهي مٿي چوٽ تي، ٻي جا پيئي ماڪ سو نه اَچڻ وارو تپ به ضرور چڙهي ايندو.
58. هڪڙي چوري، ٻي سينا زوري. (پھاڪو)
59. هڪڙي ديڳڙي ۾ ٻه هٿ، سو ڪنھن جي نه هٿ. (پھاڪو)
60. هڪڙي ڪاٺي؛ ٻري ڪھڙو سوجهرو ڪندي؟ (پھاڪو)
61. هڪڙي ڪپڙي کير ڀري، ٻي به ڏيندو اَللهه. (پھاڪو)
62. هڪڙي ڪن کان ٻڌو، ٻئي ڪن کان ويو! (پھاڪو)
63. هڪڙي کي چئي؛ پيءُ مئو، ٻئي کي چئي؛ ماءُ مئي. (ورجيس)
64. هڪڙي لٽي، سھسين پٽي. (چوڻي)
سھسين: سوين. ۲. هڪ در بند ٿئي ته سوين ٻيا در کلن.
65. هڪڙي واءَ کان گهڻا ڪڪر، هڪڙي شينھن کان گهڻا مرون، هڪڙي مور کان گهڻا سپ، هڪڙي سيڱ کان گهڻا ڪانوَ ڀڄن. (پھاڪو)
66. هڪڙيءَ کپ ۾، ٻه تراريون نه ماپن. (پھاڪو)
67. هڪ سڃ، ٻي سيٽ، ٽين حلوي سان ماني! (ورجيس)
68. هڪ سِرَ لاءِ، مسجد ڪيئن ڊاهبي؟ (پھاڪو)
هڪ ماس جي ٽڪر لاءِ سڄي مسجد ڪيئن ڊاهي پٽ ڪبي؟
69. هڪ شينهن جو شڪار، سوَ لومڙيون کائن. (پھاڪو)
70. هڪ مڻ علم کي، ڏهه مڻ عقل گهرجي. (پھاڪو)
71. هڪ نور آهي آدمي، هزار نور آهي ڪپڙو. (پھاڪو)
72. هڪ وات کنڊ سان به ڀري سگهجي، پر سوَ وات لوڻ سان به ڪو نه ڀرجي سگهن. (پھاڪو)
73. هڪ وڻي ڪو نه، ٻيو جتيءَ سوڌو جهوليءَ ۾! (ورجيس)
ڪو انسان وڻندو ڪونهي ته به جتي سوڌو جهول ۾ اَچي پوندو آهي.
74. هڪ هٿ سان پکيڙجي، ٻن هٿن سان ميڙجي. (پھاڪو)
75. هڱ سھانگي، ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي؟ (پھاڪو)
76. هڱ وڃي، پر هڱ جي بانس نه وڃي. (پھاڪو)
77. هِلَ جي آکيري ۾، ماس ڪٿان آيو؟ (پھاڪو)
پکيءَ جي آکيري ۾ ماس ڪٿان ايندو؟
78. هلڻ چلڻ ڪنھن کي ڪو نه ماري، رڳو وهڻ. (چوڻي)
79. همٿ چوي؛ جيڪو مون کي وڌائي، تنھن کي مان وڌايان. (چوڻي)
80. همٿ مردان، مدد خدا. (چوڻي)
81. هنج نه ميرو وت، جاسين جيئن ڏينهڙا،
جيءَ نه جنجل گهت، سر تان سر ڪيترا. (پھاڪو)
82. هنجن سان حرص ڪري اُڏاڻي چڙي،
چڻو هوس چھنب ۾، سو به پيس ڪِري. (پھاڪو)
هنج: هنس پکي. حرص: شوق. چڙي: جهرڪي. ۲. هڪ جهرڪي هنس پکي وانگر شوق رکي، مٿي اُڏامڻ لڳي، پر قدرت سان چھنب ۾ جيڪو چڻو پيو هوس، سو به پٽ ۾ ڪري پيو. ٻين سان ريس ڪرڻ جو اَهڙو نتيجو نڪرندو آهي.
83. هندو گانءِ، مسلمان سوئر. (پھاڪو)
84. هنڌ ڏسي، هاسي ڪجي. (پھاڪو)
هاسي: کل، مسخري.
85. هنڊي اُڀامندي، ته پنھنجا ڪنا ساڙيندي. (پھاڪو)
86. هنر نر آهي، بي هنر کر آهي. (چوڻي)
87. هنر واري جو هنر، بي هنر واري جي جند. (چوڻي)
88. هنئڙا، گهر ته گهرانءِ. (چوڻي)
تون مون کي پيار ڪر ته مان به موٽ ۾ تو کي پيار ڪريان.
89. هڻ ڌيءَ کي، ته سِکي ننهن. (پھاڪو)
90. هڻن ڪين حمير، کائن پاٽ پلاهه جي. (ورجيس)
حمير: بھادر. ۲. بھادر ڪم ڪو نه ڪن پر عمدي کاڌي جي پاتل اڳيان اچي ته کائي وڃن.
91. هو ساڻ نه نيندا، ھيءَ ڏاند چڙهندي. (ورجيس)
ڪنھن جو ساٿ به نه وڻي ته اڳلو لاڏ ڪري چوي؛ مان ته پنڌ ڪا نه هلندس!
92. هو سوڙ پاند به نه ڏين، ھيءَ وچ ۾ سمھندي. (ورجيس)
93. هوند تي، هونگر ڏجي. (ورجيس)
جيڪي هڙ ۾ هجي، اوڏو آواز ڪجي.
94. هيانءَ تتي کان، کڙي تتي چڱي. (چوڻي)
هيانءُ: من، جگر. ھڪ ھنڌ رھي پنھنجي من کي تپائڻ کان، اتان ڀڄي پنھنجي کڙي تپائجي ته بھتر آ.
95. هير، ڇني پير. (چوڻي)
96. هيريءَ سندي هير، ٽنگ ڀڳي به نه لهي. (چوڻي)
97. هيڻا، هر ڪنھن وهيڻا. (چوڻي)
98. هيڻي کي نه ھڻي، سو هٿن ۾ لهي. (پھاڪو)
***