( ق )
1. قاضي ڄاڻي، قيامت ڄاڻي. (پھاڪو)
2. قاضي، رشوت تي راضي. (چوڻي)
3. قبر ۾ ٺھيئي ڪين، ختمن آڻي ڊوڙ رکي آهي. (ورجيس)
ختما؛ جيڪي مئلن جي يادگيريءَ ۾ کارائبا آهن.
4. قدرت جي چٺي، ڪنھن نه پڙهي ڏٺي. (پھاڪو)
5. قرض؛ ڪوڙهه جو ٽڪو آهي. (پھاڪو)
6. قرض کڻي، ڪنگڻ نه پائجن. (پھاڪو)
هيئن به چون: هَٽ کٽائي، حلوا نه کائجن.
7. قرض؛ وڏو مرض. (چوڻي)
يا هيئن به چون: قرض؛ ڪوڙڍهه جو ٽڪو.
8. قضا، پڇي ڪا نه اچي. (چوڻي)
9. قلندر پٺيان، گهڻيئي ڪتا پيا ڀونڪن. (پھاڪو)
10. قهر درويش، بر جان درويش. (پھاڪو)
***