لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

(ع )

(ع )
1. عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،
اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ. (چوڻي)
2. عشق؛ انڌو آهي. (چوڻي)
هڪ وار ڪير پيار ۾ ڦاٿو ته انڌو ٿي وڃي. سندس اکيون پورجيو وڃن. کيس چڱائي ۽ مدائيءَ جي خبر ڪا نه پوي.
3. عشق؛ نه ڏسي ذات، نه ڪُذات. (چوڻي)
ڪذات: ڪني ذات.
4. عشق نه شُد، چٽي شد. (گفتار)
عشق (پيار) خراب ڪونهي، پر پيار جي جيڪا چٽي يعني سزا سا خراب آهي.
5. عشق ۽ کسٿوري، لڪڻ جا ڪونھن. (چوڻي)
6. عقل آهيرن جو، ڌريون ئي ويو؛ مڱائن هڪڙو، پرڻائن ٻيو. (چوڻي)
آهيرن: جهنگلي ڄٽ. ڌريون: ڌر کان، منڍ کان.
7. عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان. (چوڻي)
8. عقل ٺهي ڪو نه، ڇڪي ڪري ڪياڙي رکائي آهي. (ورجيس)
9. عقل ريءَ عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي. (چوڻي)
اي جند! بنا عقل جي گهڻيون ئي تڪليفون ڏسندينءَ.
10. عقل، ڪنهن جي ميراث ڪانهي. (چوڻي)
11. عقل، کائي غم. (چوڻي)
12. علت وڃي، عادت نه وڃي. (چوڻي)
13. عمر جي آشنائي، سَوَ ورهه جي ساڃاهه. (چوڻي)
آشنائي: دوستي، واقفيت.
14. عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ته ڪين ٿيلهيندو. (پھاڪو)
15. عيد کان پوءِ، چنڊ مبارڪ ڪهڙي ڪم؟ (پھاڪو)
16. عيسى نه موسى، وڏا پير پئسا. (چوڻي)
***