لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( جهه )

( جهه )
1. جھجھي هوند، جھجو فڪر. (چوڻي)
جھجھو/جھجي؛ گھڻو/گھڻي، گھڻائي. هوند: شاهوڪاري. فڪر: ڳڻتي.
2. جهل ٻُٽي، آئي کُٽي. (گفتار)
ٻُٽي: سکڻي، جنھن کي ڪجهه به نه هجي. ۲. او سکڻي! کٽي يعني مصيبت آئي اٿيئي. هڪڙي اڳيئي سکڻي، وري مٿان آئي اٿس مصيبت!
3. جهنگ، پنھنجا رنگ. (چوڻي)
4. جهنگ ۾ مينهون، ڪِلن تي وڇون، چي؛ ڌايون ڙي ڌايون. (ورجيس)
وَڇون: وَڇڙا، گابا.
5. جهوري جهنگ جي، مينھن مکڻ جي. (ورجيس)
جهوري؛ گاهه.
6. جهونا ڪپڙا، ٻڍا ڍور؛ تسڪا ناڻا، لي گيا چور. (پھاڪو)
جهونا ڪپڙا، ٻڍا ڍور، خريد ڪرڻ آهي، جھڙو چورن کي پئسا ڏيڻ.
7. جهونو ٿيو جھاز، سٽ نه جهلي سڙهه جي. (پھاڪو)
8. جهيڙاڪر کي، چار ڪن. (چوڻي)
جهيڙاڪر: جهيڙاکور.
9. جهيڙو؛ کُهِه پيو جهيڙو، جي جهيڙو ته گلي جو هار جهيڙو. (چوڻي)
کهه: کڏ ۾. ۲. جهيڙو ڪرڻ خراب آهي ۽ کڏ ۾ وڃي پوي پر جيڪڏهن لاچار جهيڙو (مقابلو يا بحث) ڪرڻو پوي ته گلي ۾ هار ڪري سمجهجي ۽ مڙس ٿي مقابو ڪجي.
10. جهيڙي ۾ لڏون ڪو نه ورهائبا، جو ماڻھو کائي به ايندا ۽ کڻي به ايندا. (چوڻي)
***