لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ڪ )

( ڪ )
1. ڪاتي ٿي سوني، ته ڪنڌ ڪين ڪپبو ڇا؟ (پھاڪو)
ڪاتي کڻي سوني ٿي پر ڪنڌ تي وھڻ کان پوءِ ڪنڌ ته ضرور ڪپي سگهي ٿي.
2. ڪاتي ڪري گدري تي، ته به گدري جوکو،
گدرو ڪري ڪاتيءَ تي، ته به گدري جوکو. (پھاڪو)
ٻنهي حالتن ۾ گدري کي ئي ڏک سھڻو آهي.
3. ڪاٺ سان گڏ، لوهه به تري ويندو. (پھاڪو)
4. ڪاٺ کٽو، واڍو ڇٽو. (پھاڪو)
5. ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ، لڇ. (پھاڪو)
لڇ: لڇمي. ۲. ڪن کي خيال ويٺل آهي ته ڪنھن ڪاٺيءَ ۾ ڪھڙو ڀاڳ آهي ته ڪنھن ۾ ڪھڙو.
6. ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار؟ (پھاڪو)
ڪوري ويچارو غريب، پنھنجي روزگار واسطي ڪپڙي اڻڻ ۾ ئي پورو سو ترار ڪيئن ٻڌندو؟
7. ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي اللهه يار. (پھاڪو)
8. ڪارو ڪوئلو، کير ۾ ڌوپڻ سان به اَڇو نه ٿئي. (پھاڪو)
9. ڪارو منھن ڪتي جو، رَٻَ اوتري جي اوتري. (پھاڪو)
10. ڪارو وهي ڪمري وٽ، رنگ نه مٽائي ته عادت ضرور مٽائي. (پھاڪو)
ڪمرو؛ چٽ ڪمرو.
11. ڪاسائيءَ کي ماس جي، ٻڪريءَ کي ساس جي. (پھاڪو)
12. ڪالهوڻي ڪال گئي، اڄ پڻ ڏينھن ٻيو، جنھن ۾ ماڻ پيو، ساراهه رهندي ڪيترو؟ (چوڻي)
13. ڪانگ کي، لڙ ۾ مزو. (پھاڪو)
لڙ: گوڙ، شور.
14. ڪانگ مري ويا آهن، جو لولو حج ڪرڻ هلندو؟ (پھاڪو)
لولا هميشه ڪانگ کائي ويندا آهن. لولا ڪئن ٻاهر سفر ڪرڻ ويندا؟ ڪانگ مري ويا آهن ڇا؟
15. ڪانءَ جي درشٽي، هميشه گوبي تي. (پھاڪو)
گوبو: نڪ مان نڪرندڙ مئل.
16. ڪانءُ ڪبوتر نه ٿئي، توڙي ٻڌجيس سونو پر. (پھاڪو)
17. ڪانياري ٻلي، ڪئي جي/سندي جوءِ. (پھاڪو)
ڪانياري: آڌين، ڊڄڻي، هيڻي. ۲. حقيقت ڪري ڪوئو پاڻ ٻليءَ ڀر ڊڄندو آهي پر حالتن سارو ٻليءَ کي به ڪوئي جي آڏو آزي ڏيڻي پوي ٿي.
18. ڪاڻا سوامي، نمسڪار! چي؛ بابا لڙائيءَ جا پار. (پھاڪو)
19. ڪاڻو پٽ، کاٽائو به چڱو. (چوڻي)
20. ڪاڻو چاهي، ته ٻين جي اک نڪري ته چڱو. (پھاڪو)
21. ڪاڻي وسوڙي، چي؛ مڙس ويو اٿم اک کي. (پھاڪو)
ڀورڙي اِستري اِهو به وشواس ڪري ته سندس ڀتار سندس لاءِ اک ڳولهڻ ويو آهي.
22. ڪاڻي وڻي ڪا نه، ڪاڻيءَ بنا سري ڪا نه. (پھاڪو)
23. ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾، سنڪٽ گهڻا. (پھاڪو)
سڪنٽ: اٽڪون.
24. ڪاهيندڙن جي پٺ ۾، ڀڄندڙن جي اڳ ۾. (ورجيس)
25. ڪتا ڀؤنڪ ته ميڪون ننڊ آوي. (گفتار)
26. ڪتا تو نه منھن، تنھنجي ڌڻيءَ منھن. (گفتار)
27. ڪَتِ به ڪُنبَ به ڇو ته اڳيان توريندڙ تکا،
جي اگهيو ته پاءُ، نه ته مڻ به موٽايو ويندءِ. (چوڻي)
ڪنب : ڪنبڻ، ڊڄڻ. اگهڻ: قبول پوڻ. تکا: هوشيار.
28. ڪتن کان سواءِ، شڪار ڪو نه ٿيندو. (پھاڪو)
29. ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري. (ورجيس)
30. ڪتو جنھن کي چڪ پائي، پادر به تنھن کي لڳن. (پھاڪو)
31. ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان. (پھاڪو)
32. ڪتو ڪتي کي نه سهي، فقير فقير کي نه سهي. (چوڻي)
33. ڪتو، ڪڙم جو ويري. (پھاڪو)
34. ڪتو؛ نه ڏسندو، نه ڀوڪندو. (پھاڪو)
35. ڪتو وِهي، ته به پڇ لٽڪائي وهي. (پھاڪو)
36. ڪتو ۽ ڪپاٽ، ٽوڙهي سان ٽپائجي،
ساڌو ۽ سپاٽ، وهارجي وچ ۾. (چوڻي)
ڪپاٽ: نالائق. سپاٽ: لائق. ٽوڙي: نوڙي. ۲. ڪتي ۽ نالائق کي نوڙيءَ سان ٽپائجي پر ساڌو سنت ۽ لائق کي مانَ شانَ سان وچ ۾ ويھاري آدرڀاءُ ڪجي.
37. ڪتي جا ڏند، گڏهه جو ماس. (پھاڪو)
ڪتي جا ڏند به ڪنا ته گڏهه جو ماس به گندو. بڇڙي ماڻهوءَ سان، بڇڙو ئي پڄي!
38. ڪتي جو پڇ، ٻارنهن مھينا نڙ ۾ وجهڻ سان سڌو نه ٿئي. (پھاڪو)
39. ڪتي کي کُٽي کڻي، ته ڊوڙي مسجد ڏانهن. (پھاڪو)
40. ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري نه ٿي. (گفتار)
41. ڪٿي اگهي ڪين، ڪٿي لڀي ڪين. (ورجيس)
42. ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا. (پھاڪو)
ڪي چور ڍورن کان سواءِ سڃا ته ڪٿي ڍور جهنگلن ۾ هڪليندڙن کان سواءِ سڃا پيا لڳن.
43. ڪٿي ڏنائين آل جال، ڪنھن کي ڏنائين سڪ سرير ۾. (چوڻي)
آل: اولاد. جال: ججهو.
44. ڪٿي گنگو تيلي، ڪٿي راجا ڀوڄ؟ (پھاڪو)
45. ڪُٽِ ڍڳي جو، ماءُ ڀيڻ سان خار. (چوڻي)
خار هئڻ ڪري ڍڳي کي ڪٽڻ.
46. ڪپڙو سو، جو ڪشادو. (چوڻي)
ڪپڙو ڪشادو سبائڻ سٺو آهي، جو پاڻيءَ ۾ وجهڻ سان سسي سگهي ٿو.
47. ڪپڙي کي پٽي پوندي، نه پيٽ کي. (چوڻي)
48. ڪجهه اللهه مٺي، ڪجهه اگهه مٺي. (ورجيس)
ڪجهه فصل گهٽ لٿو ۽ وري بازار ۾ وڪڻڻ وقت اگهه گهٽ مليو. ٻنهي پاسي نقصان ٿيو.
49. ڪڃريءَ جو يار، بهريءَ جو شڪار؛ سدا خوار. (چوڻي)
50. ڪچي وزيران، ٿئي ٺُـڙڪو ٺَڪُرُ. (پھاڪو)
ٺڙڪو: هلڪا، نول، ننڍا. اَڻ آزمودگار وزيرن (صلاح ڏيندڙ) مان وري راجائون راڄ ڪندڙ به هلڪا نڪرن. صلاحون ڏيندڙ جيڪڏهن اڻ آزمودگار آهن ته اُنهن جي صلاح وٺندڙ اهڙا ئي ٿيندا.
51. ڪچيءَ ڪنا نه وريا، ته پڪيءَ ڇا ورندا. (پھاڪو)
52. ڪڇان ته پٽجن مڇان، نه ته ويٺو لڇان. (گفتار)
53. ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين. (چوڻي)
54. ڪَڇُن کنئي، ڦڦڙ پيا ڏسجن. (ورجيس)
55. ڪڍ ڪڪڙِ دائري مان، وڻ ٿي وڃائي. (گفتار)
56. ڪڍي ڪاڍارا، ڏئي اُڌارا! (ورجيس)
ڪاڍارا: ڪاڍارا ڪڍڻ. ۲. اينگهجي، اينگهجي ڪا شيءِ هٿ ڪري، وري اُڌارو ڏيئي ڇڏجي ته ڪھڙي عقلمندي آهي؟
57. ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾. (ورجيس)
انسان جي مٿان ڪڏهن تڪليف جا بار (ڀري) آهن ته ڪڏهن ڀاڪرن ۾ (سکن ۾) آهي.
58. ڪڏهن تولو، ڪڏهن ماسو، ڪڏهن خرار، ڪڏهن ڪاسو. (ورجيس)
59. ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ. (پھاڪو)
سنڌ ۾ پلن مارڻ لاءِ، مهاڻا مٽ پيٽ سان ٻڌي، درياهه ۾ گهڙندا آهن. پلن مارڻ کان پوءِ، وري مٽ ۾ پلا وجهي، مٿي تي رکي گهر واهي ٿيندا آهن. پھاڪي وارو رڳو ڏيکاري ٿو ته ڪڏهن ڪير هيٺ آهي، ته ڪڏهن ڪير مٿي آهي.
60. ڪڏهن مئا به مَسَاڻَ مان موٽيا آهن؟ (پھاڪو)
61. ڪڏهن هاڙھي هياس، اڄ ڀِچان ته ڀيچي نه ٿيان. (ورجيس)
ڀيچي: ڀائيوار، مدد ڪندڙ.
62. ڪر چڱائي ڄٽ سان، ڦيري هڻئي پٽ سان. (چوڻي)
63. ڪرمن جي وهي، برهما به ڪو نه جاچي. (چوڻي)
64. ڪرم هيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي. (چوڻي)
بلد: ڏاند.
65. ڪرند پسند، ڏيند لهند. (چوڻي)
جيڪي ڪيو آهي تنھن تي راضي ٿي پسند ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڏجي ٿو سو ملي ٿو.
66. ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي. (چوڻي)
هيئن به چون؛ ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شتريا گهول پتاشا پيوي.
67. ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا نان کائي. (ورجيس)
ڪسيرو: مني پائي.
68. ڪشيئي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان،
ٽپيئي نه کوها، رهيئي نه جوئا. (چوڻي)
ڪمان مان تير سنڀالي ڇوڙجي، ضامن نه پئجي، کوهه نه ٽپجي، جوا تي نه ويھجي.
69. ڪَڪر ڏسي، دلا نه ڀڃجن. (پھاڪو)
70. ڪُڪڙ ڪورين جي، نانءُ وڏيري جو. (ورجيس)
71. ڪکان ڪوڙي باهه، غُلامان دوستي،
يار نه ڪجي؛ ڏوم، پيادو، پوستي. (چوڻي)
ڪکن جي باهه ۽ غلام جي دوستي ڪوڙيون سمجهڻ گهرجن. اھڙيءَ طرح ڏوم (لنگھي، مڱڻھار)، پيادي (سپاھي) ۽ پوستيءَ (نشئي) سان دوستي نه رکجي. ساڻن پيادل نه وڃڻ گهرجي، جو انھن سڀني تي ويساھ ڪونهي.
72. ڪک پاڻيءَ تي ترن، گوڏا پيٽ ڏانھن ورن. (پھاڪو)
73. ڪک جو چور، سو لک جو چور. (چوڻي)
74. ڪَکَ سان به وير نه وجهجي. (چوڻي)
75. ڪک هيٺان، لک پيو آهي. (پھاڪو)
هيئن به چون؛ ساريءَ هيٺ، ڀتر.
76. ڪلام، ڪنڌ ڀر هڻندو. (چوڻي)
ڪلام: ايشور جو آواز. مسلمانن جو ڪلمو. ۲. انياءُ ڪندڙ کي ايشور جو آواز ڪنڌ ڀر هڻندو.
77. ڪماليت کي، زواليت. (چوڻي)
78. ڪمبختي اَچي ته اُٺ چڙهيل کي به ڪتو چڪ پائي. (پھاڪو)
79. ڪم ٿورو، ڦڙ ڦڙ گهڻي. (ورجيس)
80. ڪَم پِرين سڀڪو آهي، چَم پرين ڪو نه آهي. (چوڻي)
ڪم ڪارج ڪندڙ ماڻھو، هر ڪنھن کي پرين (پيارو) آهي. چم پرين (چمڙيءَ پيارو، سونهن وارو) ڪنھن کي پسند ڪو نه آهي.
81. ڪم پوي، ڪل پوي. (چوڻي)
ڪنھن ۾ ڪم پوي، پوءِ انھيءَ جي ڪل (سڌ) پوي. ۲. جيستائين ڪم نه پيو آهي، تيستائين خبر پئجي ڪا نه سگهندي.
82. ڪم خرچ، بالا نشين. (ورجيس)
گهٽ خرچ ڪري ۽ اعلى درجو حاصل ڪريو.
83. ڪم شروع ٿيو، اڌ پورو ٿيو. (چوڻي)
84. ڪم قوت، آڪڙ بهت؛ مار کائڻ جي نشاني. (چوڻي)
بدن ۾ طاقت هجي گهٽ ۽ آڪڙ ڪجي گهڻي ته مار کائڻ جون نشانيون آهن.
85. ڪم، ڪم کي ئي سيکاريندو. (چوڻي)
86. ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو. (پھاڪو)
ڊکڻ: واڍو.
87. ڪمند ڪڙو لڳي ته وات کي ڏوهه ڏجي. (پھاڪو)
88. ڪم نه ڪار، ڀانگا ويهي ٻار. (چوڻي)
ڀانگا: ڇيڻن جو قسم.
89. ڪُمھلو مھمان، پاڻ کي پِٽائي. (چوڻي)
ڪمھلو: بنا مھل جي آيل، بي وقتو آيل.
90. ڪميڻو پنھنجي ڪميڻائپ مان، ڪڍي نه ڪاف. (چوڻي)
91. ڪنڀر جو دلو ڀڳو، منھنجي مٽي چيڪي. (چوڻي)
92. ڪنڀر جي گهر، ڀڳل دلا. (پھاڪو)
93. ڪن پراوا ٿيا، واليون به ٻرايون ٿيون. (چوڻي)
94. ڪن جو کلڻ کپت جھڙو، ڪن جو روئڻ راحت جھڙو. (چوڻي)
کلي گهر ڪرڻ يعني نه کلي ڪجهه گهر ڪري ڇڏايون. ڪن جي روئڻ ۾ راحت.
95. ڪِن جي آئي، ڪِن جي ڄائي. (چوڻي)
گهر ۾ ڪن جي اچڻ ڪري جھڙوڪ نونهن وغيره ڪري ڀاڳ کلي پوندو آهي، وري ڪنھن جي ڄائي ڀاڳ کلندو آهي.
96. ڪِن جي اڳياڙي، ته ڪن جي پڇاڙي. (چوڻي)
97. ڪِن جي ماني ڪري نه مور، ڪن جا ٽڪر ٿو ٽيڻا ڪري. (چوڻي)
98. ڪنڌيان پار، قنڌارون پار. (پھاڪو)
99. ڪنڊو لڳو آ پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو. (ورجيس)
100. ڪنڊو لڳو اٿس پير ۾، کوٽي ٿو گوڏو، چي؛ اڳ ٿو وٺانس. (ورجيس)
101. ڪنڊو، ڪڍي ڪنڊي کي. (پھاڪو)
ڪنڊو ئي ٻئي ڪنڊي کي آسانيءَ سان ڪڍي سگهندو آهي. ۲. چور کي چور جهلي سگهندو آهي.
102. ڪِنُ ڪِنَ سان ڪين ڌوپندو. (پھاڪو)
103. ڪَن کي ڇڪ، ته مٿو پاڻيهي ڇڪجي ايندو. (پھاڪو)
104. ڪنگر ۾ ڪڪڙا، پڙي مبارڪ. (پھاڪو)
اَڃا ڪڪڙا پيا پاڻيءَ ۾ پسن ته پڙي کي مبارڪون پيئون ملن.
105. ڪن ۾ ٻڌل اکر، پاڻ پريان ٻڌڻ ۾ اچن. (چوڻي)
106. ڪنن جي ڳالهين، مير بجر کي مارايو هو. (چوڻي)
107. ڪنن ۾ ڏٽا، اکين تي پٽا. (ورجيس)
108. ڪِنو سهن، پر ڏِنو نه سهن. (ورجيس)
109. ڪنھن جي ٻڪري، ڪير وجهي گاهه! (گفتار)
ڪنھن جي شيءِ آهي ۽ ڪير سنڀالي؟
110. ڪني آڱر، وڍي ڀلي. (پھاڪو)
111. ڪني اِڳڙي، ڪنڊ ۾ ڌوئجي. (پھاڪو)
112. ڪُني ڦرائجي، ٻني نه ڦرائجي. (پھاڪو)
113. ڪني ڪاڻ، ڳئون چاريم ڳوٺ جون؟ (پھاڪو)
114. ڪِنين ماضي من ۾، ڪنين اِستقبال،
حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي. (پھاڪو)
ماضي: گذريل. اِستقبال: آئينده. حال: هلندڙ وقت. حيف: شرم.
115. ڪڻڪ سان گڏ، گُهڻا به پيسجن. (پھاڪو)
گُهڻا: جيت.
116. ڪڻڪ ڪڍي، بُهَه کي ڏجي باهه. (گفتار)
ڪنھن ڳالهه مان سٺي ڳالهه ڪڍي، باقي نڪمي شيءِ کي باهه ڏيئي ڇڏجي.
117. ڪڻڪ کري ته ٻڻڪ ڪري، جوئر کري ته ڪاڻي ڪري. (پھاڪو)
118. ڪڻ کاڌو، ته مڻ کاڌو. (پھاڪو)
119. ڪوڏي حرام، بجڪو حلال. (ورجيس)
120. ڪورو دلو، ڪلر ڪري. (پھاڪو)
نئون دلو زمين تي رکبو ته منجهانئس پاڻي ٽمي ڪلر يعني لوڻياٺي زمين ڪندو. اَڻ آزمودگار ماڻھو به ڪم بگاڙيندو.
121. ڪوري پلوين، نه پائجي. (پھاڪو)
ڪورو: اڻ ڌوتل، اڻ استعمال ٿيل.
122. ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ اُن ۾ پوي. (پھاڪو)
123. ڪوري هڻ نڙو، ته نه ٿئي دڙو. (پھاڪو)
ڪوري ڪپڙي اڻڻ واري کي چيو ٿو وڃي ته نڙو هڻ جيئن نه هڻڻ ڪري وري اُتي دڙو يعني ڌاڳو ٻاهر نڪري ڳنڍ ڪري. مطلب ته ماٺ ڪري نه ويھ، ڪم ڪندو هل.
124. ڪوريءَ جي من ۾، جيڪي هوندو سو ئي اُڻندو. (پھاڪو)
125. ڪُوڙاڻ قبولجي، ميٺاڄ واسطي. (پھاڪو)
126. ڪوڙ؛ ايمان جي ڪتر آهي. (چوڻي)
127. ڪوڙ ته ڪھڙو صرفو؟ (چوڻي)
ڪوڙ ڳالھائڻ ۾، سنجم ڪھڙو ڪبو؟
128. ڪوڙ جي پاڙ، ٺڪريءَ تي. (چوڻي)
129. ڪوڙ چڱو انھيءَ سچ کان جو مصيبت آڻي. (چوڻي)
130. ڪوڙهيو ڪتو، کنهڻ کان سواءِ نه رهي. (پھاڪو)
131. ڪوڙي اُستتي، نندا جي نالي. (پھاڪو)
132. ڪوڙي جي ڳالهه؛ کُڏ جي ڊوڙ. (پھاڪو)
133. ڪوڙي ساراهه ڪرڻ به گلا وانگر آهي. (چوڻي)
134. ڪوڙي سڄڻ کان، سچو ويري به چڱو. (پھاڪو)
135. ڪوڙي کي، کُڻين کُٽائجي. (پھاڪو)
کڻين: قسم. کُٽائڻ: ڏيوالو. ڪوڙي ماڻهوءَ کي قسم کڻائي ڏيوالو ڪڍائي ناس ڪجي.
136. ڪوسا ناوڻ، ٿڌا کاوڻ، ته ويڄ پاس نه جاوڻ. (طبي، چوڻي)
137. ڪوسو پاڻي، ڪک ڪو نه ساڙي. (پھاڪو)
138. ڪُونڊي ڪي اِس طرف يا اُس طرف. (ورجيس)
يا هيڏانهن يا هوڏانهن. هڪ هڪاڻي ڪرڻ.
139. ڪونھي سؤ، ڪونهي ڀؤ. (پھاڪو)
ناڻو ڪونهي، ته ڊپ به ڪونهي.
140. ڪُوَڻِ کي پاڻيءَ جيان، پيڙي پياريم ڪماند،
نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌاتوري ڌرپاند،
ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وڙواند،
جنھن جو بد بنياد، تنھنجو ميوو مٺو نه ٿئي. (پھاڪو)
ڪُوَڻ: خراب وڻ. ڪماند: ڪمند. ڌاتورو: زهري ٻوٽو. ڌرپاند: زمين ۾ لڳل. وڙواند: بي فائدي.
141. ڪوئو کوٽي، منھن ۾ پائي. (پھاڪو)
142. ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شتريا گهول پتاشا پيوي. (پھاڪو)
143. ڪُهَرَ ڪيئن؟ چي؛ ان سنوان! موچڙن سان ڪيئن؟ چي؛ جهولي ئي تنھنجي. (پھاڪو)
144. ڪهڻي سڀڪو ڪهي، پر کرو ڪو وهڻي وهي. (پھاڪو)
145. ڪئلي لاءِ، ٻُڪ پاڻيءَ جو به سمنڊ. (پھاڪو)
146. ڪئن ڏٺي ٻلي، ته دلڙي ٿين ڍلي. (پھاڪو)
147. ڪئو ٻر ۾ پاڻ نه پورو، ويتر ٻڌائين ڇَڄُ. (پھاڪو)
148. ڪئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي؛ مان پساري. (پھاڪو)
149. ڪي پرن ۾ پيڃاريون، ڪي لوهين ۾ لعل! (چوڻي)
150. ڪي ڄمندي ڄام، ڪي عمر ڀر اڀرا. (چوڻي)
ڄام: شھزادا. اڀرا: ڏٻرا.
151. ڪي چني مان چانور ڪن، ڪي چنورن مان چنو ڪن. (چوڻي)
152. ڪي ڏوريءَ ۾ ڏنگ، ڪي سيرائي جي سَلِ. (پھاڪو)
سيرائي: ٽونگ ڪرڻ جو اوزار جنھن ۾ ڏوري وجهي ٽونگ ڪبا آهن. سل: ٽونگ. ۲. ڪجهه ڏوريءَ جي ڏنگاڻ ڪري ڪجهه اوزار جي ڪري ٽونگ برابر نه ٿيندو آهي. ٻنهي پاسي ڀل ٿيل آهي.
153. ڪي ڏوهائي کي ڏوهه، ڪي ساڙهيءَ ۾ سانگهيڙي. (پھاڪو)
ڏوهائي: ڏوهڻ: ساڙهي: ٺڪر جو ٿانءُ. سانگهيڙي: ٿانوَ ۾ ٽونگ.
154. ڪي مينهاڻو، ڪي ريجاڻو. (ورجيس)
ان پوکڻ کان اڳ، زمين ۾ پاڻي وجهي ريج ڪيو ويندو آهي، پوءِ وري جو مٿان مينهن پوندو آهي ته وڌيڪ فائدو ٿي پوندو آهي. ڪنهن کي ٻٽو فائدو ٿيندو آهي ته ائين ظاهر ڪيو ويندو آهي.
155. ڪيئن؟ چي؛ هالا ۽ ڀينءَ. (گفتار)
***