لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ن )

( ن )
1. ناچ نه ڄاڻي، چي؛ اڱڻ اونڌو. (ورجيس)
ناچ نه ڄاڻندڙ، اڱڻ مان ويڪون ڪڍي.
2. نار وهي نه وهي، وٺي رينگٽ کي. (پھاڪو)
3. ناست کان، آست ڀلي. (چوڻي)
اَڻ هوندي کان، هوندي چڱي.
4. نالو ’جيئو‘، ھٿ وجهي نانگن جي ٻرن ۾، سو به نه جيئو. (پھاڪو)
5. نالو نارائڻ جو، کوهي کنگهار جي. (ورجيس)
6. ناناڻا ويا لڏي، ڇتي ڪتي ڇڏي. (پھاڪو)
7. ناناڻن اڳيان ڏاڏاڻا ساراهين، ڏاڏاڻن اڳيان ناناڻا. (ورجيس)
8. نانگ به مارجي، لٺ به نه ڀڃجي. (ورجيس)
9. نانگ به مري، ليڪو به نه ڊهي. (ورجيس)
10. نانگ ٻِـرَ کان ٻاهر ڏنگو، ٻِرَ م وڃڻ وقت سڌو. (پھاڪو)
11. نانگ جو ٻچو نانگ، ڪانگ جو ٻچو ڪانگ. (پھاڪو)
12. نانگ جو ڏنگيل، نوڙيءَ ڀر به ڊڄي. (پھاڪو)
13. نانگ ريجهائڻ سولو، پر کرو ڪو ڳوهه ريجهائي. (پھاڪو)
14. نانگ کي پير، هميشه پيٽ ۾. (پھاڪو)
15. نانگن جا ناڙا، وٽي ڪنھن نه هاٿي ٻڌا هر،
ڪيهر شينهن، ڪنهن نه وٺي گهمايو گهر. (چوڻي)
16. نانگ ويو آهي نڪري، هاڻي رڳو ليڪو پيو ڪُٽجي. (ورجيس)
17. نانءَ چڙهيو واپاري کٽي کائي، نانءَ چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي. (پھاڪو)
18. نانءَ مردان، ڌن آوي جاوي. (چوڻي)
اِنسان جو آهي نالو، باقي مايا ته اَچڻي وڃڻي آهي.
19. ناني جنھن جي نانگن کاڌي، ڏوهٽي تنھنجي وِکُ. (پھاڪو)
20. ناني رڌڻ واري، ڏوهٽا کائڻ وارا. (ورجيس)
21. ناني نوري، جتي ڪٿي پوري. (گفتار)
22. ناڻا گهوريا سرن تان، سر گهوريا شرمن تان. (چوڻي)
انسان جي سر تان ناڻا گهڻيئي پيا ايندا ۽ ويندا پر شرم رکڻ لاءِ پنھنجو سر به گهوري ڇڏجي.
23. ناڻو آهي، شينهن جي ڪن ۾. (چوڻي)
24. ناڻو اَچي ته اَنڌو ڪري، وڃي ته چيلهه ڀڃي. (چوڻي)
25. ناڻو جھڙي تاؤ سان گهڙجي، تھڙي تاو سان نڪري. (چوڻي)
ناڻو MINT يا باهه جي کوري مان گهڙجي ٻاهر نڪرندو تھڙي ساڳئي تاؤ سان جنھن وٽ هوندو آهي اُنهيءَ وٽان نڪرندو آهي.
26. ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو. (پھاڪو)
27. ناڻو؛ رتا وڇوڙي. (چوڻي)
28. ناڻو سٿرو اَچي، سٿرو وڃي. (چوڻي)
29. ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سان جا ڪنٺ. (پھاڪو)
30. ناڻو ڪمائجي مڪر سان، روٽي کائجي شڪر سان. (چوڻي)
مڪر: حرفت، کيڏبازي، چالاڪي. شڪر: کنڊ.
31. ناڻو ڳڻجي، نو دفعا. (چوڻي)
32. ناڻو نانگي جو، هٿون تو شاباس. (چوڻي)
ڪنھن جو ڪم ڪبو ته ناڻو پاڻ خرچيندو، وچ واري کي رڳو شاباس کٽڻي آهي.
33. ناڻو، نر چتو ڪري. (چوڻي)
34. ناڻو؛ نينهن-ٽوڙ. (چوڻي)
35. ناڻي بنا، نر ويڳاڻو. (چوڻي)
36. ناڻي سان ڊپ، ناڻي بنا ڏک. (چوڻي)
37. ناڻي سان سڀڪجهه خريد ڪري سگهجي، پر نه ماءُ، نه پيءُ. (چوڻي)
38. نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙهيا واٽ تي. (پھاڪو)
39. نڀاڳو وڻ هيٺان وهي، تنھن کي به سڪائي. (چوڻي)
40. نچڻ هلي ته گهونگهٽ ڪهڙو؟ (پھاڪو)
41. ندي پار ٿيڻ کان پوءِ؛ تون ڪير؟ مان ڪير؟ (پھاڪو)
42. نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار. (پھاڪو)
43. نرڌن کي آدر، ڪري نه ڪوءِ. (چوڻي)
44. نر نگر، نار نصرپور، نرت نورائي،
هلي ڏسي جوڻ، جتي ڪپهه جو واپار آ جائي. (چوڻي)
45. نڙيءَ کان هيٺ ٿيو، نرڳ ٿيو. (گفتار)
46. نزلو، هميشه ضعيف عضوي تي ڪري. (پھاڪو)
47. نقارخاني ۾ طوطي جو آواز ڪير ٻڌندو؟ (پھاڪو)
نقارخانو: جتي نقارا وڄن.
48. نکمڻو واڻيو، ڀتر ڀوري. (پھاڪو)
49. نڪا حب هوتن ۾، نڪو جس جڏين ۾. (ورجيس)
50. نڪا سَڙَڪَ سڌي کپي، نڪو ساٿ سپاهه،
چاڪيءَ سندي ڏاند کي، گهر ۾ ڪوهه پنجاهه. (چوڻي)
چاڪي: چڪي پيھندڙ. ساٿ: ساٿي. سڙڪ: رستو. سپاهه: سپاهي، سنڀالي ڪندڙ.
51. نڪا ڪمي گهوٽ ۾، نڪا ڪمي ڪنوار ۾. (ورجيس)
52. نڪا هوند، نڪو شڪر. (ورجيس)
53. نڪي پاراتن ۾، نڪي منجهه دعا،
اَنگ اڳيئي لکيا، پاڙڻ پوءِ پيا. (چوڻي)
54. نڪي دٻگرن مال ميڙيو، نڪي سُرهيا بک مئا. (چوڻي)
دٻگر: ڪن ميڙيندڙ. سرهيا: سرھاڻ وارا. ۲. نڪي ڪن ميڙيندڙ شاهوڪار ٿيا، نڪي خوشبوءِ وارا بک مرندا.
55. نماز گهڻيئي چڱي، پر رڳو اُٿ ويهه ماري. (ورجيس)
56. نمڪ کائي، نمڪ دان نه ڀڃجي. (چوڻي)
57. ننڍڙو ٻار، مڇ جو وار، جيڏانھن وراءِ، اوڏانهن وري. (چوڻي)
مڇ جو وار، ماڻهوءَ جو ٻار، جئن موڙجي تئن مڙي.
58. ننڍي مري نه مايڙي، ٻڍي مري نه جوءِ،
ڪنت چوڙيلي نا مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ. (چوڻي)
ڪنت: مڙس. چوڙيلي: ننڍي نيٽي زال. ۲. ننڍي هوندي ڪنھن جي ماءُ مري ته دکي ٿيندو، برڌ اوستا ۾ ڪنھن جي زال مرندي ته به دکي ٿيندو. ڪنھن زال جو جوانيءَ ۾ مڙس مري ويندو آهي ته انھيءَ کي ماڻھو جهڻڪي ويندا آهن.
59. ننڍي وات مان، وڏو ويڻ نه ڪڍجي. (چوڻي)
60. ننگو نچي، مرم لڪي. (چوڻي)
61. ننهن رکڻ ڏينس، ته سر ڳيهي وڃي. (ورجيس)
62. ننهن سان ڇڄي، ته ڪاتي ڇو وجهجي؟ (پھاڪو)
مٺ محبت سان ڪم ٿي اَچي ته پوءِ ڪاتيءَ جھڙي تکي ڳالهه ڇو ڪجي!
63. نوان قاعدا، نيون ٺڳيون. (چوڻي)
64. نور کان سواءِ، سڀ ڪوڙ. (چوڻي)
65. نوڪر اڳيان چاڪر، چاڪرن اڳيان چُوڪر. (چوڻي)
66. نوڪر جي جتي، هميشه در کان ٻاهر آهي. (چوڻي)
67. نوڪر گهڻا، پوئواري ٿوري. (چوڻي)
68. نوڪر ۽ ڏوڪڙ، وقتائتا مٽائجن. (چوڻي)
69. نوڪري برطرف، روزي هر طرف. (چوڻي)
برطرف: موقوف، برخواست، جواب ملڻ.
70. نوڪري؛ ڪن جي ٽوڪري. (چوڻي)
71. نوڪريءَ جي پاڙ؛ زبان ۾. (چوڻي)
72. نون ميهارن ميهون ڌاريون، کٿا لاهي دونهيون ٻاريون. (پھاڪو)
ميهار ماڻھو ڇيڻا ڪٺا ڪري دونهي ٻاريندا آهن پر نوان ميهار وري پنھنجا کٿا وجهي دونهيون دکائين!
73. نوَ نوهاڻي، ڏهه حقا ته هرلا پڪا، نوَ نوهاڻي نوَ حقا ته هرلا سڪا. (چوڻي)
74. نه آهي ته به پچ، آهي ته به پچ. (چوڻي)
پچ: ساڙ پچ.
75. نه آهي چانديءَ جي ريت، نه آهي سونَ جي توفيق. (ورجيس)
76. نه اوڌوءَ ڪا لينا، نه ماڌوءَ ڪو دينا. (ورجيس)
77. نه پاروٿو بچي، نه ڪتو در تي اَچي. (ورجيس)
کاڌو پاروٿو بچندو ئي ڪو نه ته ڪتو به در تي ڪو نه ايندو.
78. نه ڄمي، نه ڍولڪ وڄي. (ورجيس)
ڪجهه ڄمندو به ڪو نه ته ڍولڪون به ڪو نه وڄنديون.
79. نه ڏجي، نه ڏکوئجي. (ورجيس)
80. نه سدا سنگ سھيلي، نه سدا سنگ راجا ويس. (چوڻي)
سدا: هميشه، سھيلي: استريءَ جو سنگ. ۲. نه هميشه استريءَ جو سنگ قائم آهي نڪي راجا جا ويس پٽ پٽنبر هميشه قائم آھن. سڀ ڪجهه بي بقا آهي.
81. نه ڪتي، نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي! (ورجيس)
82. نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آهي، نه ڪنھن کي عقل منجهايو آهي. (چوڻي)
83. نه ڪنھن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنھنجو پٽ ڦاڙائجي. (پھاڪو)
84. نه ڪُهڻ جو، نه ڏهڻ جو. (ورجيس)
85. نه کڙ، نه تيل! (ورجيس)
86. نه لاءُ، نه ساءُ. (ورجيس)
بلڪل بي سوادي.
87. نه لنوندي، نه جهوندي. (ورجيس)
ڪنھن به کٽ پٽ جي پرواهه نه رکڻ.
88. نه هوندو بانس، نه وڄندي بانسري. (پھاڪو)
بانس جو وڻ هوندو ئي ڪو نه ته بانسري به ڪو نه وڄندي، ڇاڪاڻ ته بانس مان، بانسري ٺاهي وڄائبي آهي.
89. نئن به تکي، ڳڙ به مٺو. (پھاڪو)
90. نئين سنياسڻ، چيلهه ۾ جٽائون. (پھاڪو)
سنياسي جٽائون مٿي تي رکن، پر نيون سنياسڻيون چيلهه ۾ جٽائون ٻڌن!
91. نئين ڪنوار نوَ ڏينھن، ڇڪي تاڻي ڏهه ڏينھن. (چوڻي)
نئين ڳالهه جو چھچٽو فقط ٿورا ڏينھن آهي.
92. نياپن سان نينهن، موران ڪو نه ٿئي. (چوڻي)
93. نياڻي؛ ست قرآن. (چوڻي)
مسلمان به چون ٿا ته هڪ نياڻي ستن قرآنن سمان آهي، هندو به هن ريت چوندا آهن.
94. نيت بد، روٽي اَڌ. (چوڻي)
95. نير جو ٽڪو لهي وڃي، پر گلا جو ٽڪو نه لھي. (چوڻي)
96. نيڪي برباد، گناهه لازم. (ورجيس)
97. نيڪي ڪر، درياهه ۾ لوڙهه. (چوڻي)
98. نيڪي ۽ پڇ پڇ. (چوڻي)
نيڪي ڪندڙ کان پڇ پڇ وري ڪھڙي ڪبي؟
99. نيم طبيب، خطره جان، نيم ملا، خطره ايمان. (چوڻي)
100. نينگر به ننڍي، جمعا به گهڻا. (چوڻي)
***